دسهڙو: دسهڙو، هندن جو هڪ اهم تهوار/ ڌرمي ڏِڻ آهي، جيڪو هر سال وڪرمي مهيني اَسُوءَ جي ڏهين تِٿ (سيپٽمبر- آڪٽوبر) تي ملهايو ويندو آهي. دسهڙي کي ’وجئه لڪشمي‘ به چوندا آهن. دسهڙو، راڪشس راوڻ جي ڏَهن سِرَن ڪٽجڻ ۽ سيتا جي آزاد ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ڀارت، سريلنڪا، نيپال، پاڪستان (سنڌ) ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ هندو وڏي اهتمام سان ملهائيندا آهن. روايت موجب تريتا يُگ ۾ راڪشس راوڻ پاران ڀڳوان شري رامچندر جي پتني سيتا کي اغوا ڪرڻ تان شري رامچندر ۽ راڪشس راوڻ جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي. راوڻ کي ڏهه سِر هئا، جيڪي هيـٺيـن حـالـتـن سـان مـنـسـوب هـئـا: (1) ڪام (نفسياتي خواهش: Lust)، (2) ڪـروڌ (ڪــاوڙ: Anger)، (3) مـوهـه (Delusion)، (4) لوڀ (لالچ: Greed)، (5) مَــد (وڏائـي: Over pride)، (6) مـتـسـرا (حـســد: Jealousy)، (7) مَــنـس (انسـانـي دمـاغ: Mind)، (8) ٻُـڌِي (سمـجهه/ عـقـل: Intellect)، (9) چِتا (مَن: Will)، ۽ (10) اهنڪار (خودثنائي: Ego).
جنگ دوران راوڻ جو ڏهن ڏينهن تائين روزانو هڪ سِر ڪٽبو هو، آخرڪار راوڻ جو انت ٿيو ۽ شري رامچندر، سيتا کي وٺي، پنهنجي ڀاءُ سان گڏ واپس ايوڌيا آيو. اهو سمورو قصو ڌرمي ڪتاب ’رامائڻ‘ ۾ رچيل آهي.
آڳاٽي زماني ۾ دسهڙو، خاص سير ۽ شڪار لاءِ مقرر هو، اِن ڏينهن تي ماڻهو تِيرَ ۽ تلوارون کڻي، جهنگ ۾ وڃي خوفناڪ جانورن جو شڪار ڪندا هئا، جنهن گهڻو شڪار ڪيو، سو بهادر ۽ جنهن گهٽ شڪار ڪيو سو هيڻو ليکبو هو، پر هاڻي هن مصروف دؤر ۾ ائين نه ٿو ٿئي. ان ڏينهن تي صرف درگا ماتا جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، ڇو ته هندن ۾ هڪ عقيدو آهي ته سيتا، لنڪا مان هڪ ديويءَ جي روپ ۾ واپس ايوڌيا آئي هئي. هي ڏڻ سنڌ توڙي هند جا هندو هر سال ڌام ڌوم سان ملهائين ٿا.