دعا
دعا: دعا خداوند تعاليٰ کان گناهن کان بچاءُ، نعمتن جي نوازش ۽ چڱڀلائيءَ لاءِ گهُري ويندي آهي. دعا کي الله ۽ انسان جي وچ ۾ رابطي جو آسان وسيلو سمجهيو ويندو آهي. دعا جو مطلب پنهنجي رب کان هر قسم جي ضرورت طلب ڪرڻ آهي. الله تعاليٰ جو قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته: ”اي نبي صلي الله عليه وسلم! جيڪڏهن منهنجا بندا تو کان منهنجي باري ۾ پُڇن ته انهن کي ٻُڌاءِ ته مان انهن کي ويجهڙو آهيان. سڏ ڪندڙ جڏهن مون کي پُڪاري ٿو ته مان اُن جو سڏ ٻُڌندو ۽ اُن جو جواب ڏيندو آهيان، تنهنڪري انهن کي کپي ته منهنجي دعوت تي لبيڪ چون ۽ مون تي ايمان آڻين.“ (البقرة: 186) قرآن شريف جي هڪ ٻي آيت جو مفهوم هي آهي ته: ”جڏهن ٻانهو هر پاسي ۽ هر طرح کان مايوس ۽ لاچار ٿي مون ڏانهن هٿ کڻي مون (ربّ) کي سڏي ٿو (دُعا گهُري ٿو) ته مان ان جي مشڪلاتن کي حل ڪندو آهيان ۽ ان جي تڪليف دُور ڪندو آهيان.“
حضرت نعمان بن بشير رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته دعا عبادت جو مغز ۽ جوهر آهي. الله تعاليٰ حڪم فرمايو آهي ته دعا گهرو ته مان قبول ڪريان. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن دعا جو طريقو اهو سمجھايو آهي ته بندي کي گھرجي ته پهريائين الله جي حمد ۽ ثنا ڪري، صلوات پڙهي ۽ پوءِ مطلب جي ڳالهه ڪري.
حضرت شيخ ابو سليمان داراني رحه فرمايو آهي ته هر عبادت قبول يا نه قبول ڪرڻ جو اختيار رب تعاليٰ کي آهي. ٻانهي کي اميد رکڻي آهي. حضرت امام فخرالدين رازيءَ جو قول آهي ته صلوات سڳوري فعل الاهي آهي ۽ استغفار يا دعا انساني فعل آهي. ان ڪري درود پڙهي دعا گهربي ته اها ترت قبوليت جو درجو ماڻي ٿي.
حضرت بن عمر رضه'>عبدالله بن عمر رضه فرمائين ٿا ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته اوهان مان جنهن تي دعا جو در کليو، ڄڻ ته رحمت جو در کليو. حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته پنج ماڻهو اهڙا آهن، جن جي دعا قبول ڪئي وڃي ٿي. (1) مظلوم جي دعا، (2) حج جي مسافر جي دعا، (3) مجاهد جي دُعا، (4) بيمار جي دعا ۽ (5) هڪ ڀاءُ جي ٻئي ڀاءُ لاءِ ان جي غير موجودگيءَ ۾ گهُريل دعا. نبيءَ سڳوري جي امت لاءِ دعا، مرشد جي مريدن لاءِ دعا، استاد جي شاگردن لاءِ دعا، ماءُ پيءُ جي اولاد لاءِ دعا، دوست جي دوست لاءِ دعا، بزرگن جي واسطيدارن، ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ دعا الله تعاليٰ قبول فرمائي ٿو.