دعا مان ڪريل لفظ

دعا مان ڪريل لفظ

دعا مان ڪريل لفظ

دعا مان ڪريل لفظ (ڪتاب): هي شاعراڻي نثر تي مشتمل ڪتاب سعيد سومري جو لکيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ”هن ڪتاب کي سوين اکيون آهن“ جي عنوان سان سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر ايوب کوسي لکيو آهي. جڏهن تہ ڪتاب بابت ”آدرشن جا آستانا“ جي عنوان سان ولي رام ولڀ ۽ ”انمول قطري جملا“ جي عنوان سان سنڌ جي ڏاهي اديب محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. ’پنھنجي پاران‘ سعيد سومري جو لکيل آهي.
ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل، ڪچي جلد سان هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران آگسٽ 2006ع ۾ ڇپيو. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو