دقيقي: فارسيءَ جو مشھور شاعر دقيقي ايران جي شھر بخارا جو رهاڪو هو. ان وقت بخارا ايران جي گاديءَ جو هنڌ هو. دقيقيءَ جي زماني ۾ نوح بن منصور تخت نشين ٿيو، جنهن کيس درٻار ۾ گهرائي شاهنامي جي تصنيف جو ڪم ڏنو. هن نوح بن منصور جي خواهش تي شاهنامو لکڻ شروع ڪيو. سندس اُهي شعر بعد ۾ مشھور شاعر فردوسيءَ شاهنامي ۾ شامل ڪيا ويا. فردوسيءَ جي شاهنامي ۾ اهڙو ذڪر موجود آهي. دقيقي پنھنجي شاعريءَ ۾ هند ۽ سنڌ جو ذڪر ڪندي اتان جي حاڪمن کي ’شاهان سنڌ‘ ۽ ’شاهان هند‘ لکيو آهي. دقيقيءَ کي سندس هڪ خوبصورت غلام قتل ڪيو هو.