دق جو تپ سِلههَ

دق جو تپ/ سِلههَ (Tuberculosis): دق ۽ سل عربي لفظ آهن، جن جي معنيٰ ڳاراڻو، ڏٻرائپ ۽ سنهو ٿيڻ آهي. طب جي اصطلاح ۾ اهڙو متعدي بخار، جنهنڪري مريض ڪمزور ٿي ويندو آهي. عام طور ڦڦڙن جي زخم سبب ٿيندڙ بخار کي دق ۽ سلهه چئبو آهي. هن مرض جو سبب هڪ جراثيم آهي، جنهن جو نالو Bacillustuberculosis آهي. هيءُ جراثيم عام طور ڦڦڙن تي اثر انداز ٿئي ٿو، ان کانسواءِ جسم جي ڪنهن به عضوي کي متاثر ڪري سگھي ٿو. شهرن ۾ هيءُ مرض گھڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڪثر هيءُ مرض خراب آبهوا، گندين جھوپڙين ۽ گندي ماحول ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٿئي ٿو. هيءُ مرض هر عمر واري کي ٿي سگھي ٿو، پر وڏيءَ عمر وارن کي گھٽ ٿئي ٿو. ٻارڙن ۾ هيءُ مرض هڏين، غدودن، دماغ ۽ پٺيءَ جي ڪنڊي کي متاثر ڪندو آهي. هيءُ مرض ماءُ، پيءُ کان وراثت طور به ملي ٿو. دق تپ جا ٻه قسم ٿين ٿا: دق صادق ۽ دق ڪاذب.
مرض جون نشانيون: شروعات ۾ هن مرض جون نشانيون ايتريون ظاهر نه هونديون آهن، جنهن سان هن مرض جي خبر پئجي سگھي. زڪام، کنگهه، سيني جو سور، ڳلي جي تڪليف سان هيءُ مرض ظاهر ٿئي ٿو. ڪڏهن هن مرض ۾ بدهضمي، بک نه لڳڻ، بي قاعدي بخار، دل جو ڌڙڪو، سُستي، تڪڙا ساهه، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ۽ ڪمزوري وڌندي ويندي آهي. پهرين خشڪ کنگهه ٿيندي آهي. ان کانپوءِ کنگهه ۾ بلغم خارج ٿيندو آهي. بلغم سان گڏ رت به خارج ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. شام جي وقت هلڪو بخار ٿي پوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو