دق جو تپ/ سِلھہَ (Tuberculosis): دق ۽ سل عربي لفظ آهن، جن جي معنيٰ ڳاراڻو، ڏٻرائپ ۽ سنهو ٿيڻ آهي. طب جي اصطلاح ۾ اهڙو متعدي بخار، جنهنڪري مريض ڪمزور ٿي ويندو آهي. عام طور ڦڦڙن جي زخم سبب ٿيندڙ بخار کي دق ۽ سلھہ چئبو آهي. هن مرض جو سبب هڪ جراثيم آهي، جنهن جو نالو Bacillustuberculosis آهي. هيءُ جراثيم عام طور ڦڦڙن تي اثر انداز ٿئي ٿو، ان کانسواءِ جسم جي ڪنهن بہ عضوي کي متاثر ڪري سگهي ٿو. شهرن ۾ هيءُ مرض گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڪثر هيءُ مرض خراب آبهوا، گندين جهوپڙين ۽ گندي ماحول ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٿئي ٿو. هيءُ مرض هر عمر واري کي ٿي سگهي ٿو، پر وڏيءَ عمر وارن کي گهٽ ٿئي ٿو. ٻارڙن ۾ هيءُ مرض هڏين، غدودن، دماغ ۽ پٺيءَ جي ڪنڊي کي متاثر ڪندو آهي. هيءُ مرض ماءُ، پيءُ کان وراثت طور بہ ملي ٿو. دق تپ جا ٻہ قسم ٿين ٿا: دق صادق ۽ دق ڪاذب.
مرض جون نشانيون: شروعات ۾ هن مرض جون نشانيون ايتريون ظاهر نہ هونديون آهن، جنهن سان هن مرض جي خبر پئجي سگهي. زڪام، کنگهہ، سيني جو سور، ڳلي جي تڪليف سان هيءُ مرض ظاهر ٿئي ٿو. ڪڏهن هن مرض ۾ بدهضمي، بک نہ لڳڻ، بي قاعدي بخار، دل جو ڌڙڪو، سُستي، تڪڙا ساھہ، ساھہ کڻڻ ۾ ڏکيائي ۽ ڪمزوري وڌندي ويندي آهي. پهرين خشڪ کنگهہ ٿيندي آهي. ان کانپوءِ کنگهہ ۾ بلغم خارج ٿيندو آهي. بلغم سان گڏ رت بہ خارج ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. شام جي وقت هلڪو بخار ٿي پوندو آهي.