
پهريون دلائي لاما

موجوده دلائي لاما :Tenzin Gyatso
دلائي لاما: ’دلائي لاما‘ جو لفظي مطلب ’عظيم استاد‘ آهي. دلائي لاما، ٻڌمت جو هڪ روحاني اڳواڻ ٿي گذريو آهي، جيڪو گهڻو وقت اڳ تبت جو حڪمران هو. لاما کي ٻڌ جو اوتار سمجهيو ويندو آهي. روايت آهي تہ موت وقت هن جو روح هڪ نئين ڄمندڙ ڇوڪري جي جسم ۾ داخل ٿئي ٿو، جيڪو پوءِ روايتي آزمائشن تي پورو لھي نئون دلائي لاما بڻجي ٿو، دلائي لاما جو پهريون لقب اختيار ڪندڙ سونم گياشو هو، جنهن کي منگول سردار الطان خان اهو لقب ڏنو هو. اڳوڻن پيشوائن کي بہ لاما سڏيو ويندو ويو. 1950ع ۾ جڏهن چيني ڪميونسٽن تبت تي قبضو ڪيو تہ چوڏهين دلائي لاما ٽينزن گياسو سان سندن تڪرار وڌندو ويو. 1959ع ۾ هڪ ناڪام بغاوت کانپوءِ هُو ملڪ ڇڏي هندستان ۾ رهڻ لڳو. 1989ع ۾ هن کي تبت ۾ چيني حڪومت خلاف عدم تشدد واري احتجاج تي امن جو نوبل انعام ڏنو ويو. 1995ع ۾ نئين نائب جي نامزدگيءَ تي دلائي لاما جا چيني حاڪمن سان اختلاف ٿيا. 1996ع ۾ هن Violence and Compassion نالي ڪتاب شايع ڪيو، جنهن ۾ هڪ فرانسيسي اسڪرپٽ رائٽر سان گڏ هن سياسي ۽ روحاني دلچسپيءَ جي موضوع تي لکيو.
ٻڌمت جي عقيدي موجب دلائي لاما 1391ع کانپوءِ 14 ڀيرا دنيائي روپ ڌاريو آهي، جڏهن بہ ڪو دلائي لاما مرندو آهي تہ تبت جا لاما ان جي نئين مجسم صورت لاءِ نڪري پوندا آهن، يعني ان جي موت کانپوءِ جنم وٺندڙ ڪنهن ڇوڪري کي تبتي ٻڌ برادريءَ جو اڳواڻ بڻايو ويندو آهي. تيرهين دلائي لاما جي وفات تي ڀڪشوئن کي سندس جانشين ڳولڻ لاءِ ڇھہ سال لڳا. انهن ڳولا دوران مختلف علامتن تي نظر رکي، جنم ڪنڊلين کي ڏٺو، خوابن ۽ روحن تي غور ڪيو ۽ ٻين شين مان اندازو لڳايو تہ سندن ڳولا جي شروعات ڪٿان ڪرڻ گهرجي. روايت آهي تہ تيرهين دلائي لاما جي موت کانپوءِ سندس لاش خود اشارو فراهم ڪيو. يعني اُن جو منهن اتر طرف مڙي ويو، جنهن مقبري ۾ کيس رکيو ويو، ان جي اترينءَ ڀت تي ستاري جي شڪل اُڀري آئي ۽ لامائن فيصلو ڪيو تہ پنھنجي ڳولا ان طرف ڪرڻ گهرجي. ڳولا دوران انهن سمورين وصفن جو خيال رکيو ويندو آهي، جيڪي دلائي لاما ۾ هجڻ گهرجن.
هن وقت Tenzin Gyatso، چوڏهون دلائي لاما آهي، جيڪو 15 سالن جي عمر ۾ 17 نومبر 1950ع تي دلائي لاما منتخب ڪيو ويو.
1950.11.17 عيسوي
هن وقت Tenzin Gyatso، چوڏهون دلائي لاما آهي، جيڪو 15 سالن جي عمر ۾ 17 نومبر 1950ع تي دلائي لاما منتخب ڪيو ويو.