
دلارام
دلارام (ڪتاب): دلارام، سنڌي ادب جي نامور عالم ۽ اديب مرزا قليچ بيگ جو قصو/ ناول آهي. مرزا صاحب هن ناول بابت لکي ٿو تہ: ”هيءُ قصو دلئون جوڙيل نہ آهي ۽ نہ ڪنهن ٻئي ڪتاب تان ورتل آهي. هن ۾ ڪا ڪوڙي آکاڻي يا نہ ٿيڻ جهڙي ڳالھہ بہ بيان ٿيل نہ آهي، نہ ڪو هن ۾ ديو، نہ وري ڪاپڙي آهي. رواجي اتفاقن ۽ دنيائي وهنوار ۽ هلت جلت جو هن ۾ ذڪر ٿيل آهي. نيڪي بدي ڪرڻ مان جي نتيجا نڪرن ٿا، سي چڱيءَ طرح هن ۾ ڏيکاريل آهن“. مرزا صاحب هيءُ قصو نهايت ئي سليس عبارت ۽ عام اصطلاحن سان لکيو آهي. هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي ننڍي نصيحت بہ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جي نئين ايڊيشن جا ٻہ لفظ محمد ابراهيم جويي لکيا آهن. هن ڪرائون سائيز جي ڪتاب ۾ 87 صفحا آهن. ۽ جو ملھہ 1 روپيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي اسلاميہ پريس حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي 1957ع ۾ پڌرو ڪيو هو.