
دلاور خانجي
دلاور خانجي: سنڌ جو اڳوڻو گورنر نواب محمد دلاور، نواب مهابت خان جو فرزند هو. سندس جنم 23 جون 1922ع تي ٿيو. ڇھن سالن جو ٿيو تہ ڪئپٽن هاروي جونس وٽ پڙهڻ لڳو. 1936ع کان 1943ع تائين هي برطانيہ ۾ پڙهيو ۽ پوءِ انڊين سول سروسز ۾ شامل ٿيو ۽ جهوناڳڙھہ رياست جي مختلف سرڪاري ادارن ۾ تربيت ورتائين. 1947ع ۾ والد سان گڏ پاڪستان آيو، 1959ع ۾ والد جي وفات بعد هي جهوناڳڙھہ رياست جو نواب بڻيو. دلاور خانجي مارچ 1976ع کان جولاءِ 1977ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو. گڏوگڏ هي مختلف سماجي ادارن سان گڏجي فلاحي ڪمن ۾ پڻ مصروف رهيو.
1922.06.23 عيسوي
سنڌ جو اڳوڻو گورنر نواب محمد دلاور، نواب مهابت خان جو فرزند هو. سندس جنم 23 جون 1922ع تي ٿيو.