دلاور خانجي

دلاور خانجي

دلاور خانجي

دلاور خانجي: سنڌ جو اڳوڻو گورنر نواب محمد دلاور، نواب مهابت خان جو فرزند هو. سندس جنم 23 جون 1922ع تي ٿيو. ڇهن سالن جو ٿيو ته ڪئپٽن هاروي جونس وٽ پڙهڻ لڳو. 1936ع کان 1943ع تائين هي برطانيه ۾ پڙهيو ۽ پوءِ انڊين سول سروسز ۾ شامل ٿيو ۽ جهوناڳڙهه رياست جي مختلف سرڪاري ادارن ۾ تربيت ورتائين. 1947ع ۾ والد سان گڏ پاڪستان آيو، 1959ع ۾ والد جي وفات بعد هي جهوناڳڙهه رياست جو نواب بڻيو. دلاور خانجي مارچ 1976ع کان جولاءِ 1977ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو. گڏوگڏ هي مختلف سماجي ادارن سان گڏجي فلاحي ڪمن ۾ پڻ مصروف رهيو.


لفظ دلاور خانجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.06.23  عيسوي

سنڌ جو اڳوڻو گورنر نواب محمد دلاور، نواب مهابت خان جو فرزند هو. سندس جنم 23 جون 1922ع تي ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برڪت علي
رفيق مغل ڊاڪٽر
صغير الاهي کچي
غلام رسول شاهه قادري
ڄام گوڙجي(ٻيو)
پلي وڏيرو محمد سگهو
اظهر گيلاني
ٽپٽائي مولوي عبدالله
شرمين عبيد چناءِ
وحيد محسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون