دلاور خان هالاڻي

دلاور خان هالاڻي: دلاور بابت ’تاريخ ڪلهوڙا‘ ۾ غلام رسول مھر ڄاڻايو آهي تہ: ”دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ اختلاف شروع کان ئي هئا. ميان نور محمد خان پنھنجي دؤر ۾ دائود پوٽن کان سنڌ جا باقي علائقا وٺڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو. ميان نور محمد خان وٽ جڏهن دائودپوٽن جو خاص ماڻهو ملا جنيد اچي پيش پيو، تڏهن ميان نور محمد کيس چيو تہ جيڪڏهن تون واقعي دائود پوٽن کان پنهنجا تعلق ٽوڙي چڪو آهين تہ ان لاءِ توکي عملي ثبوت ڏيڻو پوندو. ملا جنيد ثبوت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو، جنهن تي ميان نور محمد خان چيس تہ توکي دلاور خان هالاڻيءَ کي قتل ڪرائڻو آهي. ملا جنيد اهڙو شرط قبول ڪيو. خان هالاڻي'>دلاور خان هالاڻي دائودپوٽن ۾ وڏو بھادر مڃيو ويندو هو.
کيس مارائڻ جو مقصد دائودپوٽن جي طاقت ختم ڪرڻ هو. ملا جنيد جي ويجهن دوستن ۾ ايوب نالي هڪ شخص هو، جيڪو دلاور خان جو گهاٽو دوست هو. ملا جنيد ا يوب کي چيو تہ دلاور خان کي مون وٽ وٺي اچ. ايوب هڪدم دلاور خان کي ملا جنيد وٽ وٺي آيو ۽ ملا جنيد دلاور خان سان ملڻ کانپوءِ کيس پنھنجي ڀائٽي ۽ ڀاڻيجي جي وچ ۾ ويهاريو. ملا جنيد اڳ ۾ ڪجهہ ماڻهو تيار بيهاريا هئا. جڏهن دلاور خان جو ڌيان ڳالهين ۾ لڳي ويو، تڏهن مقرر ٿيل ماڻهن دلاور خان تي لڪي حملو ڪري ڏنو. دلاور خان وڏو بھادر هو، اهو بہ هڪدم اٿي وڙهڻ لڳو، پر ماڻهن جي گهڻائيءَ سبب دلاور خان سخت زخمي ٿي ڪري پيو، مقرر ٿيل ماڻهن اچي تلوارن سان ٻيهر حملو ڪري کيس ماري وڌو ۽ دلاور خان جي لاش کي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. دلاور خان جهيڙي ۾ مرندي مرندي ملا جنيد جي ڀائٽي ۽ ڀاڻيجي کي بہ قتل ڪري ڇڏيو. دلاور خان جو خاص غلام اهو لقاءُ ڏسي هڪدم وٺي ڀڳو ۽ سڄي حقيقت دائود پوٽن کي ٻڌايائين. اهڙيءَ طرح دائود پوٽن سان ميان نور محمد خان جي دشمني ظاهر ٿي پئي.


لفظ دلاور خان هالاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو