دلاھہ ڦاٽ: دلاھہ ڦاٽ، دادو ضلعي جي تاريخي ڳوٺن پاٽ ۽ رڪڻ کان اوڀر تي هڪ قديمي ڦاٽ هو، جيڪو پراڻي بندر رڪڻ جي اتر اوڀر ۾ هو. دلاھہ پوءِ ڍوري جي صورت اختيار ڪئي. هن مان ونگ واھہ ۽ نور واھہ نڪرندا هئا. دلاھہ تاريخي ڦاٽ آهي، جيڪو پاٽ پراڻيءَ جيترو قديم هو. قديم زماني ۾ دلاھہ ٻيڙين جي مال لاهڻ چاڙهڻ لاءِ هڪ اهم تڙ ۽ ڍوري جو ڦاٽ هو. سگهڙ صالح ملاح جو اُن بابت هڪ بيت ملي ٿو:
دلبر ۽ دلاھہ، ونگ ٻنهي جي وچ ۾،
چوراڻي ۾ چلهڙ ٿيو، ڪُنڍيون چرن گاھہ،
ٻہ اکيون ٽيون ساھہ، ساري شھر رڪڻ کي.
هن بيت ۾ دادو تعلقي جي ٽن تاريخي واهن: دلاھہ، ونگ واھہ ۽ دلبر واھہ جو ذڪر آهي، جيڪي پنھنجي خطي ۾ آبادي جو ذريعو هئا.