دلبو: شڪار جو هڪ طريقو آهي، جيڪو خاص ڪري آبي پکين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. شڪاري، بدڪ جي شڪل جهڙو ڪاٺ جو هڪ بوتو مٿي تي پائي هيٺ پاڻيءَ ۾ ڳجهڙو ترندو هلندو آهي ۽ پکي ائين سمجهندو آهي تہ هيءُ بہ ڪو پکي آهي، سو اڏامندو نہ آهي. تان جو شڪاري وڃي پکيءَ کي ٽنگن ۾ جهليندو آهي. ان ڪري هن قسم جي شڪار کي ’دلبو‘ چئبو آهي. دلبي جي لغتي معنيٰ دوکو ۽ دولاب آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو بہ هن شڪار واري طريقي جو مشاهدو هو، جنهن جو ذڪر سندس شاعريءَ ۾ هيٺينءَ ريت ملي ٿو:
دلبو منجهہ درياھہ، پسي پکي آئيا،
ويچارا ويساھہ، آڻي اُت اڙائيا!