دلت

دَلِت (Dalit): هندستاني سماج مطابق، اولهه هندوستان ۾ موجود دَلتِ قومن/ذاتين جو تعلق شودر ورنا سان آهي. وچئين زماني جي هڪ ڏاهي/فلاسافر ’رامانج‘ شودر ذات لاءِ هڪ مهذب اصطلاح ٿريڪولتر
(Thirukulattar) ڪتب آندو، جنهن جي معنيٰ هئي ’مقدس قبيلي جا ماڻهو‘. رامانج، قديم دور جو پهريون ڏاهو ۽ مدبر هو، جنهن هندو ڌرم جي رسمن جي مخالفت ڪندي اڇوتن جي مندرن ۾ اچ وڃ ۽ پوڄا پاٺ ڪرڻ جي حمايت ڪئي. هندستان جي نامياري ۽ عالمي حيثيت رکندڙ عظيم سياسي اڳواڻ موهنداس ڪرمچند گانڌي (مهاتما گانڌي) شودرن لاءِ نئون اصطلاح ’هريجن‘ معنيٰ ’ديوتا جو اولاد‘ استعمال ڪيو، پر هن قبيلي جي ڪجهه ماڻهن کي ان نالي تي اعتراض هئڻ سبب پاڻ کي دَلتِ سڏائڻ کي فوقيت ڏنائون. دَلتِ جي عموماً تشريح لتاڙيل، محڪوم ۽ نيچ ذات طور ڪئي ويندي آهي. هيءَ هڪ اهڙو گروهه آهي، جنهن ۾ ڀنگي/صفائي سٿرائي جو ڪم ڪندڙ ذاتيون اچي ٿيون وڃن. روايتي هندو عقيدن موجب دَلتِ گروهه / نسل ۾ ايندڙ قومن ۽ ذاتين کي تاريخي ۽ رسمي طور ناپاڪ/گدلي پيشي سان منسلڪ ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ عام طور ڪنهن جانور کي مارڻ، جانور يا انسان جي مئل جسمن کي ڇهڻ، صفائي سٿرائي جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ وغيره اچي وڃن ٿا. اهڙين سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي سماج لاءِ ڇوت ذريعي بيمارين ڦهلائڻ جو ڪارڻ تصور ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عام طور دَلتِ گروهه جي فردن لاءِ هندو ڌرم جي مذهبي ۽ سماجي زندگيءَ جي ڪارگذارين ۾ حصو وٺڻ يا شرڪت ڪرڻ جي سخت ممانعت هوندي آهي. ايستائين جو کين پنهنجي علائقي ۾ قائم مندر ۾ وڃي پوڄا پاٺ ڪرڻ جي به اجازت حاصل ناهي هوندي. گهڻين جاين تي اڪثر هندو ڌرم جي اوچين ذاتين ۽ دلتن جي وچ ۾ اتفاقي يا حادثاتي لاڳاپي کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرون پڻ استعمال ڪيون وينديون آهن.
تاريخي طور دَلتِ ۽ شودر جي ٻين گهٽ ذاتين ۾ ڪا خاص حد بندي نظر نٿي اچي. ممڪن آهي ته انگريز حڪومت دوران زميني حد بندين ۽ برطانوي راڄ جي حڪمراني هيٺ ڪي دَلتِ شودر ٻين مٿين ذاتين ۾ تبديل ٿيا هجن. ساڳي ريت اهو به امڪان ٿو ڏسجي ته شودر برادري جون گهٽ ذاتيون، عهدي ۾ گهٽجڻ سبب دَلتِ گروهه ۾ شمار ڪيون ويون هجن. هڪ هندستاني اسڪالر ڊاڪٽر بي. آر اَمبيڊڪر موجب: اڇوت، ماضي ۾ هڪ ڌار قبيلو هو، جيڪو ڳوٺاڻي ۽ ثقافتي (گرام- سنسڪرتي) کان بالڪل وانجهيل هو، بعد ۾ کين جهنگ جي قبيلائي برادرين، اندروني جنگين ۽ خراب حالتن سبب، پنهنجي بقا لاءِ ٻين ڳوٺن ۾ پناهه وٺڻي پئي. دَلتِ ڪو هڪ قبيلو يا ذات ڪونهي، بلڪه هيءَ هڪ مکيه گروهه آهي. جنهن مان ڪيتريون ئي ذاتيون ڦٽي نڪرن ٿيون. عام طرح اهي سڀئي ذاتيون دِلت جي دائري ۾ اچن ٿيون. انهن قبيلن/ذاتين جي ورڇ، پيشي جي آڌار تي ٿيل آهي، جنهن تحت گهٽ ۾ گهٽ ذاتڀنگي“ (ڀنگڪوڪم: صفائي سٿرائي جو ڪم ڪندڙ) جي تصور ڪئي ويندي آهي. هندو ڌرم جي روايتن موجب ذات جي تقسيم جو سبب ڪائنات جي ديوتا برهما جي مختلف عضون مان پيدا ٿيڻ هو جهڙوڪ: برهمڻ، ديوتا جي مٿين حصي مٿي مان پيدا ٿيا، ان ڪري انهن جو اسٿان حڪومت ڪندڙ طور مڃيو وڃي ٿو. کشتري (کتري) سندن بازوئن مان تخليق ٿيا تنهنڪري انهن کي بهادر، ويڙهاڪ ۽ سپهه سالارن ۾ شمار ڪيو ويو. وئش، ان ديوتا جي پيٽ مان جنم ورتو ۽ سندن پيشو وڻج واپار ٿيو ۽ شودر، ديوتا جي پيرن مان پيدا ٿيا جيڪي ٻني ٻارو ۽ غلامي ڪندڙن طور سامهون آيا. طبقاتي نظام متعلق سراج الحق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ جي باب نمبر چوٿين، صفحي 141 تي لکيو آهي ته:
اٽڪل 4000 ق-م ۾ زرعي ترقيءَ سان گڏ موهن جي دڙي جو سماج ماءُ آدرشيءَ مان پيءُ آدرشي بڻجي رهيو هو. ان دور ۾ ذاتي ملڪيت جو تصور به پيدا ٿي چڪو هو ۽ قومي دولت طبقاتي نظام ۾ ورهائجي وئي. ٻانهپ جو دستور به ان ئي دور ۾ پيدا ٿيو ۽ دولت، سون، ٽامي ۽ ٻانهن (غلامن) جي صورت چند ماڻهن ۾ گڏ ٿيڻ لڳي. ان طبقاتي نظام تنظيمي مذهب جو بنياد وڌو ۽ انهن مان هر طبقي، پنڊتن ۽ پروهتن، پنهنجي دائمي تسلط قائم رکڻ لاءِ ذات پات جو نظام قائم ڪيو.
ان کان سواءِ سراج الحق ميمڻ اسوليانا سرولا سوترا
(Asvalayana Sarula Sutra) مان حوالو ڏيندي وڌيڪ لکي ٿو ته: ”اهي ذاتيون ڌنڌي جي لحاظ کان اڳئي جدا جدا هيون ۽ هر هڪ ذات کي پنهنجو جدا جدا نشان هو، جنهن مان هنن جي ڌنڌي جي خبر پوندي هئي. اهي ذات پات جا نشان (Totems) موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ڪيترين مهرن تي ملن ٿا. ماڇي، مهاڻا، وگهامل، اوڏ، سنديلا ۽ ٻيا ڪيترائي سماٽ ذاتين جا نالا دراصل انهن نياتي نشانن جي ڪري پيدا ٿيا. اهي جدا جدا نيات واريون ذاتيون (Totemic Communities) پنهنجي پنهنجي ڌنڌي ۾ مشغول هونديون هيون. ماڇين جو نياتي نشان مڇي ۽ ڪڇون هو؛ مهاڻن جو مڇي ۽ ٻيڙي، وگهاملن جو ڪهاڙو، سنديلن جو پکي وغيره. جن مان انهن جي ڌنڌي جي ورهاست جوپتو پوي ٿو.پر اهي ذاتيون ۽ نياتيون مذهب جي دائري ۾ آيون، تڏهن ذاتيون محض مذهبي ذاتيون بنجي ويون ۽ پورهيت ذاتين کي نيچ ذاتين ۾ شمار ڪيو وڃڻ لڳو.“
سراج جي مٿي بيان ڪيل راءِ مان چڱي ريت پروڙ پوي ٿي ته ذاتين جو فرق ۽ تفاوت قديم دور جي تهذيبن کان هلندڙ آهي ۽ ان فرق جو پهريون مکيه ڪارڻ مذهبي، نسلي يا لساني هئڻ بجاءِ ماڻهن جو هنر ۽ پيشو پئي رهيو آهي. وقت گذرڻ سان نسلي واڌاري سبب اهو فرق هر دور ۾ وڌندو رهيو آهي، ايستائين جو هن فرق کي آهستي آهستي مذهبي ۽ سماجي دائرن ۾ پڻ داخل ڪيو ويو. هندومت ۽ عيسائيت ۾ هن فرقيواريت جا آثار نمايان نظر اچن ٿا. اسلامي تعليمات ۾ جيتوڻيڪ ڪنهن به سبب ڪري ذات پات جي فرق کي مٽائي عالمي ڀائيچاري جو پيغام ڏنو ويو آهي، تنهن هوندي به اڄ جي مسلمانن ۾ ذات پات جو فرق واضح نظر اچي ٿو ۽ سيدن ۽ ڪن ٻين ذاتين کي برتر سمجهيو وڃي ٿو. فرق صرف ايترو آهي ته بظاهر ذاتين جو اهو فرق پيشي جي آڌار تي نه ٿو چيو وڃي.
سماجي حوالي سان هندو سماج ۾ ذات پات، رنگ نسل ۽ ڀيد ڀاوَ جو تصور منو مهراج پنهنجي ڪتاب منوسمرتيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. وقت گذرڻ سان گڏ هندو سماج جي مکيه ذاتين برهمڻ، کشتري(کتري)، وئش ۽ شودر مان ٻيون ذاتيون اُسريون. شودر قبيلي مان جيڪي ذاتيون ڦٽي نڪتيون، انهن کي گهٽ ذات ڪري ’دَلتِ گروهه‘ ۾ شمار ڪيو ويو. موجوده وقت ۾ نسلياتي مطالعي ۽ تحقيق مان اڇوت ۽ ٻين ذاتين وچ ۾ جنسياتي/نسلياتي فرق جي ڪا واضح ثابتي ناهي ملي. دَلتِ قومن جي اڪثريت هندستان ۽ پاڪستان ۾ هندو مت وارن علائقن ۾ ملي ٿي، ڇاڪاڻ ته ذات جي ان ذيلي ورڇ جو سڌي، اڻ سڌي طرح ثقافت ۽ سماجيات سان گڏ مذهب سان به واسطو آهي. هندوستان ۾ ذات پات جي هن فرق کي سماجي ڍانچي ۽ باهمي تعلقات لاءِ خطري جو سبب ڄاڻندي مختلف وقتن تي ڪي اُپاءَ پڻ ورتا ويا آهن. ان ڏس ۾ ماضي ۾ سماجي جاڳرتا هيٺ ’ڀڳتي تحريڪون‘ وجود ۾ آيون ۽ ڪيترن ئي سماج سڌارڪن مهاتما گانڌي جي اصولن جي پيروي ڪندي ذاتين جي وچ ۾ پيشي يا ٻئي ڪنهن سبب جي آڌار تي آيل فرق کي مٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ شهرن ۾ ذاتين جو فرق ۽ ڀيد ڀاوَ ظاهري طور گهٽ ٿو ڏسڻ ۾ اچي، تنهن هوندي به ڳوٺن ۾ اهو فرق اڄ تائين جيئن جو تيئن برقرار آهي. اڄ به هندستان جي اڪثر ڳوٺن ۾ دَلتِ گروهه سان لاڳاپيل ماڻهن کي سندن پيشي جي ڪري معاشري ۾ گهٽ حيثيت ڏني ويندي آهي. برهمڻ، کشتري (کتري)، ويشنو ۽ ٻين ذاتين جو دَلتِ گروهه جي ماڻهن سان ميل جول رکڻ کي عيب سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري سندن گهرن کي ڳوٺ کان ٻاهر پرڀرو قائم ڪيو ويندو آهي. دلتن جي مندر ۾ اچي عبادت ڪرڻ، اوچي ذات وارن جي شادين، غمين، مذهبي يا سماجي رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ تي پابندي مڙهيل هوندي آهي. انهن جا ڳوٺ ۽ پاڙا الڳ هوندا آهن، جيڪڏهن ڪو دَلتِ، ڪنهن برهمڻ يا ٻي اوچي ذات واري جي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندو آهي ته مٿس جتي لاهڻ جو شرط لاڳو هوندو آهي. هندومت جا پوئلڳ ان فرق کي پنهنجي پرمپرا جو حصو سمجهن ٿا، ان ڪري ٻارن کي ننڍي هوندي کان دَلتِ ۽ سندن وچ ۾ فرق بابت ڄاڻ ڏيڻ ضروري سمجهندا آهن.
تازو 2008ع ۾ هندوستان ۾ آباد دَلتِ گروهه جي 134 دَلتِ ذاتين بابت انگريزي حرفن جي ترتيب سان انسائيڪلوپيڊيا شايع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ماضي ۽ حال جي دَلتِ ذاتين/قبيلن جي زندگي گذارڻ جي طور طريقن، ظاهري ڏيک (شڪل شبيهه)، نسلي تاريخ، سماجي زندگي، حقن، ثقافتي رسمن، معاشي سرگرمين، انتظاميه ۽ انصاف، مذهب ۽ ثقافت، برادري اندر سندن هڪٻئي سان لاڳاپن ۽ جديد دور ۾ سندن صورتحال تي تفصيلي انداز ۾ داخلائون شامل ڪيون ويون آهن.
هن گلوبل انسائيڪلوپيڊيا آف دي ويسٽ انڊين دلتس ايٿنوگرافي
(Global Encyclopaedia Of the West Indian Dalit’s Ethnography) کي هندستان جي مشهور دَلتِ اسڪالر ڪي. سي. داس ايڊٽ ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو