دلدار فقير جو دستخط نسخو: سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ شاھہ جي رسالي جو هي قلمي دستخط، 254 صفحن تي مشتمل آهي. هن ۾ سُر ڍول مارئي ۽ سُر بسنت کان سواءِ 34 سر، 2915 بيت ۽ 174 وايون ڏنل آهن. رسالي جي آخر ۾ ڪاتب دلدار فقير پنهنجو نالو هن طرح آندو آهي:
فقـيـــر مسڪيـن دلــدار جـيــون،
رسن عاجزيون عذر خواهيون اپارا.
هـن نـسـخـي جـو سـن ڄـاڻايـل ڪونهي، البت پهرئين صفحي جي هڪ پاسي تي مستطيل مھر لڳل آهي، پر اها بہ ايتري صاف نہ آهي، جو پڙهي سگهجي. رسالي جي قيمت چار روپيا لکيل آهي. ٻئي صفحي تي ڏيڍ انچ کن وڏي بيضوي مھر لڳل آهي، جنهن ۾ سن 1338ھہ ۽ مسڪين فتح الدين شاھہ غني اڪريل آهي، يعني تہ ان سال هي رسالو سيد فتح الدين شاھہ جي ملڪيت ٿي رهيو آهي. رسالي جو ڪاغذ پراڻو ديسي آهي ۽ تحرير آڳاٽي صورتخطيءَ واري آهي ۽ رسالي اندر بمبئيءَ جي ڪن مريدن جو ڪنهن پير صاحب ڏانهن ڇنڇر 27 ذي القعد 1279ھہ/ 1862ع جو فارسيءَ ۾ لکيل خط بہ آهي، جيڪو رسالي واري ساڳئي ڪاتب جي تحرير معلوم ٿئي ٿو. انهن اهڃاڻن مان اندازو ٿئي ٿو تہ هي رسالو 1279ھہ جي لڳ ڀڳ جو لکيل آهي.