دلشاد

دلشاد: دلشاد، سما گهراڻي جي حاڪم ڄام نظام الدين جو وزير هو. هي اصل ۾ سمن جي حاڪم جو گهر ڄاول غلام هو، سندس وڏا سما حاڪمن جا خانداني خدمتگار هئا. سچائي ۽ وفاداريءَ جي ڪري حاڪمن وٽ سندس گهڻي عزت هئي. ڄام نظام الدين کيس گهڻي اهميت ڏيندو هو. ۽ مٿس ڀروسو رکندو هو. هو پنھنجي علم، عقل ۽ بهادريءَ جي ڪري وزير مقرر ٿيو. ان وقت بکر ۾ سما حڪومت کي انتظام سنڀالڻ ۾ ڪجهہ مشڪلاتون درپيش هيون، جنهنڪري ڄام نظام الدين اهڙين حالتن کي سنڀالڻ لاءِ دلشاد کي ذميواريون ڏيئي بکر ۾ مقرر ڪيو. هن بکر جي اميرن ۽ سردارن کي اعتماد ۾ وٺي سما حڪومت کي مضبوط ڪيو. ماڻهن ۽ ڪامورن سان ملي پنھنجي ڏاهپ ۽ صلاحتن سان حڪومتي انتظام بهتر انداز ۾ هلايو ۽ سما حڪومت کي زور وٺرايو. هن 912ھہ/1506ع ۾ ڄام نندي جي حڪومت جي پڇاڙي ۾ ٺٽي مان نڪري اچ تي ڪاھہ ڪئي ۽ انهيءَ پاسي ئي وفات ڪئي.


لفظ دلشادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو