دلشاد بيگم مرزا

دلشاد بيگم مرزا

دلشاد بيگم مرزا

دلشاد بيگم مرزا: دلشاد بيگم مرزا، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جـي ٻيو نمبر نياڻي هئي، جيڪا 8 نومبر 1910ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. پاڻ پنھنجي سڳي چاچي خانبهادر ۽ پهرين مسلمان گرئجوئيٽ صادق بيگ مرزا جي ننهن هئي. هوءَ پنھنجي پيءُ جي صحبت ۾ رهي، سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ نثر ۽ نظم لکڻ لڳي. پاڻ 1947ع جي مئي مهيني ۾، خاندان وارن سان گڏجي ڪربلا معليٰ جو سفر ڪيو ۽ واپسيءَ تي پهرين مسلمان عورت ليکڪا جي حيثيت ۾ ڪربلا جو سفرنامو تحرير ڪيو، جيڪو 2010ع ۾ ’مسافر ڪربلا‘ جي عنوان سان دوستي پبليڪيشن حيدرآباد جي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس ٻيو ڪيترو ئي اڻ ڇپيل مواد سندس خاندان وارن وٽ موجود آهي. دلشاد بيگم مرزا 4 مارچ 1953ع ۾ 43 سالن جي ڄمار ۾ ٿي.


لفظ دلشاد بيگم مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.11.08  عيسوي

دلشاد بيگم مرزا، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جـي ٻيو نمبر نياڻي هئي، جيڪا 8 نومبر 1910ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ پيدا ٿي.


1953.03.04  عيسوي

دلشاد بيگم مرزا 4 مارچ 1953ع ۾ 43 سالن جي ڄمار ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علامہ رشيد ترابي
فھد مصطفيٰ
ديبلي ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي
بھرام
رحيم بخش جمالي
پير محمد زمان شاھہ هاشمي
شيخ قائم خان خانبهادر
سنگيتا بجلاڻي
الستي عبدالغفور
شادي شھيد فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون