دلشاد چاوڙو

دلشاد چاوڙو

دلشاد چاوڙو

دلشاد چاوڙو: شاعر، اديب ۽ سياسي ڪارڪن دلشاد چاوڙي پھرين جنوري 1964ع تي ھيري چاوڙي جي گهر بدين شھر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو مائو چاوڙو آھي. پاڻ صغير ئي ھو تہ سندس والد اتان لڏي اچي ڪڙئي گهنور ۾ ويٺو، جتي ھن اٺين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. غربت سبب وڌيڪ پڙھي نہ سگهيو ۽ پورھيو ڪرڻ لڳو. انهن ڏينھن کان ئي سندس تعلق عوامي تحريڪ سان جڙيو، جنھن جي اسٽڊي سرڪل منجهس لکڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي. شروع ۾ شاعري ۽ پوءِ نثر طرف سندس لاڙو ٿيو. مختلف ادبي رسالن ’وينجهار‘، ’ڪينجهر‘، ’سنجها‘، ’عبرت مئگزين‘ ۽ ٻين ۾ سندس شاعري ۽ مضمون ڇپيا. ھن پنھنجي والد جي نالي سان ھيرو چاوڙو پبليڪيشن، ڪڙئي گهنور جو بنياد وڌو، ۽ ڪجهہ ڪتاب ڇپرايا. 1983ع ۾ ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران جيل ويو ۽ ستن مھينن تائين قيد رھيو. فاضل راھو جي شھادت بعد سياست کان پاسيرو ٿي ويو. 1988ع کان ’سنڌي ادبي سنگت‘ سان لاڳاپيل آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ڪڙيو گهنور جو تاريخي پس منظر‘ (2015ع)، ’سنڌو ماٿري جي ساڃاھہ‘ (2017ع) ۽ ’ساحل ڏور اکين کان‘ (شاعري-2019ع) شامل آھن پاڻ ھن وقت ڪڙئي گهنور ۾ رھي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.01.01  عيسوي

شاعر، اديب ۽ سياسي ڪارڪن دلشاد چاوڙي پھرين جنوري 1964ع تي ھيري چاوڙي جي گهر بدين شھر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بچايو رند
آصف اقبال
سقراط
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
ابوبڪر سڌايو
چارلس ڊڪنس
قاضي واجد
شيخ عبدالرئوف
شير محمد خان
شيخ عبدالوهاب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون