دلمراد جمالي

دلمراد جمالي: ناميارو سياستدان دلمراد خان ولد دين محمد خان جمالي 1948ع ڌاري موري تعلقي ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ دلمراد خان جمالي (؟) ۾ ڄائو. سندس پيءُ 1951ع ۾ ٽرين حادثي ۾ گذاري ويو. هن پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان 1968ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ سياسي زندگيءَ جو آغاز پنھنجي چاچي حاجي غلام محمد خان جماليءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ڪيائين. 1979ع جي بلدياتي چونڊن ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاھہ جو ميمبر ٿيو. سندس حق ۾ 2200 ووٽ آيا ۽ مخالف 700 ووٽ کنيا. دلمراد خان جماليءَ 1983ع جي جمهوريت جي بحاليءَ واري جدوجھد (MRD) ۾، تحريڪ استقلال پاران حصو وٺندي، 17 آگسٽ 1983ع تي گرفتار ٿيو، جنهن واقعي ۾ 4 ماڻهو شھيد ٿيا هئا. دلمراد جماليءَ کي 13 مهينا جيل جي سزا آئي. آزاد ٿيڻ کان پوءِ تحريڪ استقلال ڇڏي غير جماعتي بنياد تي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو ورتائين. 1985ع جي چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي مشھور سياستدان حاجي بھڻ'>رحمت بھڻ کي شڪست ڏني.
هن پاڻ وٽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ رکي ۽ صوبائي سيٽ لاءِ ڄام ڪرار جي حمايت ڪئي، جيڪو بہ ڪامياب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت پيپلز پارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو. محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ خان محمد جمالي سياست ۾ سرگرم رهيو ۽ دلمراد ڪنهن بہ اليڪشن ۾ حصو نہ ورتو، پر پنھنجي جاءِ تي سياست ۾ ضرور سرگرم رهيو.
1997ع ۾ پي. ايس 19 موري جي سيٽ تان پ پ شھيد ڀُٽي گروپ طرفان اميدوار بيٺو پر سرگرم نہ رهيو، ڇو تہ دلمراد خان جماليءَ ۽ خان محمد جماليءَ جتوئي گروپ جي اميدوار جي حمايت ڪئي، جڏهن نوازشريف جي حڪومت آڪٽوبر 1999ع ۾ ختم ٿي تہ جمالي صاحبان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو