دلمراد خان کوسو: برصغير جي جنگ آزادي (1857ع) جي سورهين ۾ دلمراد خان کوسي جو نالو نهايت مٿانهون آهي. هي پنهنجي ساٿي دريا خان جکراڻيءَ سان گڏ جيڪب آباد واري علائقي ۾ جنگ آزاديءَ جي روح روان بهادرن مان هڪ هو.
دلمراد خان کوسي جا ابتدائي حالات تفصيل سان نه ٿا ملن، جڏهن ته انگريز مورخن به سندس حالات، مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ ئي پنهنجي تصنيفن ۾ آندا آهن. مير بجار خان ڊومبڪيءَ جي آزاديءَ واري فوج ۾ کوسا قبيلي جي موجودگيءَ جو ذڪر ملي ٿو. ان ڪري اها ڳالهه قياس کان ٻاهر نه آهي ته خان کوسو'>دلمراد خان کوسو پڻ اُن فوج جو اهم سپاهي هجي.
سن 1844ع ۾ جڏهن مير بجار خان ڊومڪيءَ ٻيهر ڪڇيءَ طرف وڃي بغاوت ڪئي، تڏهن خان کوسو'>دلمراد خان کوسو سندس ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. دريا خان جکراڻيءَ سان پڻ سندس واقفيت مير بجار خان ڊومڪيءَ جي معرفت ٿي هئي.
دلمراد خان کوسو زميندار ۽ پنهنجي قبيلي جو چڱو مڙس، ڏيا ۽ حشمت وارو شخص هو. هن مير بجار خان ۽ دريا خان جکراڻيءَ سان گڏجي انگريزن خلاف معرڪن ۾ حصو ورتو، جنهن تي سر چارلس نيپيئر کي هن باغي سردار تي سخت غصو هو. نيٺ حالتن کان مجبور ٿي مير خان ڊومبڪي'>بجار خان ڊومبڪي ساٿين سميت مير علي مراد خان آڏو پيش پيو.
اهڙيءَ طرح سن 1845ع ۾ خان کوسو'>دلمراد خان کوسو به گرفتار ٿي پيو ۽ کيس چارلس نيپيئر جي آڏو پيش ڪيو ويو. نيپيئر جو دلي ارادو هو ته دلمراد خان کي ڦاسي ڏني وڃي، پر ڪن سببن جي ڪري کيس معافي ڏني وئي. (حوالو: جان مارٽينيو: سر بارٽل فريئر، حصو: 1، ص: 216). کيس ڦاسي ڇو نه ڏني وئي، ان ڏس ۾ سنڌ جو مشهور اديب لطف الله بدوي لکي ٿو ته، ”منهنجي راءِ ۾ جان جيڪب جي اها راءِ هئي ته کيس بچايو وڃي، ۽ کانئس ملڪ ۾ صلح سانت رکڻ لاءِ مدد ورتي وڃي. اهو ئي سبب هو جو سن 1845ع ۾ جان جيڪب تقاضا ڪئي ته سندس (دلمراد خان جي) ڳوٺ ڳڙهي دلمراد ۾ پوليس چونڪي رکڻ گهرجي، جنهن لاءِ دلمراد کوسي کي عارضي طرح کيس جايون ڏيڻيون پيون.
(حوالو: لئمبرڪ: جان جيڪب آف جيڪب آباد، ص: 135)
تاريخون لکن ٿيون ته جڏهن جنگ آزاديءَ جي شروعات ٿي، تڏهن جيڪب آباد ۾ دلمراد خان کوسي ۽ دريا خان کوسي ان کي منظم ڪيو. جڏهن دريا خان پنجاب جي بلوچ سردارن کان مايوس ٿيو ته دلمراد خان ۽ دريا خان گڏجي بلوچن جي جدا جدا قبيلن ۾ انگريزن خلاف پروپيگنڊا ڪري، تحريڪ کي منظم ڪندا رهيا.
انگريز آفيسر ميريويدر کي جڏهن هن هلچل جي خبر پئي ته هي شخص نه رڳو عوام کي ڀڙڪائي رهيا آهن، پر هنن جا ديسي فوج سان به رابطا آهن. ان ڪري ان کان اڳ جو هي ٻئي محب وطن (دلمراد ۽ دريا خان) پنهنجي رٿيل پروگرام کي عملي جامو پهرائين، انگريز حڪومت ٻنهي بهادرن کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙيءَ طرح جيڪب آباد ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي وڏو ڌڪ لڳو.
فريئر پنجاب جي گورنر جان لارينس کي لکي ٿو ته:
”14 ديسي پيادي فوج جي صوبيدار، جو هنن باغين جو رهنما هو، هن پنهنجي موت کان اڳ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن کيس ٻن ڏينهن جي مهلت ملي وڃي ها ته هو دنيا وٽ پنهنجي رٿن کي چڱيءَ طرح ڏيکاري سگهي
ها. سندس شريڪ جرم، جکراڻين جي سردار ٻڌايو هو ته لاهور ۽ ملتان ۾ وڏي سازش هئي. هو ملتان جي ٽپال کان پوءِ ئي گرفتار ڪيو ويو هو، ڇو ته باغين جو به اهو ارادو هو ته ملتان جي اطلاع ملڻ کان پوءِ ئي بغاوت ڪئي ويندي. گوله انداز فوج کي به اهو ئي وقت ڏنو ويو هو. (حوالو: لطف الله بدوي: سماهي مهراڻ: 1- 1967)
بهرحال جيڪب آباد جي وطن پرستن مان ڪيترن کي توبَ سان اُڏايو ويو ۽ ڪن کي ڦاسي ڏني وئي. ڪيترن جکراڻين ۽ ٻين بلوچ قبيلن کي جانيديري جي ڀرسان زمينون ڏئي آباد ڪيو ويو، پر دلمراد کوسي ۽ دريا خان جلباڻيءَ جي وجود کي انگريز سرڪار پنهنجي لاءِ مستقل خطرو محسوس ڪندي، کين توب سان اُڏائڻ يا ڦاسي ڏيڻ بدران، کين ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏئي، انڊمان ٻيٽن ڏانهن موڪليو، جتي سنڌ جي سورهيه دلمراد کوسي ۽ دريا خان جلباڻيءَ ٻين ڪيترن وطن پرستن سميت آخري پساهه پورا ڪيا ۽ پنهنجو نالو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ زندهه رکيو.