دلمون

دلمون

دلمون

دلمون

دلمون

دلمون

هڪ لکيت جي ڀاڃ

هڪ لکيت جي ڀاڃ

ٻي لکيت جي ڀاڃ

ٻي لکيت جي ڀاڃ

ٽين لکيت جي ڀاڇ

ٽين لکيت جي ڀاڇ

چوٿين لکيت جي ڀاڃ

چوٿين لکيت جي ڀاڃ

پنجين لکيت جي ڀاڃ

پنجين لکيت جي ڀاڃ

دلمون

دلمون (Dilmon): سمير جي تذڪرن ۾ ڪي غير سميري شھر بہ ڄاڻايا ويا آهن، جن مان ٻين شهرن کان سواءِ ’دلمون‘ شھر جو نالو چٽيءَ ريت پڙهيو ۽ پرجهيو ويو آهي. انهن تاريخي تذڪرن ۾ هن شھر (دلمون) جي تعريف ۽ توصيف اهڙيءَ ريت درج آهي، جو اهو چئي سگهجي ٿو تہ سميرين وٽ هن شھر جي ايتري تعظيم ۽ تڪريم هئي، جيتري توقير مسلمانن کي ’مَڪي‘ جي شھر لاءِ آهي. انهيءَ عظيم تهذيبي شھر ’دلمون‘ لاءِ سميرين جي اها ساک هئي تہ:
”هن شھر ۾ هر طرف سُک سانت ۽ امن امان آهي. هتي ڪو بہ طاقتور ڪنهن بہ ڪمزور کي ڪو اهنج رسائي نہ ٿو سگهي. هتي شينهن، بگهڙ جهڙو ڪو بہ درندو ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٿو چيري ڦاڙي، هتي ديال جا خوشبودار وڻ آهن، هتي ڪو بہ پوڙهو پاڻ کي پوڙهو نہ ٿو چوائي ۽ هتي ڪا بہ پوڙهي زال پوڙهي نہ ٿي سڏائي.
هتي جون نينگريون گهٽين ۾ گندو پاڻي نہ ٿيون هارين، هتي ڪو بہ يتيم ٻار يا ڪا بہ بيواھہ زال نہ آهي. هتي ڪو بہ شخص بيمار نہ ٿو گذاري، هتي ڪنهن کي بہ مٿي جو سور يا اکين جو آزار پيدا نہ ٿو ٿئي.
اها سر زمين سمير جي اوڀر طرف آهي، جتان ٻيڙين رستي گهڻو ڪجهہ اچي ٿو ۽ دنيا جا سمورا ملڪ ’دلمون‘ ڏانهن پنهنجو مال موڪليندا رهن ٿا. هي زمين بھشت جي سرزمين آهي.“
(حوالو: ’ديوتائون ڪي سرزمين‘: ڊاڪٽر قمر الدين احمد ديره دوني، مستند حوالو: ڊاڪٽر ايس. نوح ڪريمر)
سمير جا رهاڪو دنياوي لاڳاپن کان سواءِ ديني ڳانڍاپن ذريعي بہ ’دلمون‘ کي فوقيت ڏيندا هئا. ان لاءِ سندن عقيدو هو ته، ڪنهن زماني ۾ هتي هنن جي ديوتا ’زيوسدرا‘ جو مسڪن هو، جنهن کي ’سميرين جو نوح‘ سڏيو وڃي ٿو.
اهي سموريون حقيقتون جڏهن يورپ پهتيون تہ اتان خاص اهتمام وسيلي دنيا جي جيد عالم ڊاڪٽر سموئل نوح ڪريمر (Samuel Noah Crammer) تي اهو ڪم رکيو ويو تہ هو وڌيڪ کوجنا ڪري تہ اهو شھر ’دلمون‘ اصل ڪٿي واقع هو، جنهن تي ڊاڪٽر موصوف چوويهن پنجويهن ورهين جي ڀرپور ڪوشش کان پوءِ اهو انڪشاف ڪيو تہ ’دلمون‘ دراصل واديءِ سنڌ جو قديم نالو آهي. ساڳي ڳالھہ سنڌ جي نامور عالم ۽ لسانيات جي ماهر سراج ميمڻ، پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ‘ ۾ ڊاڪٽر نوح ڪريمر جي حوالي سان هيٺينءَ ريت لکي آهي:
”ڊاڪٽر نوح ڪريمر (Noah Crammer) آمريڪا ۾ سميريالاجيءَ جو وڏو ڄاڻو سمجهيو وڃي ٿو. هن سمير جي تختين واري لکت کي پڙهي اهو نظريو پيش ڪيو آهي تہ سميري تمدن جا انسان، جنهن ’دلمون‘ ملڪ جي ساراھہ مان ڍاپن ئي نہ ٿا ۽ بار بار ان کي ’ديوتائن جو ملڪ‘ چون ٿا، سو لاشڪ موهن جي دڙي وارو ملڪ هو. ان لاءِ هن تمدني ۽ تاريخي ثبوت پيش ڪيا آهن. هو چوي ٿو تہ اهو ثابت ٿي چڪو آهي تہ سمير، اُر ۽ سوسا (Susa) سان سنڌ جو خشڪي توڙي بحري واپار هلندو هو. ان جو ثبوت ان ڳالھہ مان ملي ٿو تہ سنڌو تھذيب جون اٽڪل 30 مهرون سميري کوٽاين مان مليون آهن، ۽ ساڳي طرح ڪجهہ سميري مهرون، موهن جي دڙي مان مليون آهن. انهيءَ حقيقت مان ٻنهي تمدنن جي پاڻ ۾ واپاري يا سياسي ڏيتي ليتيءَ ۽ لھہ وچڙ ثابت ٿئي ٿي. سمير مان عاج جو سامان ملڻ ۽ عاج جي درآمد ڪرڻ جو سندن ادب ۾ ذڪر، پڪي پختيءَ طرح ثابت ڪري ٿو تہ ’دلمون‘ ان تھذيب يا ملڪ کي سڏيو اٿن. جتان کين عاج ملندو هو ۽ ملڪ سندن اوڀر ۾ آهي. سميري تختين مان هڪ تي هيءَ لکيت ملي ٿي:
”اهو ملڪ، جو سمير جي اوڀر ڏي آهي، ۽ جتان ٻيڙين جي ذريعي گهڻو ڪجهہ هت اچي ٿو، اهو اهڙو ملڪ آهي، جتان سج اڀري ٿو، ۽ اهو بھشت آهي . . . وغيرہ وغيرہ.“ (سنڌي ٻولي، ص: 60-59، ٻيو ڇاپو: 2009ع)
سراج صاحب وڌيڪ رقمطراز آهي تہ: ”ان عقيدت جو پسمنظر اهو ئي هو تہ موهن جي دڙي جي تهذيب، سميري تھذيب جو سرچشمو هئي ۽ سميرين منجهان ڪجهہ ماڻهن جا اباڏاڏا اُتان ٿي آيا هئا. ڊاڪٽر ڪريمر اڳتي هلي چوي ٿو ته، ”ڪي عالم ’دلمون‘ کي ايراني نار جي بحرين ڏانهن اشارو سمجهن ٿا، پر اهو غلط آهي، ڇو تہ اُتي هاڻي يا قديم زماني ۾ هاٿيءَ جي وجود جو نشان ڪونه ٿو ملي. ڊينمارڪ جا ڪيترا علم الانسان جا ماهر سالن کان بحرين جون کوٽايون ڪندي ٿڪجي پيا آهن ۽ هاڻي ان جي ڳولا کي ڇڏڻو پيو اٿن.
(Ref. Dr. Noah Crammer, Reported in DAWN Karachi, 1st December 1996)
سراج صاحب وڌيڪ لکي ٿو تہ موهن جي دڙي مان لڌل مهرن ۾ ٽي چار مهرون اهڙيون آهن، جن تي منهنجي پڙهڻيءَ موجب: ’ڪوٽ مون‘، ’ڪوٽ ٺل مون‘ ۽ ’ڪوٽ مھن‘ لفظ اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ موهن جي دڙي جي پوئين دور ۾ ٻئي يا ٽئين تھہ واري ڪنهن شھر کي ’ٺل مھن‘ يا ’ٺل مون‘ سڏيندا هئا، جنهن کي سميرين 1800 ق. م ۾ ’دل مون‘ (دلمون) سڏيو ٿو ڀانئجي. (ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘، ص: 60)
واديءِ سنڌ جي قدامت جي باري ۾ مختلف عالمن جا متفرق رايا آهن. ’ڊاڪٽر مهتا‘ جي قياس موجب: سنڌ جي قدامت جو تعين ستن هزارن ورهين تائين آهي. مسٽر ’منشي‘ ان کي ڇھن هزارن سالن تائين محدود رکي ٿو. اهڙيءَ طرح سر جان مارشل جو خيال بہ ڊاڪٽر مهتا جي تعين جي تائيد ڪري ٿو، پر مسٽر چِلڊ سڀني عالمن سان اختلاف رکندي چيو آهي تہ: ”اها قدامت نوح نبيءَ جي طوفان کان بہ گهڻو اڳي (ڏهن هزارن ورهين کان مٿي) آهي.“
مسٽر چلڊ کُليل لفظن ۾ اهو ٻڌايو آهي تہ هيلتائين سنڌ جي قديم تهذيبي مرڪز موهن جي دڙي جي جيڪا کوٽائي ٿي آهي، سا بلڪل سطحي سمجهڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اڃا وڌيڪ کوٽائي ۽ کوجنا جي ضرورت آهي، پر محدود وسيلن جي ڪري اصل ڄمار صحيح اندازي موجب شمار ڪري نہ ٿي سگهجي. سواءِ ان جي تہ انهيءَ لاءِ محض قياس جو آڌار ورتو وڃي، جو هنن حالتن ۾ ڪنهن حد تائين درست بہ آهي.
مشھور مدبر ايڇ. جي ويلز لکي ٿو تہ: ”خليج فارس ۾ اڄ کان ڏھہ هزار ورهيہ اڳ جھاز راني ٿيندي هئي ۽ اها جھاز راني ڪرڻ وارو خليج فارس جو ڪو لاڳيتو ملڪ ئي هو، جيئن قديم تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ خليج فارس جي ڪلنڀر تي صرف ٻہ اهڙا ملڪ هئا، جيڪي جھاز رانيءَ جي فن کان واقف پئي رهيا. اهي ٻئي ملڪ سوقير ۽ سنڌ ئي هئا، جيڪا حقيقت خود سوقير جي پراڻن ڪتابن ۽ ’توريت‘ ۾ درج ٿيل آهي تہ سوقير وارن جهازرانيءَ جو فن دلمون (واديءِ سنڌ) جي رهاڪن وٽان سکيو هو.“
’دلمون‘ جي تجارتي شين، ٻيڙين ۽ عمارتن جي باري ۾ هيٺيون ساکون پڻ ويچار جوڳيون آهن، جن جو واسطو ذڪر هيٺ آيل زماني کان پوءِ واري دؤر سان آهي:
سميري تھذيب مان هٿ آيل اتهاسڪ لکتين مان ’دلمون‘ نالي تھذيب بابت ڪافي خبرچار ملي ٿي. سمير 600 ميل اولھہ طرف سنڌوءَ جي مھڙ وقت اُسريل تھذيب هئي. سنڌو ماٿريءَ ۽ سميري تھذيب درميان موجودہ عربي سمنڊ جي وهڪري سبب تهذيبي لاڳاپا هئا، جن جو ثبوت سميري تھذيب سان لاڳاپيل ماڳن جي کوٽائيءَ دوران مليل 30 مهرن مان ملي ٿو، جيڪي موهن جي دڙي مان مليل مهرن جهڙيون آهن. انهن مان هڪ لکيت موجب عيسوي سن کان ٻہ هزار چار سؤ پنجاھہ ورهيہ اڳ لگشن ونش جي پايو وجهندڙ راجا ’ارننشيءَ‘ دلمون جي باري ۾ لکيو هو تہ: ’هتان جون دنگيون (ٻيڙيون) عمارتي ڪاٺ آڻينديون آهن. ان مان سمجهيو وڃي ٿو تہ ’دلمون‘ اهڙو ملڪ هو، جتي اڻميو عمارتي ڪاٺ ٿيندو هو ، ۽ ان ملڪ مان سمير ۾ سمنڊ رستي ياتري ۽ واپاري ايندا هئا.
هوڏانهن عيسوي سن کان ٻہ هزار ٽي سؤ ورهيہ اڳ جي هڪ اتهاسڪ لکت مان پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ سرگن نالي راجا بہ ’دلمون‘ جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي ۽ لکيو اٿائين ته، ”آگاڙي بندر تي جڏهن ’دلمون ديس‘ جون دنگيون ۽ غوراب اچي بيهندا آهن، تڏهن هتي واھہ جي رونق لڳندي آهي.“ هي آگاڙي بندر بائيبل ۾ آيل سميرين اکر ’اڪار‘ لاءِ ڪتب آيل آهي.
هڪ ٻي سميري لکت ۾ ’دلمون‘ کي خوشحال ۽ متبرڪ گهراڻن تي مشتمل ديس جي تھذيب ڄاڻايو ويو آهي، جنهن کان سمير ۽ دنيا جون ٻيون تهذيبون روزمره جي استعمال جون شيون ۽ ٺِڪر جا ٿانوَ تجارت وسيلي برآمد ڪنديون هيون.
انهيءَ کان سواءِ سمير تي اتهاس جي هڪڙي ٻئي ڄاڻو پروفيسر ليئان ليگاربن بہ پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ: پورب جي ’دلمون ديس‘ مان ايندڙ واپاري پاڻ سان عاج ۽ عاج مان ٺهيل شيون کڻي سمير ڏانهن ايندا هئا. (هيءَ اقتباس هفتيوار ’هند واسي‘ بمبئي، 23 اپريل 1961ع تان ورتل آهي.)
سمير جي ڪيترين لکتن دوران ’دلمون ديس‘ کي هڪ سڌريل ديس ڄاڻايو ويو آهي، جتي عاليشان ۽ سهڻيون جايون هونديون هيون ۽ انهيءَ طرف کان جيڪڏهن موهن جي دڙي، هڙپا ۽ ٻين کنڊرن جي کوجنا ٿي ڪجي تہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ جنهن زماني ۾ سمير ۾ صرف مٽيءَ جون جايون ٺهيل هونديون هيون. ان وقت هنن قديم نگرن جي عمارتن ۾ پڪل سرون ڪتب آندل هيون، جن جا آثار اڄ بہ چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
سنڌ ۽ سمير جو تاريخي بحث ۽ پورين شاهدين جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي سرزمين دنيا جي قديم ترين علائقي سمير تي فوقيت ۽ اوليت جو درجو رکي ٿي. سنڌ سمير کان نہ صرف آڳاٽي ۽ سرسبز سرزمين آهي، بلڪل تمدني عظمت کان سواءِ تهذيبي معيار ۾ بہ ان کان بلند آهي.
سُميري تھذيب جي آڳاٽي شھر اُر (Ur) جي کوٽائيءَ دوران قديم آثارن جي ماهر ليونارڊ وولي (Leonard Woly) کي ’ميخي خط‘ (Cuneiform) ۾ بيشمار مُهرن سان گڏ عاج ۽ اُن مان ٺهيل شيون هٿ آيون، جيڪي ’دلمون‘ مان اُر (Ur) طرف تجارت ذريعي پهتيون هيون.
ڊبليو ڊيز ۽ ٻين يورپي ’محققن‘ وٽان تصديق ملي ٿي تہ سميرين وٽ تھذيب جي تنوير ۽ تمدني توقير خليج فارس جي ڏاکڻين علائقي (واديءِ سنڌ) مان آئي هئي.
سنڌ جي مشھور ليکڪ منو تولارام گدواڻيءَ اخبارڌرم وير‘ سکر، 1928ع واري هڪ پرچي ۾ ’اونيس‘ کي ’اڏيرو لال‘ ڪري ليکيو ۽ لکيو آهي. ’اُڏيرو‘ لفظ سنڪرت لفظ ’اڊو‘ معنيٰ پاڻيءَ مان نڪتل آهي. ساڳيءَ ريت ’اونيس‘ بابت بہ روايت ملي ٿي تہ هن سنڌ کان سمير ويندي پاڻيءَ جو سفر جهاڳيو هو ۽ جيئن ’اڏيري لال‘ کي مڇيءَ/ پَلي تي سواري ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، تهڙيءَ ريت ’اونيس‘ بابت بہ مشھور آهي تہ: هو مڇيءَ تي سوار ٿي سمير اچي نڪتو هو. سنڌ ۽ سمير جي باري ۾ سرجان مارشل ۽ ٻين عالمن جيڪي انڪشاف ڪيا هئا، تن کي بروقت تہ ڪا اهميت نہ ڏني وئي، پر پوءِ جڏهن ڊاڪٽر ايس نوح ڪريمر پنهنجا تحقيقاتي ثبوت فراهم ڪيا تہ سڀ ڪنهن کي نهايت فراخدليءَ سان اهو تسليم ڪرڻو پيو تہ:
بيشڪ تھذيب ۽ تمدن جو سرچشمو جنهن مان سڄي دنيا سيراب ٿي علم ۽ عرفان جي وسعت ۾ قدم رکندي اڳتي وڌندي وئي، ان کي ’واديءِ سنڌ‘ سڏيو وڃي ٿو.
قديم سنڌ (دلمون) جي ديوتا سروپ انسان ’اونيس‘ جي سنڌ کان سمير ۾ آمد ۽ تعليم بابت ٻي هڪ تاريخي تصنيف (سرزمين مشرق يا گهواره تمدن، ص 357 ول ڊيورانٽ، پارسي مخزن ’هنر مردم‘ ايران جي حوالي سان.) جي هيءَ شهادت آهي تہ مڇيءَ جي کل بدن تي اوڍيندڙ يا اهڙي قسم جي چادر پهريندڙ هو. هن سمير جي اچڻ کان پوءِ اتان جي ستن شهرن مان ستن برگزيدن ماڻهن جي چونڊ ڪري انهن کي جو ڪجهہ صحيح زندگي بسر ڪرڻ لاءِ لازمي هو، ان جي علم ۽ فن جي تعليم تربيت ڏنائين.
ساڳيءَ تصنيف ۾ وڌيڪ وضاحت ڪيل آهي تہ اهو داناء معلم اونيس رات جو هڪ غار ۾ وڃي رهندو هو ۽ ڏينهن جو سمورو وقت شاگردن جي سکيا تي صرف ڪندو هو. سندس شاگردن جو تعداد ستن تائين هو، جيڪي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ سمير جي ستن شهرن ۾ وڃي پنهنجو فيض عام ڪرڻ لڳا. اها تعليم پوءِ مشرق کان مغرب تائين پهتي. هنن جا نالا يا لقب هن ريت ڄاڻايل آهن: (1) ’يوم حيات‘، شھر آور جو فرزند، (2) ’يوم فراواتي‘ شھر نيپور جو مبارڪ فرزند، (3) ’يوم مُسرت‘، شھر ارودا جو پرورش يافتہ فرزند، (4) ’يوم انبساط‘، شھر ڪلاب جو باشندو، (5) ’يوم چھر روشن‘، شھر ڪيش جو دانشور فرزند، (6) ’يوم سعادت‘، شھر لگاش جو قاضي ۽ (7) ’يوم زندگي بخش افتادگان‘، شھر شريپڪ جو پناھہ گزين.
هنن مان پوئين نالي واري شاگرد ’يوم زندگي بخش افتادگان‘ جي نسبت مان معلوم ٿئي ٿو تہ: انهيءَ جو تعلق طب سان هو، ڇاڪاڻ تہ اهڙو نالو يا لقب هن دور ۾ بہ ’مسيح الملڪ‘ جي صورت ۾ رائج آهي، جيئن مسيح الملڪ اجمل خان وغيرہ.
هن سان پهرين ڳالھہ جا ’اونيس‘ جي لباس سان لاڳاپو رکي ٿي، سا ان علامت جي وضاحت ٿي ڪري، جيڪا موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان هٿ آيل هڪ معتبر ماڻهوءَ (پروهت: King Priest) جي مورتيءَ جي انگن تي چادر جي روپ ۾ ڏٺي وئي آهي. انهيءَ چادر جا چٽ هڪ طرف مڇيءَ جي ڇلرن سان ملن ٿا تہ ٻئي پاسي انهن جو نمونو ٽپتي (ٽن پنن واري) ٻوٽيءَ سان ٺهڪي اچي ٿو، ٻنهي حالتن ۾ اهو انومان وڃي بيهي ٿو تہ چادر اوڍيندڙ هڪ برک، ڀلارو ۽ ڏاهپ وارو شخص هو.
موهن جي دڙي واري مورتيءَ جي لباس تي راءِ زني ڪندي ڪيترن عالمن انهيءَ ڳالھہ جي پٺڀرائي ڪئي آهي تہ آڳاٽي زماني ۾ واديء سنڌ جا سکر ماڻهو عام طرح اهڙو ئي لباس پهريندا هئا. انهيءَ چادر جي باري ۾ ٻي هيءَ ڳالھہ مشھور آهي تہ اها چادر اڄوڪي ’اجرڪ‘ جي اوائلي صورت هئي ۽ جيئن اجرڪ کي اڄڪلھہ سنڌي تھذيب جي علامت ڪري ليکيو ۽ هنڊايو وڃي ٿو، تيئن ان زماني ۾ بہ قديم سنڌي هن کي پنھنجي تهذيبي نشاني تصور ڪري ڪتب آڻيندا هئا. دستور آهي تہ سھڻي شيءِ کي هرڪو ڀاڳ سڀاڳ جي نشاني سمجهي استعمال ڪندو آهي.
’دلمون‘ جي داناءَ معلم ’اونيس‘ جو آڳاٽو احوال سميرين جي لکتن کان سواءِ ڪلدانين جي پراڻن ڪتبن مان پڻ ملي ٿو، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي تہ هو نوح نبيءَ جي طوفان کان بہ اڳ ٿي گذريو آهي ۽ اهڙو ثبوت توريت جي ’ڪتاب پيدائش‘ ۾ بہ ملي ٿو.
هن لاءِ وڌيڪ جيڪي شهادتون مليون آهن، تن جي مطالعي مان بہ اونيس جي اهميت ۽ واديءِ سنڌ جي قدامت اجاگر ٿئي ٿي. اهڙي هڪ شهادت مذهبي ڏندڪٿا جي صورت ۾ هيٺينءَ ريت آهي:
آرين جي آمد کان اڳ سميرين ۽ ڪلدانين جا سنڌي دراوڙن سان هڪ ٻئي جي همعصر هئڻ ڪري پاڻ ۾ گهرا ناتا هوندا هئا. مثال طور: نوح نبيءَ جي طوفان وقت هندين جي ’مَنو‘ ديوتا کي بچائڻ واري ديوتا ۽ ’زيوسدرا‘ کي امان ڏيندڙ ديوتا ’اي‘، ’آ‘، ’جي‘ لباس واري مشابهت مان ظاهر آهي تہ ’منوءَ‘ کي بچائڻ واري ديوتا (مڇيءَ جي کل واري لباس ۾) ۽ ’زيوسدرا‘ کي امان ڏيندڙ ديوتا بہ ساڳيءَ ريت مڇيءَ جي کل واري ويس ۾ نمودار ٿيو هو ۽ انهن جو سڀ کان وڏو ديوتا ’اونيس‘ پڻ مڇيءَ جي کل جي پوشاڪ ۾ ڌرتيءَ تي نروار ٿيو هو. ساڳيو ’اونيس‘ ديوتا جو ڪنهن زماني ۾ سميرين ۽ ڪلدانين وٽ وڃي کين تھذيب جي روشنيءَ کان روشناس ڪرائي چڪو هو.
(اونيس Ounes جي باري ۾ سڄو تفصيل ڊاڪٽر قمر الدين دير دوني جي مضمون تان ورتو ويو آهي، جو اخبار ’انجام‘ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو هو.)
هي مشابهتون ۽ مطابقتون هڪ طرف هي شيون ڄاڻائين ٿيون تہ سنڌ جي قدامت مسٽر چلڊ چواڻي نوح نبيءَ جي طوفان کان بہ آڳاٽي آهي تہ ٻئي پاسي انهن مان اها پروڙ بہ پوي ٿي تہ تھذيب جا شروعاتي آثار سنڌ مان ئي سمير ڏانهن منتقل ٿيا هئا.
[حوالو: (1) سنڌ جي طبي تاريخ، ’دلمون ۽ سنڌ‘، نياز همايوني: ص 3 کان 12]
سميري لکتن ۽ ڏندڪٿائن ۾ دلمون جي ’اينڪي راڻي‘ (Enki) جو ذڪر ملي ٿو، جنهن جو مطلب ‘The Pure Queen’ خالص راڻي آهي، جيڪا پاڻيءَ جي نگران ۽ سمنڊ ۽ درياهن جي ديوي (Goddess) آهي. ابتدا ۾ سيموئل نوح ڪريمر جو حوالو ڄاڻايل آهي، ساڳئي عالم جي ڪتاب ‘The Indus Civilization and Dalmon, The Sumerian Paradise Land’ جي پڙهيل سميري لکيتن مان ڪن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
هڪ لکيت جي ڀاڃ:
[انهن (اين ۽ اينڪي)، خدائن جهڙي زندگي عطا ڪئي،
لافاني ساهن کي ڌرتيءَ تي لاٿو ويو،
پوءِ زيوسدر، عظيم ديوتا
انساني تسلسل ۽ ڀاڄين جي محافظ، زمين تان سفر ڪندي ’دلمون‘ کي منتخب ڪيو،
جتان سج اُڀري ٿو ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻجي ٿو.]
هن (اينڪي) دلمون جي زمين کي پاڪ ۽ خالص ڪري، ننسڪيلا (Ninsikilla) کي ان جو نگران مقرر ڪيو.
(2) ٻي لکيت جي ڀاڃ:
[مقدس شهرن- ڏنو (؟) انهن کي (؟) هن (اينڪي) پنھنجي حصي جيان،
دلمون جي ڌرتي مقدس آهي،
مقدس سمير- ڏنو (؟) هيءَ هن کي (؟)
پنھنجي حصي جيان،
دلمون جي ڌرتي مقدس آهي،
دلمون جي ڌرتي مقدس، دلمون جي ڌرتي نج،
دلمون جي ڌرتي صاف، دلمون جي ڌرتي مقدس آهي.]



(3) ٽين لکت جي ڀاڃ:
[دلمون مان ايندڙ ٻيڙيون، ٻاهرين ڌرتيءَ ۽
اُر ننشي (Ur- Nanshe) مان ڪاٺ ۽ ان مان ٺاهيل نذرانا کڻي اينديون آهن]

(4) چوٿين لکيت جي ڀاڃ:
[ميلوها مان ايندڙ ٻيڙين،
مگن مان ايندڙ ٻيڙين،
دلمون مان ايندڙ ٻيڙين کي،
هوءَ هڪٻئي سان گڏ هڪ قطار ۾
آگاڙي بندر وٽ بيهاري ٿو.]
(5) پنجين لکيت جي ڀاڃ:
[مگن (Magan) ۽ دلمون جي ڌرتي ،
مون ڏي نهارين ٿيون، اينڪي،
ميدان تي دلمون- ٻيڙين جا پڳھہ پيل آهن،
۽ مگن- ٻيڙيون ڀريل سامان سان آڪاس جي بلنديءَ تي]
تازي تحقيق مطابق جمديت نصر (Jemdet Nasr) ۽ ورڪا (Warka) ۾ ٿيل کوٽاين دوران ٽين صديءَ ق. م سان لاڳاپيل سميري تصويري لکت هٿ آئي آهي، جنهن تي اُڪريل تحرير سنڌو تھذيب جي ماڳن تان لڌل مهرن سان ملي ٿي.
[The Indus Civilization and Dilmon, the Sumerican Paradise Land- by Samuel Noah Kramer, Expedition, Spring, 1964.]


هن صفحي کي شيئر ڪريو