
دلور جا دڙا
دلور جا دڙا: هي قديم آثار تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جي ديھہ 42 ۾ ٽنڊي آدم جهول روڊ تي، ٽنڊي آدم کان اٽڪل 10 ميل اوڀر طرف جمڙائو ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي موجود آهن. عام طرح مقامي ماڻهو هنن آثارن کي ’دلور جا دڙا‘ ڪري سڏيندا آهن. هتي موجود ڪنهن وڏي شھر جي تباهيءَ جو سبب ان وقت جي حاڪم راجا دلوراءِ جي ظلمن ۽ سندس بزرگ ڀاءُ ڇٽي امراڻي جي ڏنل پاراتي کي سمجهيو ويندو آهي. هن قسم جي روايت نہ صرف هتي، پر سنڌ جي ٻين بہ ڪيترن ڦٽل شهرن لاءِ مشھور آهي.
1954ع ۾ مسٽر اي- ايف بيلاسس ۽ سي. ڊبليو رچرڊسن هنن قديم آثارن تي اچي ڪجهہ جاين تي کوٽائي ڪئي، سندن خيال موجب هي آثار قديم شھر برهمڻ آباد جا آهن، جيڪو قلعي بند هو. هي هڪ واپاري شھر هو، جنهن ۾ مختلف قسمن جا دڪان ۽ فوجن جي رهڻ جون بيرڪون هيون، شھر اٽڪل چئن ميلن ۾ پکڙيل هو. برهمڻ آباد کان ڏيڍ ميل تي هتي جي آخري بادشاھہ دلوراءِ جي رهائش هئي. پنج ميل وڌيڪ اوڀر طرف ڏيپر گهانگهري ۾ وزيراعظم رهندو هو. 1871ع ۾ اليگزينڊر ڪننگهام بہ هن جاءِ تي برهمڻ آباد ۽ منصوره جي هجڻ جو حامي آهي، جيڪي ڌرتي ڌٻڻ سبب تباھہ ٿي ويا. 1884ع ۾ جنرل ايم. آر. هيگ دلور جي دڙن کي عربن جو آباد ڪيل شھر منصوره قرار ڏنو آهي. (ڏسو: منصوره)