دلو راءِ

دلو راءِ: دلو راءِ، دلور شھر جو رهاڪو هو، جيڪو شھر سندس نالي پٺيان سڏيو ٿي ويو. انهيءَ جي اولاد مان هڪ ٻيو دلوراءِ سومرن جي دؤر ۾ بہ ملي ٿو. دلوراءِ ثاني وڏو ظالم بدڪردار ۽ بڇڙن افعالن وارو هو. اروڙ ۽ برهمڻ آباد جھڙا شھر هن جي ظلمن سبب برباد ٿيا. اروڙ شھر ۾ جيڪو بہ سوداگر اچي لهندو هو تہ دلوراءِ ان کان ڏاڍ جي زور تي اڌ مال ڦُري وٺندو هو ۽ جيڪڏهن ان سوداگر سان ڪا سھڻي زال هوندي هئي تہ اها بہ زوريءَ کسيندو هو. هڪ دفعي سيف الملوڪ نالي هڪ سوداگر بيت ڏانهن ويندي اچي اروڙ پهتو، ان سان گڏ ان جي هڪ سھڻي زال بديع الجمال بہ هئي. دلوراءِ سيف الملوڪ کي محصول ادا ڪرڻ لاءِ تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. سيف الملوڪ هڪ ڏينهن جي مهلت گهري ۽ سڄي رات عبادت ڪري خدا کان پنھنجي ننگ و ناموس ۽ مال جي حفاظت جي دعا گهرندو رهيو. انهيءَ رات قدرت اهڙو بندوبست ڪيو، جو سيف الملوڪ پنھنجي زال سميت خير سان اروڙ مان نڪري هليو ويو.
صبح جو جڏهن دلوراءِ کي اها خبر پئي تڏهن هٿ مليندو رهجي ويو. سيف الملوڪ جي بددعا سبب اروڙ جو شھر تباھہ ٿي ويو. اروڙ جي تباھہ ٿيڻ کانپوءِ هي دلوراءِ برهمڻ آباد اچي رهيو. برهمڻ آباد ۾ بہ هن جا ساڳيا ئي ڪرتوت هئا. ڪا سھڻي عورت يا ڪنهن وٽ مال ڏسندو هو تہ پوءِ لالچ ۾ اچي، اها حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ايستائين جو پنھنجي ڀاءُ ڇُٽي امراڻيءَ کي بہ نہ ڇڏيائين. ڇُٽي امراڻي ننڍپڻ ۾ اسلام قبوليو. هن جي مٽن مائٽن هن کي گهڻو ئي سمجهايو پر هي ڪين مڃيو ۽ حج جي ارادي سان جلد مڪي ڏانهن هليو ويو، اتي پهچي هن هڪ عورت کي دڪان تي قرآن شريف جي تلاوت ڪندي ڏٺو تہ اتي بيهي رهيو. عورت پڇيس تہ ڇو بيٺو آهين؟ هن چيو تہ قرآن شريف ٻڌڻ لاءِ بيٺو آهيان. ان عورت کي عرض ڪندي چيائين اي پاڪ عورت! جي تون مون کي قرائت سيکارين تہ آءٌ تنهنجو هميشہ احسانمند رهندس. ان عورت چيو تہ قرآن ۾ منهنجي استاد هڪ ڇوڪري آهي، جيڪڏهن تون ڪپڙا بدلائي ان ڇوڪريءَ جو لباس پهري اچين تہ آءٌ تو کي اتي وٺي هلان. اهڙيءَ طرح ڇُٽو انهيءَ ڇوڪريءَ وٽ قرآن پڙهڻ لڳو. اها ڇوڪري نجوم جي علم جي ڏاڍي ماهر هوندي هئي ۽ سڀني کي پئي حال ٻڌائيندي هئي. اهو ڏسي هڪ ڏينهن ڇٽي امراڻي هن ڇوڪريءَ کان پڇيو تہ تون سڀني کي پئي حال قال ٻڌائين، ڇا پنھنجي خبر آهي. انهيءَ تي هن ڇوڪري پنھنجي قسمت ڏسي چيو تہ منهنجي شادي هڪ سنڌيءَ سان ٿيندي ۽ اهو سنڌي تون آهي. هاڻي وڃي پنهنجو حليو درست ڪر ۽ منهنجي ٻانهن اچي منهنجي مائٽن کان وٺ.
اهڙيءَ طرح مڪي ۾ انهيءَ ڇوڪريءَ سان سندس شادي ٿي. ڇٽو پنھنجي زال وٺي اچي برهمڻ آباد ۾ ويٺو. دلوراءِ کي جڏهن خبر پئي تہ هن گهڻائي وس ڪيا، پر ڇٽي جي ڊپ کان ڪجهہ بہ نہ ٿي ڪري سگهيو، آخر هڪ ڏينهن دلوراءِ وجهہ وٺي ڇٽي کي ڪنهن ڪم سان ٻاهر موڪلي، پاڻ ڇٽي جي گهر ۾ سندس زال ڏسڻ آيو، ڇٽو بہ انهيءَ وقت گهر پهتو ۽ دلوراءِ جي اها ڪريل حرڪت ڏسي پنھنجي زال کي وٺي شھر مان نڪري هليو ويو ۽ ويندي ويندي، اهو پڙهو ڏنائين تہ دلوراءِ حاڪم جي بدڪرداريءَ سبب هي شھر اڄ تباھہ ٿيندو ۽ ٿيو بہ ائين، برهمڻ آباد انهيءَ رات ئي غرق ٿي ويو، فقط هڪ منارو عبرت جو يادگار رهيو. دلوراءِ اروڙ ۽ برهمڻ آباد جي تباهي کانپوءِ اچي پنھنجي ڀاءُ ڇٽي امراڻيءَ جي پيرن تي ڪريو ۽ معافي وٺڻ لڳو. ڇٽي امراڻي جي هٿ تي دلوراءِ مسلمان ٿيو ۽ برن ڪمن کان توبھہ ڪيائين. جديد دور جي محققن دلوراءِ جي قصي کي حقيقت بجاءِ هڪ من گهڙت افسانو سڏيو آهي.


لفظ دلو راءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو