دلو راءِ: دلو راءِ، دلور شهر جو رهاڪو هو، جيڪو شهر سندس نالي پٺيان سڏيو ٿي ويو. انهيءَ جي اولاد مان هڪ ٻيو دلوراءِ سومرن جي دؤر ۾ به ملي ٿو. دلوراءِ ثاني وڏو ظالم بدڪردار ۽ بڇڙن افعالن وارو هو. اروڙ ۽ برهمڻ آباد جھڙا شهر هن جي ظلمن سبب برباد ٿيا. اروڙ شهر ۾ جيڪو به سوداگر اچي لهندو هو ته دلوراءِ ان کان ڏاڍ جي زور تي اڌ مال ڦُري وٺندو هو ۽ جيڪڏهن ان سوداگر سان ڪا سهڻي زال هوندي هئي ته اها به زوريءَ کسيندو هو. هڪ دفعي سيف الملوڪ نالي هڪ سوداگر بيت الله ڏانهن ويندي اچي اروڙ پهتو، ان سان گڏ ان جي هڪ سهڻي زال بديع الجمال به هئي. دلوراءِ سيف الملوڪ کي محصول ادا ڪرڻ لاءِ تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. سيف الملوڪ هڪ ڏينهن جي مهلت گھري ۽ سڄي رات عبادت ڪري خدا کان پنهنجي ننگ و ناموس ۽ مال جي حفاظت جي دعا گھرندو رهيو. انهيءَ رات قدرت اهڙو بندوبست ڪيو، جو سيف الملوڪ پنهنجي زال سميت خير سان اروڙ مان نڪري هليو ويو.
صبح جو جڏهن دلوراءِ کي اها خبر پئي تڏهن هٿ مليندو رهجي ويو. سيف الملوڪ جي بددعا سبب اروڙ جو شهر تباهه ٿي ويو. اروڙ جي تباهه ٿيڻ کانپوءِ هي دلوراءِ برهمڻ آباد اچي رهيو. برهمڻ آباد ۾ به هن جا ساڳيا ئي ڪرتوت هئا. ڪا سهڻي عورت يا ڪنهن وٽ مال ڏسندو هو ته پوءِ لالچ ۾ اچي، اها حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ايستائين جو پنهنجي ڀاءُ ڇُٽي امراڻيءَ کي به نه ڇڏيائين. ڇُٽي امراڻي ننڍپڻ ۾ اسلام قبوليو. هن جي مٽن مائٽن هن کي گھڻو ئي سمجھايو پر هي ڪين مڃيو ۽ حج جي ارادي سان جلد مڪي ڏانهن هليو ويو، اتي پهچي هن هڪ عورت کي دڪان تي قرآن شريف جي تلاوت ڪندي ڏٺو ته اتي بيهي رهيو. عورت پڇيس ته ڇو بيٺو آهين؟ هن چيو ته قرآن شريف ٻڌڻ لاءِ بيٺو آهيان. ان عورت کي عرض ڪندي چيائين اي پاڪ عورت! جي تون مون کي قرائت سيکارين ته آءٌ تنهنجو هميشه احسانمند رهندس. ان عورت چيو ته قرآن ۾ منهنجي استاد هڪ ڇوڪري آهي، جيڪڏهن تون ڪپڙا بدلائي ان ڇوڪريءَ جو لباس پهري اچين ته آءٌ تو کي اتي وٺي هلان. اهڙيءَ طرح ڇُٽو انهيءَ ڇوڪريءَ وٽ قرآن پڙهڻ لڳو. اها ڇوڪري نجوم جي علم جي ڏاڍي ماهر هوندي هئي ۽ سڀني کي پئي حال ٻڌائيندي هئي. اهو ڏسي هڪ ڏينهن ڇٽي امراڻي هن ڇوڪريءَ کان پڇيو ته تون سڀني کي پئي حال قال ٻڌائين، ڇا پنهنجي خبر آهي. انهيءَ تي هن ڇوڪري پنهنجي قسمت ڏسي چيو ته منهنجي شادي هڪ سنڌيءَ سان ٿيندي ۽ اهو سنڌي تون آهي. هاڻي وڃي پنهنجو حليو درست ڪر ۽ منهنجي ٻانهن اچي منهنجي مائٽن کان وٺ.
اهڙيءَ طرح مڪي ۾ انهيءَ ڇوڪريءَ سان سندس شادي ٿي. ڇٽو پنهنجي زال وٺي اچي برهمڻ آباد ۾ ويٺو. دلوراءِ کي جڏهن خبر پئي ته هن گھڻائي وس ڪيا، پر ڇٽي جي ڊپ کان ڪجهه به نه ٿي ڪري سگھيو، آخر هڪ ڏينهن دلوراءِ وجهه وٺي ڇٽي کي ڪنهن ڪم سان ٻاهر موڪلي، پاڻ ڇٽي جي گھر ۾ سندس زال ڏسڻ آيو، ڇٽو به انهيءَ وقت گھر پهتو ۽ دلوراءِ جي اها ڪريل حرڪت ڏسي پنهنجي زال کي وٺي شهر مان نڪري هليو ويو ۽ ويندي ويندي، اهو پڙهو ڏنائين ته دلوراءِ حاڪم جي بدڪرداريءَ سبب هي شهر اڄ تباهه ٿيندو ۽ ٿيو به ائين، برهمڻ آباد انهيءَ رات ئي غرق ٿي ويو، فقط هڪ منارو عبرت جو يادگار رهيو. دلوراءِ اروڙ ۽ برهمڻ آباد جي تباهي کانپوءِ اچي پنهنجي ڀاءُ ڇٽي امراڻيءَ جي پيرن تي ڪريو ۽ معافي وٺڻ لڳو. ڇٽي امراڻي جي هٿ تي دلوراءِ مسلمان ٿيو ۽ برن ڪمن کان توبهه ڪيائين. جديد دور جي محققن دلوراءِ جي قصي کي حقيقت بجاءِ هڪ من گهڙت افسانو سڏيو آهي.