دلير دِل خان: نواب دلير دل خان مغليه سلطنت طرفان نواب سيف ﷲ خان کانپوءِ ٺٽي جو حاڪم مقرر ٿيو. 1143ھہ/1730ع جي آخر ۾ کيس ٺٽي ۾ مقرر ڪيو ويو. هن تقريباً ٻہ سال ٺٽي تي حڪومت ڪئي. ٻن سالن ۾ فلاحي ڪمن کانسواءِ تعميري ڪم بہ ڪرايائين. هن قديم تاريخي عمارتن جي مرمت ڪرائي ۽ هڪ عاليشان مدرسو ٺهرائي، ان کي هلائڻ لاءِ معلم مقرر ڪيا. ٻہ سال وڏي امن امان سان گذاريائين، ان کانپوءِ ٺٽي جو صوبو نواب امير خان کي انعام ۾ ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ نواب دلير دل خان واپس مغل سلطنت جي دارالسلطنت هليو ويو، پر ڪجهہ عرصي بعد واپس اچي ٺٽي ۾ هڪ عام شهريءَ وانگر مقيم ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.