
دليل ڪوٽ دهليل جو قلعو

دليل ڪوٽ دهليل جو قلعو
دليل ڪوٽ/ دهليل جو قلعو (دليل ديرو): تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ تھذيب ۽ تمدن جي شروعات درياهن کان ٿي آهي. انساني آبادين، ڪاروباري مرڪزن، شهرن ۽ قلعن ۽ ڪوٽن جا جيڪي بہ اهڃاڻ ۽ پار پتا ملن ٿا، اهُي سڀ درياھہ جي ڪنڌين يا ان مان نڪرندڙ شاخن جي وهڪري يا لنگهہ وٽ ٻڌل هئا. موهن جي دڙي کان چانهون جي دڙي تائين سمورا قديم شھر درياھہ جي ڪنڌين تي نظر اچن. اهو ئي سبب آهي جو درياھہ جي رخ مٽائڻ سان آباد ۽ وسنديءَ وارا ڪيترا شھر ۽ ڳوٺ ڦٽي تباھہ ٿي ويل ڏسجن ٿا. سنڌ ۾ راءِ گهراڻي (50ع کان 662ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (712ع تائين) جي حڪمرانن واپارين کي تحفظ ڏيڻ ۽ هن ملڪ کي ڌارين لوڌين کان بچائڻ لاءِ درياھہ جي ڪنڌين تي مضبوط قلعا ۽ ڪوٽ ٺهرايا هئا. انهن قلعن مان هڪ قديم قلعو ’دهليل جو قلعو‘ بہ آهي، جيڪو پنھنجي شانائتي تاريخي حيثيت ڪري وڏي اهميت رکي ٿو ۽ عرف عام ۾ ’دليل ڪوٽ‘/ ’دليل ديرو‘ سڏجي ٿو. هيءُ تاريخي قلعو سڪرنڊ شھر کان ٽن ميلن جي پنڌ تي نوابشاھہ ڏانهن ويندڙ روڊ سان دليل ديري سبب اسٽاپ تي موجود آهي، جيڪو هن وقت ’دليل ڪوٽ‘ جي نالي سان مشھور آهي. هن قديم قلعي بابت سنڌ جون تاريخون اڪثر خاموش آهن، جنهنڪري هن قلعي جي پراڻي تاريخ مختلف ڏندڪٿائن ۽ عوامي روايتن جي لَٽ ۾ لٽجي پنھنجي اهميت وڃائي رهي آهي. اسان جي محققن بہ هن ڏس ۾ مٿاڇري قلم کڻڻ کانسواءِ ڪا جوڳي کوجنا نہ ڪئي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تعليقات چچنامه ۽ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ جي هڪ تحقيقي مضمون دليل ڪوٽ/ دهليل قلعي ۽ اشتياق انصاريءَ جي ڪتاب ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ ۾ دليل ڪوٽ جي ذڪر کان سواءِ ڪنهن ٻئي عالم يا محقق ڀرپور انداز ۾ کوجنا نہ ڪئي آهي. سڪرنڊ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ هن قلعي تي ڪجهہ وقت اڳ تحقيق ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن عظيم تاريخي ورثي جي گهڻ پاسائين کوجنا ڪري تاريخي سچ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن قلعي جو نالو ’دهليله‘ آهي، جيڪو نالو سڀ کان اڳ مشھور مورخ بلاذريءَ (2699 پنھنجي تڪاب ’فتوح البلدان‘ ۾ ڏنو آهي. پوءِ جي مورخن ان ساڳيءَ پڙهڻيءَ کي قائم رکيو آهي. هن قلعي متعلق ڪي عوامي روايتون بہ ملن ٿيون، پر اهي ڏندڪٿائن کان وڌيڪ حيثيت نہ ٿيون رکن. جھڙوڪ: ڪن روايتن موجب هي قلعو ٽالپرن جي هڪ نواب مير دليل خان ٺهرايو هو. ٻيءَ روايت موجب هي قلعو ٽالپري دؤر ۾ دليل خان مگسيءَ ٺهرايو هو. هڪ روايت موجب هي قلعو ميرن جي ڪنهن ڪوٽوال ٺهرايو هو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو تہ انهن ٻنهي نالن سان ٽالپري دؤر ۾ هن علائقي ۾ ڪو بہ نواب يا ڪارائو ڪونه ٿو ملي. اهي محض مقامي قياس آرايون آهن، ليڪن اهي روايتون بنھہ ڪوڙيون بہ نہ آهن. انهن مان ڪجهہ حقيقت ضرور ملي ٿي، ڇو تہ ٽالپرن جي دؤر ۾ مـيـر نـور مـحمـد خـان ٽـالپـر (1832- 1840ع) هن قلعي جي مرمت ڪرائي هئي. ان مرمت جي بنياد تي عوامي روايتن ۾ هن قلعي (دليل ڪوٽ) کي ٽالپرن جي دؤر سان ڳنڍيو ويو آهي، جنهن جي عربي صورت ’دهليله‘ آهي. اڳتي هلي عوامي لهجي ۾ ’ھہ‘ حذف ٿي وئي ۽ ’دهليل‘ بدران ’دليل ڪوٽ‘ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. هي قلعو تيرهن سؤ ورهين کان بہ وڌيڪ عرصو اڳ جو ٺهيل آهي. چچنامي جي بيان مان پتو پوي ٿو تہ عربن جي سنڌ تي حملي (92ھہ/ 711ع) وقت بہ هي قلعو فوجي مقصدن لاءِ استعمال هيٺ هو. چچنامي جو مصنف لکي ٿو ته، ”محمد بن قاسم، برهمڻ آباد کي فتح ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو ۽ اهو شھر آباد ۽ سندس ملڪ ڪشادو ۽ سرسبز هو. راوڙ ۽ برهمڻ آباد کي ٻہ قلعا هئا، هڪ کي ’بهرور‘ ۽ ٻئي کي ’دهليل‘ سڏيندا هئا. هنن قلعن ۾ اٽڪل سورهن هزار جنگي سپاهي هئا. محمد بن قاسم اتي پهچي ٻن مهينن تائين گهيرو ڪيو. بهرور جي فتح کان پوءِ جڏهن اها خبر دهليل وارن کي پهتي ۽ اها بہ خبر پين تہ محمد بن قاسم فوج سان هن طرف اچي رهيو آهي تہ دهليل جي قلعي ۾ رهندڙ واپاري هندستان هليا ويا ۽ جنگي سپاهي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويٺا. اٽڪل ٻن مهينن تائين قلعي جو گهيرو رهيو. سيد ابو ظفر ندويءَ جو بيان بہ لڳ ڀڳ ساڳيو آهي، جيڪو لکي ٿو تہ ”ماھہ شوال 93ھہ ۾ محمد بن قاسم برهمڻ ڏانهن پيشقدمي ڪئي. رستي ۾ ٻہ مضبوط قلعا هئا، هڪ دهليل ٻيو بهرور. هر قلعي ۾ سورهن هزار فوج هئي.“ عبدالرحمان علي محمد سومري پنھنجي ڪتاب ۾ جرجي زيدان جي ڪتاب (’تمدن اسلام‘، جلد 3، باب علوم عرب، انسٽيٽيوٽ پريس عليڳڙھہ، سال 1908ع) جي حوالي سان لکي ٿو تہ مهراڻ جي ماٿريءَ تي 50ع کان 662ع تائين راءِ گهراڻي جي راجائن ۽ 712ع تائين برهمڻ راجائن حڪومتون ڪيون. مهراڻ (جيڪو واپار ۾ بنيادي حيثيت رکندڙ هو) جي بچاءَ لاءِ انهن سري کان ڊيلٽا تائين مضبوط قلعا تعمير ڪرايا هئا، جھڙوڪ: ملتان، اچ مو، راوڙ، بهرور، دهليلا، الور، سيوستان، برهمڻ آباد، نيرون ڪوٽ ۽ ديبل وغيرہ. ڪن قلعن کي ٻٽيون ديوارون ڏنل هيون- ڪوٽن جا برج ۽ گنبذ بلنديءَ جي لحاظ کان يورپ جي گاٿ عمارتن کان گهٽ نہ هئا. مٿين تاريخي حوالن مان هيءَ ڳالھہ چٽيءَ طره ثابت ٿئي ٿي تہ هي قلعو راءِ گهراڻي (450- 662ع) يا ان کان پوءِ برهمڻ گهراڻي (712ع تائين) جي دؤر ۾ تعمير ٿيو آهي. ان کانسواءِ مٿئين بيان موجب هن قلعي کي ڏنل ٻٽيون ڀتيون [جيڪي اڄ بہ موجود آهن] پڻ اهو ثابت ڪن ٿيون تہ هي قلعو راءِ يا برهمڻ گهراڻن جي دؤر جو تعمير ٿيل آهي ۽ هن قلعي جي تعمير جو زمانو اُچ، ملتان، نيرون ڪوٽ، ديبل ۽ الور جي قلعن جي لڳ ڀڳ آهي. غلام حسين جوڻو پنھنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته، ”هن قلعي جو تعميراتي ڪم، جھڙوڪ: مورچا ۽ دروازي اندران ڪمرا هوبهو ڪوٽڏيجي قلعي وانگر آهن، تنهن مان ائين ٿو لڳي تہ هي قلعو ڪوٽڏيجيءَ واري دؤر جو آهي.“ پر پهرين راين جي ڀيٽ ۾ جوڻي صاحب جي دليل ۾ ايترو وزن ڪونهي. جاگرافيائين بيهڪ جي سلسلي ۾ تاريخي بيانن جي آڌار تي هيٺيان اهڃاڻ ملن ٿا: چچنامي جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو تہ هن قلعي جي دروازي جو منهن وارياسي علائقي ڏانهن هو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ جي تحقيق موجب اهو وارياسو علائقو هاڻوڪي نوابشاھہ شھر جي اڀرندي پاسي هو. هُو لکي ٿو ته، اڳئين وقت ۾ موجودہ نوابشاه شھر جي اڀرندي طرف ريگستاني علائقو هو ۽ هن دؤر ۾ نوابشاھہ شھر کان سٺ ميل شھر کان نصرت واھہ جي اوڀر ۾ وارياسو علائقو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان جي تحقيق موجب واقعي قديم دؤر ۾ اهو ريگستاني علائقو هن قلعي جي سامهون هو. هن قلعي جي ڀرسان هڪ نھر لنگهندي هئي. سيد ابوظفر ندوي لکي ٿو ته، ”ذوالحج سن 93ھہ ۾ ٻن مهينن تائين محمد بن قاسم قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ آخر ۾ ماڻهو قلعي جي سامهون دروازي کان نڪري نھر پار ڪري هليا ويا.“ چچنامي ۾ جلوالي نالي هڪ نھر جو ذڪر ملي ٿو، جيڪا سنڌو درياھہ مان نڪرندي هئي ۽ دهليل جي قلعي جي ويجهو لنگهندي هئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان نھر جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”جلوالي جي نھر برهمڻ آباد جي اوڀر ۾ وهندي هئي ۽ غالباً اها ئي نھر آهي، جنهن جي ڪناري تي محمد بن قاسم فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. هيءُ جلواليءَ جو قديم نالو ڄراڙي، جراري، زماني جي حالتن موجب ڦرندو رهيو ۽ ڄراڙيءَ جو ڳوٺ ۽ ديھہ (شھدادپور کان اٽڪل ڏهن ميلن تي اڀرندي پاسي آهي) اڄ بہ انهيءَ ڍوري جا نشان موجود آهن.“ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ موجب ته، ”جلالي، جلوالي ۽ هاڻ جلالاڻي شاخ سڪرنڊ جي ڀرسان ٻن ميلن تي موجود آهن. قومي شاهراه جي ڀرسان ’ذيڪري پير‘ جي اتر ۾ واقع هن شاخ جو ڍورو رستي کي پار ڪري ٿو. ڪجهہ وقت اڳ روهڙي ڪئنال کي کنڊ پيو هو تہ پاڻي اهو رستو ڏئي دليل ڪوٽ جي هيٺيان پراڻي درياھہ جو ڍورو پار ڪري اچي جلالاڻي شاخ ۾ پيو هو.“ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ جي تحقيقي راءِ حقيقت جي ويجهو آهي، ڇاڪاڻ تہ چچنامي جي بيان مان چٽو اشارو ملي ٿو تہ جلوالي نھر هن قلعي جي ڀرسان لنگهندي هئي ۽ جلالاڻي شاخ هن قلعي کي ڄراڙيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻي ويجهو آهي. ان کانسواءِ جلواليءَ جي بگڙيل صورت ڄراڙيءَ بدران ’جلالاڻي‘ وڌيڪ درست آهي. جلواليءَ مان جلالاڻي ٿيڻ جوهڪ سبب اهو بہ آهي تہ هن شاخ جي ڀرسان جلالاڻين جو قديم ڳوٺ بہ آباد آهي. اُن ڳوٺ جي جلالاڻين مان جمال خان جلالاڻي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ نالي ۽ رسوخ وارو برزگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي پٿر جي اُڪر جي ڪم تي ٺهيل وڏي قبر آرادين جي قبرستان ۾ اڄ بہ موجود آهي، جنهن تي سندس وفات جو سال 1204ھہ اُڪريل آهي. هن قلعي جي ڀرسان هاڪڙو درياھہ وهندو هو. عبدالرحمان علي محمد سومرو لکي ٿو ته، ”هاڪڙي جو ٻيو نالو ’وهندو‘ بہ هو، جيڪو انبالا کان مٿڀرو، هماليہ جي سيوالڪ جبلن مان نڪري اڀرندي پنجاب، بيڪانير ۽ سنڌ جي اڀرندي حصي کي پنھنجي شاخن وسيلي آباد ڪندو، لکپت وٽ ڪوريءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته، ”تاريخي لحاظ کان موجودہ روهڙي شھر جي اتر کان سنڌو درياھہ مان هڪ شاخ ڦٽي نڪرندي هئي، جا ’هاڪڙي درياھہ‘ جي نالي سان سڏبي هئي ۽ سنڌو درياھہ خود اهو ئي هو، جيڪو هن وقت تائين پنھنجي ساڳئي موجودہ وهڪري سان وهندو رهي ٿو.“ ڊاڪٽر نبي بخش لکي ٿو ته، اندازاً ڏهين صدي عيسويءَ جي آخر کان وٺي چوڏهين صدي عيسويءَ جي شروع تائين سنڌو درياھہ جو مکيہ وهڪرو موجودہ موري ۽ سڪرنڊ جي وچ ڌاري اوڀر طرف ور کائي موجودہ ميرپورخاص جي رخ تي وهندو هو، جتان کان وٺي هيٺ درياھہ جو اهو وهڪرو ’پراڻ‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو، جن جي ٻن مکيہ شاخن جا ڦٽل پيٽ اڃا تائين ميرپورخاص کان هيٺ ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود آهن. شمس الدين قريشي لکي ٿو ته، ”ابن حوقل هاڪڙي درياھہ جي وهڪري جي الهندي طرف اروڙ جو شھر ۽ ڏکڻ ۾ سدو سان جو شھر ڏيکاريو آهي. اهو حصو نوابشاھہ ضلعي جي اڀرندي واري حصي ناري تائين ٿئي ٿو. هن حصي ۾ ’مير رڪڻ جو ٺلھہ‘ دولتپور صفن کان اٺن ڪلوميٽرن پنڌ تي آهي. انهي هاڪڙي درياھہ جي ڪناري تي سڌوجن وارو ڪچو قلعو ۽ نوابشاھہ ۽ سڪرنڊ وارو ڪچو قلعو ۽ قديم قلعن جا نشان آهن.“ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”اهڙن آڳاٽن قلعن مان دهليل جو قلعو يعني دليل ڪوٽ قديم زماني ۾ سنڌو درياھہ مان نڪرندڙ هاڪڙا شاخ جي ڪپ تي ڏکڻ اوڀر ۾ تعمير ڪيل هو.“مٿين تاريخي حوالن مان ثابت ٿئي ٿو تہ هاڪڙو درياھہ هن قلعي جي ڀرسان وهندو هو ۽ هي قلعو هاڪڙي درياھہ جي ڪپ تي ٺاهيو ويو هو. اڄ بہ هن قلعي جي ڀرسان هاڪڙي درياھہ جي وهڪري جا نشان وارياسن دُٻن، هيٺال واري زمين ۽ ڍورن جي صورت ۾ درياھہ جي پيٽ جي شاهدي ڏين ٿا. واپاري لحاظ کان هن قلعي جي وڏي حيثيت رهي آهي، جو هن قلعي ۾ وڏا وڏا واپاري رهندا ها، جن جو هندستان ۽ ڏيسارو خشڪيءَ توڙي درياھہ رستي واپار هلندڙ هو. هن قلعي جي حيثيت اهم واپاري بندر جي هئي. تاريخي بيانن مان پڻ ان ڳالھہ جي ثابتي ملي ٿي. چچنامي جو مصنف لکي ٿو ته، ”بهرور جي فتح کان پوءِ جڏهن اها خبر دهليل وارن کي پهتي ۽ اها خبر پين تہ محمد بن قاسم فوج سان هن طرف اچي رهيو آهي تہ دهليل جي قلعي ۾ رهندڙ واپاري هندستان هليا ويا.“ ساڳي ڳالھہ سيد ابو ظفر ندويءَ پنھنجي ڪتاب ۾ لکي آهي. هُو ان ڏس ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته، ”دهليل جي قلعي مان محمد بن قاسم کي وڏي دولت هٿ آئي هئي، جنهن جو پنجون حصو هن خليفي ڏانهن عراق موڪليو هو.“ ان مان واضح ٿئي ٿو تہ هن قلعي ۾ جهجهي دولت پڻ موجود هئي، جيڪا هن قلعي جي واپاري حيثيت ۽ اهميت جي شاهدي ڏئي ٿي. اها وڏي دولت جيڪا عرب فوجين کي هن قلعي مان ڦٻي، سا هن قلعي جي سپاهين وٽان نه، پر واپاري قسم جي ماڻهن وٽان ملي هوندي ۽ اها دولت هيرن، موتين ۽ سون جي صورت ۾ ئي هوندي، ڇاڪاڻ تہ عبدالرحمان علي محمد چواڻي: ان دؤر ۾ واپاري ڏيتي ليتي سڪن بدران سچن موتين وسيلي ٿيندي هئي. هو صاحب لکي ٿو ته، ”مٿين بندرن ۾ واپارين جا عاليشان محلات، گدام ۽ تجارتي ڪوٺيون هيون، سڪن بدران سچا موتي هلندا هئا. مطلب تہ هي قلعو واپاري لحاظ کان هاڪڙي درياھہ جو مشھور پتڻ ۽ اهم واپاري مرڪز هو. هن قلعي جي فوجي اهميت بابت چچ نامي ۽ ٻين تاريخي بيانن مان اها ڳالھہ پڌري ٿئي ٿي تہ هي قعلو فوجي اهميت جي لحاظ کان نهايت اهم هو. هن قلعي ۾ سورهن هزار فوج موجود هئي. بهرور ۽ دهليل قلعا برهمڻ آباد جي بچاءَ لاءِ ڍال جو ڪم ڏيندڙ هئا. سيد ابو ظفر ندوي بہ ساڳي ڳالھہ لکي آهي. يعني برهمڻ آباد جي فتح جا سپنا ڏسندڙ حملي آورن لاءِ برهمڻ آباد جي فتح کان اڳ هن قلعي وارن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ ضروري هئي، ان مان هن قلعي جي فوجي اهيمت ۽ ان دؤر جي حڪمرانن جي فوجي مهارت ۽ رٿابنديءَ جي پڻ خبر پوي ٿي. مطلب تہ هيءَ قلعو سنڌ جي تخت گاھہ الور ۽ برهمڻ آباد جي بچاءَ لاءِ هڪ مضبوط فوجي چوڪي يا ڇانوڻي هو. هن قلعي جي حڪمرانن بابت متضاد رايا ملن ٿا، جن مان مونجهارو پيدا ٿيو آهي، خود چچنامي جي بيان ۾ بہ چٽائي ڪانهي. هن قلعي جي فتح ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڪهڙا حڪمران هئا، اهو منجهيل مسئلو آهي. چچنامي جو مصنف هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”هن قلعي جو حاڪم ديوراج هو، جيڪو راجا ڏاهر جو سوٽ هو.“ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”محمد بن قاسم حنظله بن ڪلابيءَ کي دهليل جو حاڪم مقرر ڪيو“ ۽ ٽئين هنڌ لکي ٿو ته، ”جڏهن دهليل فتح ٿيو تہ محمد بن قاسم نوبھ بن هارون کي سڏي کانئس بيعت ورتي ۽ اتان کان وذاتيھ تائين ملڪ سندس انتظام هيٺ ڏئي، ڪناري جي ٻيڙين جو ڪم سندس حوالي ڪيو. گڏوگڏ انهيءَ قلعي جي اڀرندي ۽ الهندي ڪناري جو پورو ڪاروبار سندس هٿ ۾ ڏنائين.“ رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ”الور ۽ برهمڻ جي وچ ۾ دهليل جي قلعي جي حاڪم نبويه پٽ ڌاران وٽ سورهن هزار لشڪر هو.“ سيد ابو ظفر ندوي موجب نوبيه پٽ ڌاران کي هن قلعي جي فتح کان پوءِ ناظم مقرر ڪيو ويو. هو لکي ٿو ته، ”جمادي الاول سن 93 ھہ ۾ عرب فوج برهمڻ آباد ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ دهليل جي فتح کان پوءِ ڌاران جي پٽ نوبيه کي اتان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.“ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته، ”چچ نامہ ۾ دهليل جي حاڪم جو نالو ڪلابيءَ جو پٽ حنظله آهي، شايد ڌاران جي پٽ نبويه جي مٿان اهو عرب نگران حاڪم هو“. ان ڪري واضح ٿئي ٿو تہ هن قلعي جي فتح کان اڳ هتان جو حاڪم راجا ڏاهر جو پٽ ديوراج هو، جيڪو شڪست کان اڳ قلعو ڇڏي نڪتو هو ۽ ويندي ويندي هن نوبيه پٽ ڌاران (ڌارڻ) کي قلعي تي پنهنجو نائب مقرر ڪيو، جنهن عرب فوج سان بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ شڪست کاڌي. هن قلعي جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم سندس بهادريءَ کان متاثر ٿي يا ڪنهن جي سفارش تي ان کان بيعت وٺي کيس قلعي جو ناظم مقرر ڪيو ۽ پاڻ برهمڻ آباد ڏانهن ڪوچ ڪيو هوندائين. چچنامي جي بيان موجب محمد بن قاسم ڇھن مهينن کان پوءِ برهمڻ آباد جي فتح کان آجو ٿي ضروري انتظامي تبديليون ڪيون هيون، جنهن موجب هن دهليل تي حنظله پٽ ڪلابي ۽ راوڙ تي نبويه پٽ ڌاران کي مقرر ڪيو. چچنامي وارو لکي ٿو ته، ”نوبھ بن دارس کي راوڙ جي قلعي تي مقرر ڪيائين ۽ ٻئي هنڌ لکي ٿو تہ ”حنظله پٽ ڪلابيءَ کي دهليله جو حاڪم ڪيائين.“ اُن کانسواءِ مولائي شيدائي، سيد ابو ظفر ندوي ۽ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ دهليل جي حاڪم جو نالو نبويه پٽ ڌاران ڄاڻايو آهي، جڏهن تہ چچنامي وارو اهو نالو نوبة بن هارون ۽ نوبة بن دارس لکي ٿو. جنگين بابت اها ڳالھہ چٽي ٿئي ٿي تہ هن علائقي جي امن واري ڌرتيءَ کي ڌارين حملي آورن لوڀ ۽ لالچ جي انڌ ۾ پنھنجي گهوڙن جي سُنبن سان لتاڙيو آهي. هتان جي امن پسند ماڻهن کي مهينن جا مهينا گهيري ۾ رکيو ويو آهي ۽ هن قديم قلعي، ڌرتيءَ ڄاون کي پناھہ ڏيڻ جي ڏوھہ ۾ پنھنجي سيني تي منجنيقن جا گهاءُ سٺا آهن. مطلب تہ هن قلعي وارو علائقو جنگ جو ميدان رهيو آهي. چچ نامي وارو لکي ٿو ته، ”اٽڪل ٻن مهينن تائين قلعي جو گهيرو رهيو، نيٺ قلعي وارن تنگ ٿي ڪفن پهري، خوشبوءِ مکي قلعي جي ان دروازي وٽ ٻارن ٻچن کي موڪليو، جنهن جو رخ ريگستان طرف هو.“ چچنامي جو مصنف ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”جڏهن راوڙ ۽ بهرور جي فتح ٿيڻ جي خبر دهليله ۾ پهتي تڏهن ڄاتائون ته، ”محمد بن قاسم وٽ ڪافي ساز و سامان آهي، اسان کي کانئس بيپرواھہ نہ ٿيڻ گهرجي، سو واپاري هندستان هليا ويا ۽ جنگي جوڌا پنھنجي ملڪ جي بچاءِ لاءِ کڙا ٿيا.“ رحيمداد خان مولائي شيدائي وڌيڪ چٽائيءَ سان احوال ڏيندي لکي ٿو ته، ”الور ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ دهليل جي قلعي جي حاڪم نبويه پٽ ڌاران وٽ سورهن هزار لشڪر سان هو ۽ هو محمد بن قاسم سان بهادريءَ سان وڙهيو ۽ آخر ۾ شڪست کاڌائين.“ مٿين حوالن مان ثابت ٿئي ٿو تہ هن قلعي جو ٻن مهينن تائين گهيرو رهيو ۽ قلعي وارا کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻي ڪنهن مدد نہ پهچڻ ڪري تنگ ٿي ڪفن پهري، خوشبوءِ مکي سر ڏئي سرهي ٿيڻ لاءِ قلعي کان ٻاهر نڪتا ۽ سر جو سانگو لاهي عرب فوجن سان وڙهيا، پر جيئن تہ گهيرو ڪندڙ عرب فوج تيار هئي ۽ کين کاڌي پيتي جو ڪو بہ مسئلو ڪونه هو. ان ڪري اها قلعي وارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تازي تواني هئي. نتيجي طور باوجود دليريءَ سان مقابلي ڪرڻ جي، قلعي جي فوج کي سوڀ نصيب نہ ٿي. هي قلعو سوا نوَ ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. ميان قائم الدين خاصخيلي پنھنجي مضمون ۾ هن قلعي جي ايراضي اٺ ايڪڙ ڄاڻائي آهي. ميان قائم الدين جي راءِ حقيقت کي وڌيڪ ويجهي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن قلعي سان سندس پراڻي وابستگي رهي آهي. هن قلعي جي تعمير ۾ چيڪي مٽي ڪتب آندي وئي آهي. قلعي جي ڀرسان اڍائي ايڪڙن تي مشتمل هڪ وڏي قديم کڏ پڻ موجود آهي، جيڪا هن وقت ڍنڍ جي صورت ۾ قائم آهي. عام خيال آهي تہ هن ڪوٽ جي اڏاوت لاءِ مٽي ان کڏ مان کنئي وئي هوندي. ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ اها کڏ ٽالپرن جي دؤر ۾ هن قلعي جي مرمت لاءِ کنيل مٽيءَ جي ڪري ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ڪوٽ جي اڏاوت هن اڍائي ايڪڙن جي کڏ جي مٽيءَ مان نٿي ٿي سگهي. هن قلعي جي ڀتين ۾ کٻڙ جو ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آهي. هن قلعي جون ڀتيون ايتريون تہ ويڪريون آهن، جو هڪ ئي وقت اُن تي ٻہ جيپون گڏي هلي سگهن ٿيون. هن قلعي جي پيڙھہ ارڙهن فوٽ ۽ مٿين ڀت ڏھہ فوٽ کن ٿيندي. هڪ ڀت کان ڏهاڪو کن فوٽ وٿيري ٻي ڀت آهي، جن کي مٽيءَ ۽ کٻڙ جي ڪاٺ جو ڀراءُ ڏئي مضبوط ڪيو ويو آهي. مين گيٽ کان هڪ اسٽريٽ لائين آهي، جيڪا قلعي جي اندرين ايراضيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. ان سڌيءَ ڀت تي هن وقت هن قلعي جي مالڪ ملاح گهراڻي جا گهر آهن. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي چواڻيءَ تہ ”ٽالپرن جي دؤر ۾ هن قلعي جي فوجي اهميت سبب مير نور محمد خان ٽالپر (1249ھہ/ 1833ع- 1256ھہ/ 1840ع) هن قلعي جي نئين سر مرمت ڪرائي هئي.“ مٿئين بيان مان واضح ٿئي ٿو تہ هيءُ قلعو 1840ع تائين فوجي مقصدن لاءِ استعمال هيٺ رهيو آهي، جيڪو ايتري پراڻي دؤر جو ڪونهي، هن قلعي ۾ ڪنهن عمارت يا اڏاوت جا اهڃاڻ ملڻ کپن، پر هن وقت قلعي جي اندر ڪنهن بہ قديم اڏاوت جا آثار موجود نہ آهن. هيءُ قلعو هن وقت ملاح گهراڻي جي زميندارن جي ملڪيت آهي، جيڪو سن 1951ع ۾ ميان محمد عثمان ملاح سرڪار کان ملھہ تي خريد ڪيو هو. هن گهراڻي ۾ ميان ڌڻي بخش ملاح ۽ محمد صديق ملاح راڄائتا ۽ چڱا مڙس ٿي گذريا آهن. ميان ڌڻي بخش ملاح زميندار هئڻ سان گڏوگڏ وڏو سگهڙ، شاعر ۽ علم دوست انسان هو. هن وقت ٻئي بزرگ وفات ڪري چڪا آهن ۽ هيءُ قلعو سندن پونيرن ممتاز احمد ملاح ۽ سليم ملاح جي ملڪيت آهي. ممتاز احمد ملاح هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو تہ مرهيات ڌڻي بخش آڳاٽو هن قلعي اندر هڪ کوھہ کوٽايو هو، جنهن مان چند چانديءَ جا سڪا هٿ آيا هئا. اهي سڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڏنا ويا هئا، جنهن ٻڌايو تہ هي سڪا نادر شاھہ افشار جي دؤر (1152ھہ) جا آهن. غلام حسين جوڻي پنھنجي هڪ مضمون ۾ مغل دؤر ۾ هڪ سؤ هوسڙن ملاحن کي ڦاهي ڏيڻ جو واقعو هن قلعي سان منسوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا تاريخي غلطي آهي. مٿيون اهم تاريخي واقعي سان هوسڙن ملاحن جي هڪ سؤ جوانن جي گڏيل ڦاهيءَ وارو واقعو مغل دؤر ۾ سيوهڻ جي صوبيدار شمشير بيگ (1019ھہ/ 1032ع) جي زماني جو آهي، جنهن ۾ سميجن جي مدد جي الزام ۾ 100 هوسڙن ملاحن کي درياھہ جي ڀر ۾ لاکاٽ ڳوٺ وٽ ڦاهي ڏني وئي هئي. هي تاريخي قلعو پنھنجي سيني ۾ سنڌ جي تاريخ جون صدين جون حقيقتون لڪائي، اسان جي بي حسي ۽ بي ڌيانيءَ تي ڳوڙها ڳاڙي تباھہ ٿي رهيو آهي. هن قلعي سان سنڌ جي تاريخ جو اهم دؤر لاڳاپيل آهي، جيڪو تحقيق طلب آهي. (حوالو: محمد صديق منگيو، عوامي آواز، 21-22 جون 1991ع) دليل ڪوٽ جي بناوتي اهميت: دليل ڪوٽ يا دهليل ڪوٽ 68° 17" اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 26° 10" اتر ويڪرائي ڦاڪ تي، سڪرنڊ شھر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي نوابشاھہ ويندڙ رستي تي موجود آهي. هي ڪوٽ گول اڏاوت جو نمونو آهي، جنهن ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻارهن برج تعمير ٿيل آهن. هي ڪوٽ سج جي علامت طور ٺهيل آهي. گول ان جي نشاندهي ڪن ٿا. دليل ڪوٽ ۾ ڪتب آندل محرابن کي آرڪيٽيڪچر جي قديم ۽ مروج محرابن سان ڀيٽجي ٿو تہ دليل ڪوٽ جا محراب قديم تاٿڪ محرابن سان ٿورا گهڻا ملن ٿا. تاريخي بيانن موجب هي ڪوٽ دفاعي خيال سان ٺاهيو ويو هو، هي گول قلعو سنڌ جي تختگاھہ الور ۽ برهمڻ آباد جي بچاءَ لاءِ مضبوط چوڪي هئي. دليل ڪوٽ جي شڪل عجب جي حد تائين گول آهي، ڪنهن وڏي ماهر ان جو تعميراتي ڪم ڪيو آهي. برج اهڙي نموني بيهاريل آهن، جو انهن جي وچ واري وٿيءَ ۾ هڪ فوٽ جو فرق بہ نہ آهي. دليل ڪوٽ کي ٻارهن برجن ۽ ٻارهن ديوارن ۾ ورهايو ويو آهي. سڄي ڪوٽ جو گهيرو 2468 فوٽ ٿئي ٿو. ڪوٽ کي ٻن ڦاڪن ۾ ورهائبو تہ ان جو قطر 640 فوٽ ٿيندو. ڪوٽ جي هر حصي تي 30 ڊگرين جي ڪنڊ تي برج اڏيو ويو آهي. ڪوٽ جي مرڪز کان لنگهندڙ ۽ آمهون سامهون ديوارن اندر ڇيڙن کي ملائيندڙ قطر 640 فوٽ آهي. ان ۾ جيڪڏهن ڀت جي 20 فوٽ ٿولھہ ملائبي تہ ڪوٽ جو قطر 680 فوٽ ٿيندو. ڪوٽ سڌي ميدان تي هئڻ ڪري ان جي اندرين ۽ ٻاهرين زميني سطح ذري گهٽ برابر آهي. البت اندرين سطح بعد ۾ ڪجهہ ڀراءَ جي ڪري بلند لڳي ٿي. ڪوٽ جي چوڌاري ديوار، برج ۽ ڪنگريون بہ هڪ جيتريءَ بلنديءَ تي آهن. ڪوٽ اندر ڪا بہ اوائلي اڏاوت نہ ٿي ملي. سڀ موجودہ دؤر جون آهن. صرف هڪ ڪوٽ جي ٻاهرين وڏي ڀت ۽ فصيل کان پوءِ اندر تيرهن فوٽ ويڪري هڪ گهٽي آهي، جنهن کان پوءِ اندر هڪ ٻئي ننڍي ڪوٽ جا اثار ملن ٿا. اندريون ڪوٽ بہ گولائيءَ ۾ آهي، ٻاهرين قلعبنديءَ وچ ۾ تيرهن فوٽن جو رستو ڇڏي هڪ ٻيو ڪوٽ اڏيو ويو آهي. ننڍو ڪوٽ شايد رهائش طور استعمال ٿيندو هوندو، ڇو تہ ان ۾ ڪا بہ حفاظتي اڏاوت ۽ برج وغيرہ نہ آهن. ان گول ڪوٽ جون ديوارون ماڻهوءَ جي قد جيتريون آهن. ڪوٽ جي ديوارن ۽ برجن ۾ ڪتب آندل مٽي چيڪي آهي. ديوار جي مضبوطيءَ لاءِ استعمال ٿيل کٻڙ جي ڪاٺ جي ٿولھہ اڍائي ٽن انچن کان نـون انچـن تائين آهي. برج جـو انـدران گهيـرو 55 يا 56 فـوٽـن جي درمـيـان ملي ٿو. دليل ڪوٽ جي شاهي دروازي جي بناوت بہ ٻين ڪوٽن وانگر وڪڙ تي آهي، جيئن ڪوٽ تي هڪ ئي وقت ڪو وڏو حملو نہ ٿي سگهي. مکيہ دروازي تي ٻہ وڏا برج آهن. ٻنهي برجن جي وچ ۾ 23 فوٽن جو لنگهہ ڇڏيل آهي. دروازي ۾ اندر گهڙڻ سان 22 فوٽ ڊگهـي ڏيڍي اچي ٿي. ڏيڍيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان سپاهين جي ويهڻ لاءِ محراب چوڪيون ٺهيل آهن، جن جي ڇت زمين کان 10 فوٽ آهي. دمدمو اوڀر پاسي کان گولائيءَ واري ڀت سان بند آهي. هن قلعي ۾ ڳجها در بہ آهن، جيڪي اتر، ڏکڻ ۽ اولھہ طرف آهن. اهي ڳجها در جنگ جي دؤر ۾ سامان جي رسد لاءِ ڪم آندا ويندا هوندا. ڪوٽ جي هر برج ۾ ٻہ توپن جا کڙڪا آهن، جن جو ڪل تعداد 24 آهي. کڙڪن جي ويڪر 6 فوٽ، ٿولھہ 4 فوٽ ۽ اوچائي 5.3 فوٽ آهي. ٻاهرين ديوار تي 1.8 فوٽ اڀيون بيٺل آهن، جن جي ويڪر 3.7 فوٽ آهي. (حوالو: ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ اشتياق انصاري، اختصار).