دلپاڪ (ڳھہ): دلپاڪ، ڳچيءَ ۾ پائڻ جو هڪ قسم جو ڳھہ آهي، جيڪو سون ۽ چانديءَ جي زنجير ۾ دل جي نموني جهڙو پيل هڪ پتلو هوندو آهي. هن جو عربي ۾ نالو حجر الاخضر، فارسي ۾ سنگ سبز ۽ دلپاڪ آهي. هي ڳھہ خاص ڪري خواجہ ڪميونٽيءَ جون عورتون پائين ٿيون. دلپاڪ جي زنجير جو پتلو دل تائين لڙڪيل هوندو آهي. دلپاڪ تي پنجن تنن سڳورن جا نالا اڪريل هوندا آهن. دلپاڪ مسلم فرقن سان تعلق رکندڙ عورتون ۽ مرد بہ پائينديون آهن ۽ اهي مقدس نالا پنھنجي پسند جا لکائيندا آهن. ڪي ڪلما اڪرائيندا آهن. هي ڳھہ نهايت احترام، ادب ۽ پاڪائيءَ سان پاتو ويندو آهي.