دلپت صوفي

دلپت صوفي: سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ويدانتي ڪڙيءَ جي مشھور ويدانتي شاعر، صوفي دلپت جو جنم سنڌ جي قديم شھر سيوهڻ ۾، ناواڻي آڪھہ ۾، 1769ع ڌاري ٿيو. سندس اصل نالو ڀائي دلپترام هو. هن سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ مير صاحبن وٽ ڪاردار مقرر ٿيو ۽ ملازمت نهايت سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪيائين. اهو ئي سبب آهي جو مير صاحب سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. سيوهڻ ۾ قلندر لعل شھباز جي درگاھہ تي دنيا جي ڪيترن ملڪن کان عقيدت مند، صوفي فقير ۽ درويش ايندا رهندا هئا، اُتي صوفي دلپت جون صوفين ۽ سنتن سان روح رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون.
اهڙيءَ ريت هو دنياداريءَ کان دور ٿي فقيريءَ طرف مائل ٿيو. هڪ ڀيري ڪنهن کيس ٻڌايو تہ صوفي فقير ڀائي آسرداس بوبڪ وارو آيل آهي. هو سڌو وڃي فقير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سندس صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. بروقت ملازمت تان استعيفا لکي، ڪوٽار هٿان مير صاحبن کي موڪلي ڏنائين.
صوفي دلپت جو قد ڊگهو ۽ اکيون وڏيون هيون، جيڪي سدائين لال رهنديون هيون. سھڻي صورت وارو جوان هو ۽ سندس چهرو رعبدار هو. اڪثر کٽ تي ويٺل هوندو هو ۽ سندس ڀر ۾ ترار پئي هوندي هئي. شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي صوفي دلپت جي شخصيت بابت لکيو آهي تہ: ”ڀائي دلپت رام صوفي اصل سيوهاڻي آهي، پر پوءِ حيدرآباد ۾ وڃي رهيو. ان وقت جي حاڪمن يعني ميرن وٽ گهڻي عزت هوندي هئس. پاڻ بہ وڏي ڏيا ۽ حيثيت وارو انسان هو. ڪنهن کي بہ سندس روبرو اجائي گفتگو ڪرڻ جي همت نہ ٿيندي هئي. بي پرواھہ بہ هڪڙو هو، جي پنھنجي من موج ۾ هوندو هو تہ ڪنهن ڏي اک کڻي بہ نہ نهاريندو هو. توڪلي بہ اهڙو هوندو هو، جو سج لٿي کانپوءِ کاڌي پيتي جا ٿانوَ ۽ مٽ دلا اونڌا ڪري ڇڏيندو هو. صوفي دلپت جو ستگرو ڀائي آسرداس جيئن تہ جهوڪ شريف واري درگاھہ جو مريد هو، تنهنڪري هو بہ اڪثر جهوڪ شريف ويندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سانگهڙ پاسي ڪبير جي کوھہ تي سائين فضل جي صحبت ۾ رهندو هو. سندس چار ٻالڪا هئا، جن جا نالا هن ريت آهن: ڀائي ڪيشورام، ڀائي کيمچند ڪرپالاڻي، ڀائي ڀوڄنداس ۽ ڀائي گنگارام جهانگارن وارو، پر انهن مڙنيءَ ۾ کيس ڀائي ڪيشورام وڌيڪ پيارو هوندو هو. تنهنڪري پنھنجي گادي، گهر واري جاءِ ۽ ٽِڪاڻو (مندر) ان جي حوالي ڪيائين. درد سوز وارو فقير هو. سندس اڳيان ٻئي ڪنهن کي سوز ۽ درد وارو ڪلام چوڻ جي اجازت نہ هئي.“
دلپت، سچل، بيدل ۽ ساميءَ جو همعصر هو، پر ويدانتي شاعريءَ جي حوالي سان ساميءَ جي جوڙ جو هو.
دلپت جي ڪلام ۾ هيڪڙائي ۽ نصيحت جا نُڪتا ۽ اخلاقي سبق سمايل آهن ۽ ساميءَ وانگر ممتا مارڻ تي زور ڏنل آهي.
ورهاڱي کان اڳ دلپت صوفيءَ جو چونڊ ڪلام نصاب ۾ شامل هوندو هو. اهڙن ڪتابن ۾ نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو چونڊ نظم ۽ نثر وارو ڪتاب ’ادبي گلشن‘ 1945ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو هو. ان کان اڳ 1943ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي تيار ڪيل ڪتاب ’ادبي گلشن‘ جو ٻيو ڇاپو. ڪجهہ اختصار سان شايع ٿيو هو. ان کان سواءِ ورهاڱي کان اڳ ڪرائون سائيز ۾ ’دلپت صوفيءَ جو ڪلامڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ ڇپايو هو، 1959ع ۾ ’سڪ جي سوغات‘ (سنتن جو سنيهو) نالي هڪ ڪتاب پروفيسر رام پنجواڻيءَ بمبئيءَ مان ڇپرايو هو. جنهن ۾ الف بي وار صوفي سنتن جو ڪلام ڏنل آهي. جنهن ۾ ص 183 کان ص 188 تائين دلپت جون اٺ ڪافيون شامل آهن. مشھور اديب لطف بدويءَ ’تذڪره لطفي‘ جي جلد ٻئي ۾ دلپت جي مختصر سوانح حيات ۽ ڪلام جو نمونو بہ ڏنو آهي.
صوفي دلپت سنڌي سرائڪي، هندي توڙي فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي ۽ کيس مٿين مڙئي زبانن تي ملڪو حاصل آهي. هن کي روحل، ساميءَ کان پوءِ سنڌي ويدانتي شاعريءَ ۾ ٽئين نمبر وڏي شاعر جو درجو حاصل آهي. ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ ڪراچي مخزن ۾ سيد حسام الدين راشديءَ جو حوالو ڏيندي ڄاڻائي ٿو: ’فارسي جو پرگو شاعر هو، سندس مثنوي ’جنگ نامہ‘ جو هڪ نسخو راءِ بھادر ڏيارام جي ڪتبخاني ۾ موجود هو.‘
دلپت صوفيءَ جي شاعريءَ جا ماضيءَ ۾ ٻہ ڪتاب ڇپيل نظر اچن ٿا: (1) صوفي دلپت رام جا سنڌي سلوڪ (مرتب: پروفيسر مولچند ٺڪر: 1938ع)، (2) ديوان دلپت (گدو مل هرجاڻي: 1956ع). انهن ڪتابن کي آڏو رکي هند ۾ سنڌيءَ جي مشھور شاعر گوپال ٺڪر، 2009ع ۾ دلپت صوفيءَ جو مڪمل ڪلام ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘ جي عنوان سان ڇپايو آهي، جنهن ۾ سندس اڻلڀ 9 ڪافيون بہ شامل آهن.
هن 80 ورهين جي ڄمار ۾ 1849ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس آستانو حيدرآباد، سنڌ ۾ آهي.


لفظ دلپت صوفيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو