
دلڪش منزل، خيرپور
دلڪش منزل، خيرپور: هيءَ عمارت 1896ع ڌاري پهريئن ٽالپر حڪمران مير فيض محمد خان ٽالپر تعمير ڪرائي، جيڪا پوءِ ٽالپرن جي سڄي حڪومتي دور ۾ خيرپور رياست جي حاڪمن جي سرڪاري رهائشگاھہ طور استعمال ٿيندي رهي. جنهن دوران هن عمارت جي نالن ۾ مختلف وقتن تي تبديلي ٿيندي رهي. خيرپور جي رياستي دور اندر هيءُ عمارت ’فيض محل‘ جي نالي سان مشھور هئي. 1947ع ۾ ممتاز قز لباش، خيرپور رياست جو وزير اعظم مقرر ٿيو ۽ دلڪش منزل کي پنھنجي رهائش لاءِ استعمال ڪيائين. 1955ع ۾ خيرپور رياست سميت ان سان الحاق شده تمام ننڍيون رياستون پاڪستان ۾ ضم ٿي ويون، جنهن بعد هن عمارت کي سرڪاري سطح تي پهرين ڪمشنر ۽ پوءِ 1972ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر هائوس ۾ منتقل ڪيو ويو. 2001ع ۾ عمارت کي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر (DCO) جي سرڪاري آماجگاھہ مقرر ڪيو ويو. موجودہ عمارت ٻاهرئين ڏيک ۾ مستطيل ۽ اڇي رنگ جي آهي. عمارت جي سموري ڇت گارڊرن تي ٺهيل آهي. ڇت کان تقريباً هڪ فوٽ هيٺ ٽڪنڊيون سرون نصب ٿيل آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ لهريدار نظر اچن ٿيون. انهن سرن جي وچ وچ ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارا پڻ لڳل آهن. عمارت جي ٻاهرين ديوارن جي هيٺينءِ حصي کان در ۽ درين جي ماپ تائين نيري ۽ اڇي رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. مکيہ دروازي ۽ درين تي ڪاري رنگ جا شيشا نصب آهن. عمارت جي اندرئين حصي ۾ هڪ وڏو کاڌي جو هال ۽ آرام لاءِ ڪجهہ مخصوص ڪمرا تعمير ٿيل آهن. ان کان علاوہ عمارت جي ڇت تي اونهاري ۾ قيام لاءِ خاص قسم جا هوادار ڪمرا بہ ٺهيل آهن. ڇت تي وڃڻ لاءِ ڪاٺ جون ڏاڪڻيون ٺهيل هيون، جيڪي هن وقت خستہ حالي جو شڪار آهن. ٽالپرن جي روايتي فن تعمير مطابق عمارت سان گڏ هڪ ڪمري ۽ مختصر اڱڻ تي مشتمل هڪ ننڍڙي مسجد واقع آهي، جنهن جي مهاڙيءَ ۾ هڪ گول ونگائو در ۽ پاسن کان بہ لنگهہ ڏنل آهن. هيءُ مسجد چورس آهي. مسجد جي اڳين ديوار جي ٻنهي ڪنڊن تي 5 کان 6 فوٽ (اندازً) جا ٻہ ننڍا مينار تعمير ٿيل آهن. هوا جي گذر لاءِ مسجد جي باقي ديوارن جي وچ ۾ گول ونگائين در جي نموني ۾ سيمنٽ جون ٺهيل هوادار ڄاريون لڳل آهن. مسجد جي اڱڻ جي چؤڌاري 4 کان 5 فوٽ جي ديوار ڏنل آهي، جنهن جي مٿان دلڪش مخروطي نمونو اڏيل آهي. مسجد ۾ داخل ٿيڻ واري هنڌ هڪ وڏو ڏاڪو ۽ ديوار جي ماپ جيترو لوهي در موجود آهي. 1998ع ڌاري، دلڪش منزل جي اردگرد هڪ ٻي نئين مسجد تعمير ڪرائي وئي، جنهن جو افتتاح ان وقت سکر جي ڪمشنر خالد محمود سومري ڪيو هو. نئين مسجد جي اڏاوت سبب ٽالپر دور ۾ قائم اڳوڻي مسجد جو استعمال گهٽجي ويو آهي.