دماغ/مغز
دماغ/مغز
دماغ/مغز: دماغ انسان جي ڪيپراٽيءَ واري کانچي ۾ اعصابي نظام جو مرڪز آهي. دماغ انسان (توڙي هرهڪ ساهواري) جي جسم جو بنيادي حاڪم مرڪز آهي، جنهن جي حڪم تي انسان ۽ هر ساهدار جي سمورن عضون جو ڪاروهنوار هلي ٿو. دماغ جي ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ دماغ ۾ لاتعداد دماغ جا جيوگهرڙا (Brain Cells)، اوڄا (Brain Tissues) تنتي سرشتو (Nerve System) ۽ تنتي سرشتي جا مرڪز Nucle موجود آهن، تنهن کان سواءِ رت جون شريانيون (Blood Artries) به موجود آهن. رت جي شريانين ذريعي دل ۽ دماغ کي هڪ منٽ ۾ 750 ملي لٽر (يعني سڄي جسم جو 15 سيڪڙو) رت، آڪسيجن ۽ گلوڪوس پهچائيندي رهندي آهي. دماغ جا حصا (Parts of Brain): (1) وڏو مغز (Cerebrum) (2) دماغ جي مغزي ڏوري (Brain Stem) (3) ننڍو دماغ (مغز) (Cerebellum) (1) وڏو مغز (Cerebrum): وڏو مغز، ڪيپراٽيءَ (Cranium) جي اڳئين حصي کان وٺي مٿي جي وچئين حصي تائين پکڙيل آهي. وڏو دماغ هڪ اُڀي (ڊگهي) ڦاڪ (Longitudinal Fissure) آهي، جنهن کي Cleft چيو ويندو آهي، جنهنڪري اهو ٻن حصن (Hemispher) ۾ ورهايل آهي، هڪ ساڄو حصو، ٻيو کاٻو حصو. هي ٻئي حصا شروع ۾ مٿان اونهائيءَ تائين وڏي ڦاڪ Cleft جي ڪري هڪ ٻئي سان ملي ويندا آهن. دماغ جا هي ٻئي حصا وري ٻه تهه Layers جوڙيندا آهن. هڪڙو مٿيون تهه، جيڪو خاڪي رنگ (Grey Color) جي مادي وارو آهي ۽ وڏي دماغ جي تنتن جي اُڻن/ جيوگهرڙن (Nerve Cells) تي ٻڌل آهي. هي تهه وڏي دماغ جو ٻاهريون تهه/ پوش (Cerebrum Cortex) جوڙيندو آهي (يعني وڏي دماغ جو ٻاهريون تهه/ پوش خاڪي رنگن جي مادي جو ٺهيل هوندو آهي ۽ وڏي دماغ جي تنتي اڻن/ جيوگهڙن تي ٻڌل هوندو آهي) ۽ ٻيو هيٺيون تهه، جيڪو اڇي رنگ (White Color) جي مادي وارو حصو آهي ۽ وڏي دماغ جي تنتن جي تاندورن (Nerve Fibres) تي ٻڌل آهي ۽ وڏي دماغ جي تري وارو تهه (Corpus Callosum) جوڙيندو آهي. (يعني وڏي دماغ جو هيٺيون تهه اڇي رنگ جي مادي جو ٺهيل هوندو آهي ۽ وڏي دماغ جي تنتي تاندورن تي ٻڌل هوندو آهي). (الف) وڏي مغز جا حصا (Parts of Cerebrum): (1) وڏي دماغ جا خانا (Lobes of Brain) (2) وڏي دماغ جو ٻاهريون پوش / تهه (Cerebral Cortex) (3) خاڪي مادو (Basal Ganglia) (4) ڳتيل ماس (Thalamus) (5) تنتي اڻن جو مرڪز (Hypothalamus) (1) وڏي دمـاغ جا خانا (Lobes of Brain): وڏي دمــاغ جـا ٻـئـي اُڀـا خانـا (Hemisphere) تشريحي سبب جي ڪري چئن ننڍن خانن Lobes ۾ ورهايل آهن: (1) اڳياڙي وارو (نرواڙو) خانو، (2) لوندڙيءَ وارو خانو (Temporal Lobe)، (3) لوندڙي کان پاسيرڙو خانو (Parietal Lobe)، (4) ڪياڙيءَ وارو خانو (Lateral / Occipital Lobe). هنن سڀني خانن کي وڏي دماغ جا اونها ڦاڪ (Sulci / Sulcus) هڪ ٻئي کان جدا ڪري بيهارين ٿا. (2) وڏي دماغ جو ٻاهريون پوش / تهه (Cerebral Cortex): وڏي دماغ جو هيءُ ٻاهريون تهه خاڪي مادي جي تنتي اڻن/ جيوگهرڙن جي گهڻن تهن تي ٻڌل هوندو آهي. هيءُ وڏي دماغ جي تنتي سرشتي جو مکيه مرڪزي حصو آهي. هي تهه وري ڪيترن ننڍن وڏن تهن ۾ ورهايل آهي (جن مان مکيه حرڪي تهه (Brocas Area) به آهي. هڪڙن حصن / هنڌن جو واسطو حرڪي تنتي سرشتي (Motor Nerve System) سان آهي. ته ٻين حصن/ هنڌن جو واسطو حساس (خابرو) تنتي سرشتي (Sensory Nerve System) سان آهي. حرڪي تنتي سرشتي جو مرڪز وڏي دماغ جي اڳياڙيءَ/ نراڙي خاني جي اڳ واري حصي جي هڪ مرڪزي ڦاڪ (Central Sulcus) ۾ آهي. هن تـنـتـي سـرشـتـي جـو بنيـادي ڪـم جـسـم جـي سـامهـون وارن عضون جي چرپر (Viceversa Movement) کي ضابطي هيٺ رکڻ آهي، ڇو ته حرڪي تنتون دماغ کان هيٺ لهڻ وقت دماغ جي مغزي ڏوريءَ جي آخري حصي وٽ مستطيل مغز (Medulla Oblangata) وٽان دماغ کان ساڄي پاسي نڪرندڙ حرڪي تنتون کاٻي پاسي جي عضون ڏانهن مڙي وينديون آهن ۽ کاٻي پاسي کان نڪرندڙ حرڪي تنتون ساڄي پاسي جي عضون ڏي مُڙي وينديون آهن، هن حرڪي تنتن جي جيوگهرڙن جي ڪري جسم جي هيٺين مٿين عضون جي ڪم جو رابطو هڪٻئي سان مليل هوندو آهي. حرڪي تنتي سرشتي جو هڪ ٻيو حصو Brocas Area به وڏي دماغ جي پوش/ تهه ۾ وڏي دماغ جي اڳياڙيءَ واري خاني، جتي حرڪي تنتي سرشتي جو مرڪز آهي، ان جي هيٺيان آهي. هي ڳالهائڻ جو مرڪز آهي. ساڄي هٿ سان ڪم ڪندڙ ماڻهن جو هي ڳالهائڻ وارو مرڪز وڏي دماغ جي اڳياڙي واري خاني جي کاٻي پاسي ٿئي ٿو ۽ کاٻي هٿ ساڻ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو هي ڳالهائڻ وارو مرڪز وڏي دماغ جي اڳياڙيءَ واري خاني جي ساڄي پاسي ٿئي ٿو. وڏي دماغ جو ٻيو وڏو خابرو (حِسي) تنتي سرشتو آهي. هن تنتي سرشتي جو مرڪزي هنڌ وڏي دماغ جي اڳياڙيءَ واري خاني جي مرڪز ڦاڪ (Central Sulcus) جي پويان آهي. هن خابرو تنتي سرشتي جي ڪري جسم جي سور جو احساس، جسم جو دٻاءُ، ڇهڻ ۽ عضون جي چرپر ۽ مڙڻ جو احساس وڏي دماغ تائين پهچي ٿو. خابرو (حسي) تنتون به حرڪي تنتن وانگر جسم جو احساس (پيغام) کڻي مٿي وڏي دماغ ۾ پنهنجي مرڪزي هنڌ تي پهچڻ لاءِ مستطيل دماغ وٽان منڌيئڙي (X) جي شڪل ۾ وڏي دماغ ۾ تنتي سرشتي جي مرڪز ۾ پهچنديون آهن. ساڄي پاسي جي عضون جو ڪو به احساس (پيغام) خابرو تنتي سرشتي جي ڪري مٿي وڏي دماغ ڏانهن ويندو آهي ته مستطيل دماغ وٽان مُڙي وڏي دماغ جي کاٻي پاسي واري تنتي سرشتي جي مرڪزي هنڌ تي پهچندو آهي. اهڙيءَ طرح کاٻي پاسي جي عضون جو ڪو به احساس (پيغام) خابرو تنتي سرشتي جي ڪري مٿي وڏي دماغ ڏي ويندو آهي ته مستطيل دماغ وٽان مُڙي وڏي دماغ جي ساڄي پاسي واري تنتي سرشتي جي مرڪزي هنڌ تي پهچندو آهي. حِسي (خابرو) تنتي سرشتي جي اهڙي عمل کي Sensory Decussation چوندا آهن. تنهن کان سواءِ وڏي مغز جي خابرو (حسي) تنتي سرشتي جي مرڪز سان ٻيا به ڪيترا هيٺيان ننڍا وڏا مرڪز/ هنڌ لاڳاپيل آهن. (الف) ٻڌڻ وارو (سمعي) مرڪز / هنڌ (Auditory Area): ٻڌڻ وارو هي مرڪز وڏي مغز جي لوندڙيءَ واري Temporal Lobe ۾ ڪنن جي مٿان آهي، جنهن مرڪز ۾ آواز ٻڌو ۽ سڃاتو ويندو آهي. هي آواز ڪيپراٽيءَ جي اٺين تنت (Auditoryor Acoustic Sensory Nerve) وسيلي هتي پهچندو آهي. (ب) ڏسڻ وارو (بصري) مرڪز / هنڌ (Visual Area): هي هنڌ مرڪز وڏي مغز جي ڪياڙيءَ واري خاني (Occipital Lobe) ۾ آهي. هن مرڪز ۾ شڪل، پيشي ۽ تصوير جي سڃاڻپ ٿيندي آهي، جيڪو ڪم ڪيپراٽيءَ (دماغ: Cranial) جي ٻي تنت (Optic Nerve) جي وسيلي ٿيندو آهي. (ٻ) سنگهڻ جو هنڌ (مرڪز) (Olfactory Area): دماغ جي لوندڙيءَ واري خاني (Temporal Lobe) ۾ اونهائيءَ ۾ هي سنگهڻ وارو مرڪز هوندو آهي، جتي ڪنهن به بوءِ ۽ سنگهڻ جو عمل ٿيندو آهي، جيڪو ڪيپراٽيءَ (Cranial: دماغ) جي پهرئين تنت (Olfactory Nerve) جي وسيلي ٿيندو آهي. (3) خاڪي مادي جو تهه (Basal Ganglia): وڏي دمـاغ جي ٻـنـهـي حـصــن (Hemisphere) جي هيٺيان هرهڪ پاسي خاڪي مادي جو تهه هوندو آهي، جنهن کي Basal Ganglia چئبو آهي. هي تهه وڏي دماغ جي ٻاهرئين تهه/ پوسن (Cerebral Cortex) سان ۽ وڏي دماغ جي تنتن جي اڻن ۽ تنتن جي تاندورن سان ٺهيل هڪ ڳتيل ماس (تهه) آهي، جيڪو Thalamus سان ڳنڍيل آهي. پاسيل گنگليا عضون ۾ رابطي لاءِ ڪيترن منارن جهڙا رستا ٺاهيندو آهي. جنهنڪري عضون جي هڪ ٻئي سان رابطو رهي ٿو، تنهنڪري عضون جي مختلف قسم جي چرپر تي ضابطو رهي ٿو. دماغ ۽ جسم جي عضون جو پڻ هڪٻئي ۾ رابطو (Co-ordination) رهي ٿو. انسان جي آواز، اشارن ۽ جسم جي خاص وس وارن مشڪن (Voluntary Muscles) تي پڻ هن تهه جو ڀرپور اثر آهي، جڏهن هن تهه جو اثر وس وارين مشڪن تي گهٽ ٿيندو آهي يا بلڪل ناهي ٿيندو ته ان جي نتيجي ۾ ماڻهوءَ کي جهٽڪن، سَٽن ۽ ڏڪڻيءَ جي بيماري (Parkinson Disease) يا ڏڪڻيءَ وارو اڌ رنگ (Paralysis Agitans) ٿي پوندو آهي. (4) ڳتيل ماس تهه (Thalamus): ڳتيل تنتن جي اڻن ۽ تنتن جي تاندورن مان هي ماس هڪ تهه جوڙيندو آهي، جيڪو وڏي دماغ جي ٻنهي اُڀن خانن جي هيٺان هرهڪ پاسي وڏي دماغ جي هيٺين تهه (Corpus Callosum) جي هيٺيان ٿئي ٿو. هن تهه ۾ چمڙيءَ جي تڪليف يا چمڙيءَ جي ڪنهن ٻـئـي سـٺـي ۽ خـراب احـسـاس جـو رئيـس عضون ۽ جسم جي خاص حواسن (Special Sense) جا خابرو (حساسي) احساس (پيغام) واسطيدار دماغ جي خانن ۽ خابرو تنتي مرڪزن تائين ورهائجي وڃن ٿا. ائين چئجي ته هن تهه جو ڪم خابرو احساسن کي ورهائڻ ۽ واسطيدار دماغ جي خانن ۽ مرڪزن تائين پهچائڻ جو آهي. (5) تنتي اڻن جو مرڪز (Hypothalamus): وڏي دماغ ۾ هيءُ گهڻن قسمن جي تنتي اڻن (Nerve Cells) تي ٻڌل اڻن جو مرڪز آهي. هي مرڪز، ٿـلامـس (Thalamus) جـي سـامهـون ۽ هـيٺـيـان ٿـئـي ٿو ۽ پچوئٽري غدود (Pituitary Gland) جـي مـٿـان هـونـدو آهـي. هـائـپـو تـلامس تنتي تاندورن (Nerve Fibres) جي ڪري پچوئٽري غدود جي پوئين حصي سان ڳنڍيل هوندو آهي، جڏهن ته هڪ کان به وڌيڪ رت جي رڳن (Blood Vessels) جي ڪري پچوئٽري غدود جي اڳئين حصي سان جڙيل هوندو آهي. تنهنڪري پچوئٽري غدود جي اڳئين ۽ پوئين حصي مان نڪرندڙ سڀني هارمونن (جيڪي ڳاڻاٽي ۾ لڳ ڀڳ ڏهه کن آهن) جي پيدا ٿيڻ، نڪرڻ ۽ انهن هارمونن جي فعل تائين هائپو ٿلامس جو ضابطو هوندو آهي. انهيءَ کان سواءِ انساني جسم ۾ خود به خود هلندڙ تنتي سرشتو (Automatic Nervous System) بُک، اڃ، جسم ۾ پاڻيٺ جو توازن برقرار رکڻ، جسم جو قدرتي گرميءَ جو پد برقرار رکڻ، جذباتي ورتاءُ، خوشي، ڏک، غم، ڪاوڙ، جنسي ورتاءُ ۽ ننڊ وغيره سڀ هائپو ٿلامس جي فعل سبب ٿيندا رهندا آهن. (ب) وڏي دماغ جا فعل (Function of cerebrum): وڏي مغز (دماغ) جي جملي فعلن، ان سان لاڳاپيل حصن ۽ تنتي مرڪزن ۽ سڀني جي گڏيل فعل ڪري انسان جا نه رڳو دماغي ۽ جسماني فعل، پر گهڻا سماجي فعل (جن ۾ ٻين سان ورتاءُ، لڳ لاڳاپا، سوچ، ويچار، فڪر، جبلتون، احساسن، سکڻ سيکارڻ، اخلاقي ورتاءُ، ذهن، عقلمندي، خواهش، ٻولي، زبان، ڏکُ، سُک، خوشي، ڪاوڙ ۽ پيار اچي وڃن ٿا) سگهن ٿا. وڏي دماغ جي فعل ۽ ضابطي هيٺ ئي ممڪن ٿي سگهن ٿا. (6) دماغ جي مغزي ڏوري (Brain Stem): دماغ جي مغزي ڏوري ٽن حصن تي ٻڌل آهي. (I) وچون دماغ (مغز: Mid Brain) (II) اڇن تاندورن واري ٿيلهي (Ponsvarolli) (III) مستطيل دماغ (مغز) (Madulla Oblangata) (I) وچون دماغ (مغز: Mid Brain): وچون دماغ مغزي ڏوريءَ جو مٿيون حصو جوڙيندو آهي. هي وڏي دماغ جي هيٺان ۽ اڇن تاندرون واري ٿيلهيءَ جي مٿڀرو سامهون ٿئي ٿو. ٻنهي جي وچ ۾ وڏي دماغ جي پُل (Cerebral Aqueduct) وارو ڪم ڏئي ٿو. ٽئين ۽ چوٿين دماغ جي شريانين کي ڳنڍي ٿو. وچون دماغ تنتي مرڪز (Nuclei) ۽ تنتي تاندورن (Nerve Fibres) تي ٻڌل آهي. جيڪي ٻئي گڏجي وڏي دماغ کي سندس هيٺئين حصي سان ڪرنگهي جي (تنتي) ڏوري (Spinal Cored)کي پاڻ ۾ ملائين ٿا. (I) وچين دماغ (مغز) جا فعل (Function of Mid Brain) (1) وچين دماغ جي مٿئين حصي (چوٽي: Roof) ۾ ڏسڻ (بصري)، عڪسي مرڪز، اکين جي چرپر ۽ ٻنهي اکين کي هڪ ڪرو ڪري بيهارڻ جا مرڪز موجود آهن، ان کانسواءِ سمهي ٻڌڻ جا مرڪز پڻ موجود آهن. (2) هن دماغ (مغز) جي تري (Base) ۾ ٻن قسمن جا لنگهه (Pathways) موجود آهن. هڪ وڏو حرڪي تنتن جو لنگهه، ٻيو خابرو (حسي) تنتن جو لنگهه. حرڪي تنتون، حرڪي لنگهه کان هڪ ناليءَ جي ذريعي وچئين دماغ جي تري کان وڏي مغز جو پيغام (احساس) کڻي هيٺ، اڇن تاندورن واري ٿيلهيءَ ۽ مستطيل دماغ کان ٿي ڪرنگهي جي ڏوريءَ ۾ داخل ٿينديون آهن. ساڳئي نموني خابرو (حسي) تنتون ڪرنگهي جي (تنتي) ڏوريءَ کان پيغام (احساس) کڻي مٿي پهريائين مستطيل دماغ کان ٿينديون، اڇن تاندورن واري ٿيلهيءَ کان پوءِ نالي ۽ خابرون لنگهه کان ٿي وچئين دماغ تائين پهچن ٿيون، جتان وري اهو پيغام مٿي ڳتيل ماس واري تهه تائين ۽ آخر ۾ وڏي دماغ جي خابرون تنتي مرڪز (Sensory Cortex) تائين پهچي ٿو. (II) اڇن تاندرون واري ٿيلهي (Ponos Varolli): هيءَ ٿيلهي ننڍي دماغ (مغز: Cerebellum) جي سامهون، وچين دماغ هيٺان ۽ مستطيل دماغ جي مٿان مغزي ڏوريءَ جو وچون حصو جوڙيندي آهي. هيءَ ٿيلهي مغزي ڏوريءَ تي مٿان ڪُڪُڙ جي گُجيءَ وانگي اڇي رنگ جي مغزي ڏوريءَ تي اُڀريل ٿيلهي وانگر ٿيندي آهي. هيءَ ٿيلهي اڇي رنگ جي مادي جي تاندورن جي ٺهيل هوندي آهي. هي ننڍي مغز جي ٻنهي حصن (Hemisphere) جي وچ ۾ پول وارو ڪم ڏيندي آهي. هن ٿيلهيءَ ۾ پڻ وچين دماغ (مغز) وانگر تنتي تاندورن (Nerves Fibres) جي هيٺ لهڻ ۽ مٿي چڙهڻ جا لنگهه آهن. هن ٿيلهيءَ ۾ ڪيترا اهڙي قسم جا تاندورا به آهن، جيڪي تاندورا ننڍي دماغ ڏي هتان آڏو (Transversely) ٿي پهچندا آهن. تنهنڪري هن قسمن جي تاندرون جي ڪري ننڍي دماغ جا ٻئي حصا هڪ ٻئي سان مليل هوندا آهن. (III) مستطيل دماغ (Medulla Oblangata): هي دماغ 2.5 سينٽي ميٽر (يعني هڪ انچ) ڊگهو ٿئي ٿو. هي ڪيپراٽيءَ جي کڏ جي پويان ڪياڙيءَ واري هڏي جي خال ۾ ٿئي ٿو. مغزي ڏوريءَ جو هيٺيون حصو جوڙي ٿو. هن جي هيٺان ئي ڪرنگهو شروع ٿئي ٿو. مستطيل دماغ جي هيٺان انسان جي ڪرنگهي جو پهريون مُهرو (مڻڪو) شروع ٿئي ٿو. هن جي مٿان مغزي ڏوريءَ تي اڇن تاندورن واري ٿيلهي (Pons Varolli)ٿئي ٿي. مستطيل دماغ ۾ ڪيترا مکيه ڪيپراٽيءَ جي تنتن (Cranial Nerves)جا ننڍا ننڍا مرڪز (Nuclei) ۽ ڪيترن قسمن جا خلئا/جيوگهرڙا پڻ موجود هوندا آهن. تنهن کانسواءِ مستطيل دماغ ۾ ساهه جي سرشتي (Respiratory System) ۽ دل جي رت وارين نلين (Cardio-Vescular) جي نظام جي قدرتي سگهه (Vital Force) جا مرڪز موجود آهن. (3) ننڍو دماغ (مغز: Cerebellum): ننڍو دماغ بيدي جي شڪل جهڙو ٿئي ٿو ۽ دماغ جي پوئين حصي (Hind Brain) جو وڏو حصو آهي. اڇن تاندورن واري ٿيلهيءَ (Pons Varolii) جي پويان ۽ وڏي دماغ (Cerebrum) جي پوئين حصي جي ڪياڙيءَ واري خاني جي بلڪل هيٺان ڪيپراٽيءَ واري کڏ (Fossa) ۾ ٿئي ٿو، پر هي دماغ جي ٻاهرئين پردي (Dura Mather) جي ڪري وڏي دماغ جي ڪياڙيءَ واري خاني کان جدا بيٺل آهي. ننڍو دماغ چوٿين شريان جي ڪري اڇن تاندورن واري ٿيلهيءَ ۽ مستطيل دماغ کان پڻ الڳ بيٺل آهي. ننڍو دماغ پڻ اونهائيءَ واري ڦاڪ Cleft جي ڪري ٻن حصن (Hemisphere)کاٻي ۽ ساڄي حصي ۾ ورهايل آهي. ننڍي دماغ (مغز) جا ڪم (Function of Cerebellum): هن جو ڪم جسم جي جملي مشڪن جي چرپر، فعل ۽ مشڪن جو عضون تي ضابطي رکڻ کانسواءِ هڪ ٻئي ساڻ رابطو (Co-ordination) قائم رکڻ. انهيءَ سان گڏ جسم جي بيهڪ ۽ جسم جي ٻنهي پاسن (کاٻي ۽ ساڄي) جي وزن کي برابر هڪ ڪرو ڪري بيهارڻ، جيئن ڪم ڪار وقت جسم جو وزن گهٽ وڌ نه ٿئي ۽ ماڻهو ڪِري نه پوي. هن دماغ جو هر هڪ حصو پنهنجي پنهنجي حصي جي مشڪن جي فعل تي ضابطو رکندو آهي. جڏهن ننڍي دماغ جي فعل ۾ خلل پوندو آهي ته ان ماڻهو جون مشڪون درست فعل ڪري نه سگهنديون آهن ۽ انهن جو پاڻ ۾ صحيح رابطو نه ٿيندو آهي يا وري جنهن به عضوي جي مشڪن ۾ خلل پوندو آهي ته اهو عضوو پنهنجو صحيح فعل ڪري نه سگهندو آهي. مثال: ماڻهن جي ٽنگن جون مشڪون صحيح ڪم نه ڪنديون ته ماڻهو هلڻ وقت ٿاٻڙندو، ٿڏا کائيندو آهي. ائين وري هٿن جون مشڪون درست فعل ڪري نه سگهنديون آهن. زبان جون مشڪون جڏهن درست فعل ڪري ناهن سگهنديون ته ماڻهو صحيح ڳالهائي نه سگهندو آهي، ڇو ته دماغ لفظ اُچارڻ ۾ سندس ساٿ ناهي ڏيندو.