دمدمو: مٽيءَ يا واريءَ جي ڳوڻين سان ٺهيل مورچي يا قلعي کي ’دمدمو‘ چئبو آهي. دمدمو گهڻو ڪري ريلوي يا درياھہ جي بچاءِ بند تي آمدروفت واري جاءِ تي جوڙبو آهي.
سنڌ ۾ سجاول ٺٽي پُل جي کاٻي پاسي يونين ڪائونسل ٻيلي ۾ درياھہ جي بچاءَ بند واري علائقي کي بہ دمدمو سڏيندا آهن. هن بچاءَ بند کي ’دمدمو‘ ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هن جاءِ تي سنڌو درياھہ جي پاڻيءَ وٽ دٻاءُ ۽ دٻدٻو هوندو آهي. ماضيءَ جي تاريخ بہ ان هنڌ کي درياھہ جي مختلف تبديلين وارو هنڌ ڄاڻايو آهي. هن جاءِ تان پراڻن وهڪرن ۾ درياھہ جا ٻہ حصا ٿيندا هئا، جنهن مان هڪ حصو جاتي طرف ۽ ٻيو حصو بدين جي علائقي طرف سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
- سنڌ جا ٽالپر حڪمران انگريزن جتي نظربند ڪري رکيا هئا، اُن هنڌ کي بہ تاريخ ۾ دمدمه/ دمدمو سڏيو ويندو آهي.