دمريلا

دمريلا (شھر): هي شھر ٺٽي ضلعي ۾ ديبل جي ويجهو هو، سومرن جو شھر هو. سلطان محمد تغلق جي دؤر ۾ باغي طغي، دمريلا ۾ سومرن وٽ پناھہ ورتي هئي، جنهنڪري محمد تغلق 1343ع ۾ پيڇو ڪري گجرات جي شھر گوندل کان ٿيندي دمريلا پهتو هو. سفر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ دمريلا ۾ سخت بخار سبب وفات ڪيائين. علامہ دائود پوٽي لکيو آهي تہ: دمريلا ديبل جي ويجهو هو، جو ’تاريخ جھان ڪشاء‘ ۾ واضح آهي. ضياءُ الدين برنيءَ ’تاريخ فيروز شاهيءَ‘ ۾ انهيءَ هنڌ کي ٻن جاين تي ’مريلا‘ ۽ هڪ جاءِ تي ’دمريلا‘ لکيو آهي. محقق حامد علي قريشي خانائيءَ لکيو آهي تہ: اسان کي گمان آهي تہ دمريلا، مڪران ۽ سنڌ جي سرحد تي هو. ’تاريخ فرشته‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”محمد بن قاسم سنڌ تي حملي ڪرڻ وقت مڪران مان ٿيندو درسله ۾ آيو، جيڪا ديبل جي سرحد آهي.“ قريشي حامد علي خانائيءَ لکيو آهي تہ اهو درسله، دمريلا آهي، جنهن ڦيرگهير سبب اها صورت اختيار ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو