دمريلو: دمريلي جو ذڪر اٺين صديءَ جي شروع ۾ اسلامي فتحن ۾ اچي ٿو. ’دمريله‘ جو سنڌي اُچار ’دمريلو‘، جيڪو اصل ۾ يا پوءِ ڦري ’ڏنڀرلو‘ ٿيو. ڏنڀرلو جي نالي سان تعلقي ڪنري ۾ ديهه ۽ ماڳ اڃا تائين (انهيءَ کان اتر طرف) موجود آهي. دمريلو (دم+ريلو) جي نالي مان پڻ پاڻي جي وهڪ (ريلي) جو گمان نڪري ٿو. قدخامي جي عبارت موجب پهريائين بهرور ۽ پوءِ دمريلو قلعو فتح ٿيو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته بهروز (ڏکڻ طرف ۽ دمريلو اڳتي اتر (برهمڻ آباد واري) طرف هو. دمريلي وارا، اڀرندين دروازي کان؛ منجهل ندي اڪري ريگستان واري طرف نڪري ويا. محمد بن قاسم، نواب بن هارون کي دمريلي جو حاڪم مقرر ڪيو. انهن اهڃاڻن مان سڃاڻپ ٿئي ٿي ته اهو سنڌ جو ڏکڻ اوڀرنديون پراڻ درياهه جي شاخن ۽ هاڪڙي ڍوري جي دو آبي وارو علائقو هو. ڊگھڙي کان اتر-اولهه طرف دنبالو آهي، جيڪو نالو پڻ ڏنڀرلو/دمبرلو يا دمريلو سان ملي ٿو. ڊگھڙي کان وٺي نئين ڪوٽ تائين پراڻ درياهه تي آباد ٿيندڙ علائقو دمريلو هو. دمريلي علائقي وارو مرڪز شهر يعني ’قلعو دمريلو‘ اتي هو، جتي پوءِ نُهٽو نالي شهر آباد ٿيو. نهٽي شهر جي موجوده آثارن سان لڳ ڏکڻ-اولهه کي قديم قلعي جا نشان موجود آهن.