دمريلو

دمريلو: دمريلي جو ذڪر اٺين صديءَ جي شروع ۾ اسلامي فتحن ۾ اچي ٿو. ’دمريله‘ جو سنڌي اُچار ’دمريلو‘، جيڪو اصل ۾ يا پوءِ ڦري ’ڏنڀرلو‘ ٿيو. ڏنڀرلو جي نالي سان تعلقي ڪنري ۾ ديھہ ۽ ماڳ اڃا تائين (انهيءَ کان اتر طرف) موجود آهي. دمريلو (دم+ريلو) جي نالي مان پڻ پاڻي جي وهڪ (ريلي) جو گمان نڪري ٿو. قدخامي جي عبارت موجب پهريائين بهرور ۽ پوءِ دمريلو قلعو فتح ٿيو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو تہ بهروز (ڏکڻ طرف ۽ دمريلو اڳتي اتر (برهمڻ آباد واري) طرف هو. دمريلي وارا، اڀرندين دروازي کان؛ منجهل ندي اڪري ريگستان واري طرف نڪري ويا. محمد بن قاسم، نواب بن هارون کي دمريلي جو حاڪم مقرر ڪيو. انهن اهڃاڻن مان سڃاڻپ ٿئي ٿي تہ اهو سنڌ جو ڏکڻ اوڀرنديون پراڻ درياھہ جي شاخن ۽ هاڪڙي ڍوري جي دو آبي وارو علائقو هو. ڊگهڙي کان اتر-اولھہ طرف دنبالو آهي، جيڪو نالو پڻ ڏنڀرلو/دمبرلو يا دمريلو سان ملي ٿو. ڊگهڙي کان وٺي نئين ڪوٽ تائين پراڻ درياھہ تي آباد ٿيندڙ علائقو دمريلو هو. دمريلي علائقي وارو مرڪز شھر يعني ’قلعو دمريلو‘ اتي هو، جتي پوءِ نُهٽو نالي شھر آباد ٿيو. نهٽي شھر جي موجودہ آثارن سان لڳ ڏکڻ-اولھہ کي قديم قلعي جا نشان موجود آهن.


لفظ دمريلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو