دمشق

دمشق

دمشق شهر

دمشق شهر

دمشق

دمشق: شام جي گاديءَ جو هنڌ ۽ مرڪزي شھر دمشق، برادا درياھہ ڪناري واقع آهي. دمشق جو ڳچ حصو مستطيل ۽ درياھہ جي اترئين ڪنارن تي آهي. دنيا جي قديم ترين ۽ مسلسل آباد رهڻ وارن شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. لبنان جي پهاڙي سلسلي ۾ جبل قاسيون جي جڏهن کوٽائي ڪئي وئي تہ ماهرن اندازو لڳايو تہ هتي چار هزار سال اڳ بہ هڪ شھري مرڪز هو. پندرهين صدي ق. م. جي قديم مصري تحريرن موجب دمشق هڪ شھري رياست جي گاديءَ جو هنڌ هو. چيو وڃي ٿو تہ هي شھر حضرت دائود عليہ السلام هٿان فتح ٿيو. 732 ق. م ۾ تگ لت پليز رسوم، دمشق جي بادشاهت جو خاتمو ڪيو. اهڙيءَ طرح اٺين صدي ق. م آشورين، ستن صدي ق. م ۾ بابلين، ڇهين صدي ق. م هنخا منشين، چوٿين صدي ق. م ۾ يونانين ۽ پهرئين صدي ق. م ۾ بارنطينين جو دمشق تي قبضو رهيو. گهڻو پوءِ 612ع ڌاري ’خسرو ثانيءَ‘ دمشق تي قبضو ڪيو ۽ 627ع ۾ ايراني شهنشاھہ جي وفات بعد دمشق خالي ڪيو ويو ۽ سيپٽمبر 635ع ۾ حضرت بن وليد'>خالد بن وليد ۽ حضرت ابو عبيده دمشق جي فتح حاصل ڪئي ۽ حضرت عمر رضہ يزيد بن ابي سفيان کي دمشق جو والي مقرر ڪيو. ڪجهہ عرصي بعد دمشق هڪ مقدس شھر جي حيثيت سان مشھور ٿيو. يزيد جي وفات بعد دمشق جون واڳون معاويه جي هٿن ۾ آيون. دمشق ڏينهون ڏينهن ترقي ماڻيندو رهيو ۽ هڪ صديءَ تائين هي خلافت جي مرڪزي صوبي جو اهم شھر رهيو. 750ع ۾ خليفي ابوالعباس جو چاچو عبدالله بن علي، بنو اميه خاندان جي اختتام بعد دمشق فتح ڪري، پهريون عباسي خليفو بڻيو. سندس دؤر ۾ اموي عمارتون ميساريون ويون ۽ پوءِ دمشق رڳو هڪ صوبائي شھر طور ڄاتو ويو. خليفي المتوڪل پنهنجو دار الخلافه دمشق ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو رڳو 38 ڏينهن هتي رهي، واپس سامرا هليو ويو.
اهڙيءَ طرح دمشق مختلف قبضن باوجود هڪ آباد شھر رهيو. اڳتي هلي جڏهن نورالدين حلب، بويه خاندان جي خاتمي بعد دمشق تي قابض ٿيو تہ هي شھر وسيع ۽ خود مختيار اسلامي مرڪز بڻيو. وڏي تعداد ۾ مسجدون، مذهبي عمارتون ۽ مدرسہ تعمير ٿيا. اهل سنت والجماعت جو مرڪز ٿيو. هتي حديث جي تعليم لاءِ پهريون مدرسو دارالحديث قائم ٿيو. 1176ع ۾ وري صلاح الدين ايوبيءَ دمشق تي قبضو ڪيو ۽ 1260ع تائين هتي ايوبيہ خاندان جي حڪومت رهي. مارچ 1260ع ۾ هلاڪو خان قبضو ڪري ورتو. 1516ع تائين وري سلاطيني حڪمران هتي قابض رهيا. بعد ۾ 1831ع تائين دمشق آل عثمانين جي زيردست رهيو. 1832ع ۾ محمد عليءَ جي پٽ ابراهيم پاشا، فلسطين جو علائقو عبور ڪري دمشق تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ 1840ع ۾ مصري تسلط جي ڪري هي علائقو ٻيهر آل عثمان جي قبضي ۾ آيو. آگسٽ 1860ع ۾ نيپولين - ٽئين جي فوج دمشق جي ڪناري لٿي. 7 مارچ 1920ع تي شام جي آزاديءَ جو اعلان ٿيو ۽ فيصل کي بادشاھہ مقرر ڪيو ويو. مهيني بعد ’سان ريمو‘ معاهدي هيٺ اقوام متحدہ جي نمائندي جي حيثيت سان شام کي آزاديءَ جو حق مليو ۽ 16 سيپٽمبر 1941ع تي باقاعدي شام جي آزاديءَ جو اعلان ٿيو ۽ 1946ع کان دمشق ان جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي. دمشق، شروع کان اهم واپاري مرڪز رهيو آهي. خشڪ ميون، اَن، شراب ۽ ريشم سبب مشھور آهي. هتي ٺهندڙ ريشمي ڪپڙي تي بہ دمسڪ (Damask) نالو پئجي ويو. اڄڪلھہ هي شھر انجير، بادام، کاڌيءَجي ڪپڙي ۽ چمڙي جي صنعت ۾ گهڻو مشھور آهي. هتان جي گهرن کي ٻاهرئين ديوارن سان دريون ڏنل نہ هونديون آهن. سڌين گهٽين هئڻ ڪري بہ انفراديت رکي ٿو. هتي 200 کان وڌيڪ خوبصورت مسجدون بہ ٺهيل آهن. هن شھر جي آبادي 25 لک کان بہ وڌيڪ آهي.


لفظ دمشقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو