دنبورو

دنبورو

دنبورو

دنبورو: دنبورو هڪ قسم جو ساز آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڪن تبديلين سان پنهنجي راڳ جي نظام ۾ شامل ڪيو هو. دنبوري کي سنڌيءَ ۾ تنبورو، بلوچستان ۾ دنبيره سڏيو وڃي ٿو. دنبورو قديم دور کان وٺي موسيقيءَ جو هڪ مڃيل ساز هو ۽ اوائلي اسلامي دور کان وٺي عرب- ايراني موسيقيءَ جو هڪ عام مقبول ساز بنجي ويو. تنبوري جي وڄت جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
جھڙ وڄائڻ: دنبوري جي تند وڄائڻ کانپوءِ، اڳواڻ جھَڙ وڄائيندو آهي. جھڙ جي وڄت پنجن قسمن جي ٿيندي آهي. ڀٽائيءَ جي اڳوڻي گادي نشين پير ميان غلام شاهه چواڻي جھڙ يعقوب شهيد ايجاد ڪئي هئي ته جيئن تند وڄائڻ کانپوءِ ڪجهه وقفي تائين جھڙ وڄائجي، جيئن راڳائي فقيرن کي ساهي کڻڻ جو موقعو ملي ۽ اڳئين ڳايل سُر جو خيال سندن ذهن مان نڪري وڃي.
تند وڄائڻ: هر سر جي شروع ۾ ڳائڻ کان اڳ تند وڄائي انهيءَ سر جو راڳ نروار ڪيو ويندو آهي. تند کي ’زبان‘ چئبو آهي. مثال طور: سر ڪلياڻ جي بيتن ۽ واين ڳائڻ کان اڳ، اڳواڻ فقير تند وڄائيندو آهي يعني ته تنبوري جي زبان ذريعي راڳ ڪلياڻ کي نروار ڪندو آهي.
روتالي: هن تار ۾ چار ڌڪ لڳندا آهن. هيءَ تار ايراني راڳ جي قديم تار آهي ۽ آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ رائج آهي. ڀٽائي صاحب انهيءَ روايت جي سلسلي کي قائم رکڻ لاءِ هن تار کي منتخب ڪيو. انهن ٽن تارن کانسواءِ تنبوري جون ٻه ٻيون وڄتون آهن: تند وڄائڻ ۽ جھڙ وڄائڻ. هي ٻئي وڄتون ٽالپرن جي دور ۾ شروع ٿيون، جڏهن شاهه جو راڳ پنهنجي مقبوليت جي لحاظ سان اوج تي پهتل هو.
ڏيڍي: هن تار ۾ ٽي ڌڪ لڳندا آهن. هيءَ خاص طور ’ذڪر‘ جي ’تار‘ آهي، تنهنڪري هيءَ تار سنڌ ۾ سماع جي سلسلي جي آڳاٽي تار آهي. ابتدا کان وٺي سماع ۾ ’ذڪر‘ هلندو هو، جنهن کي پوءِ ڳائڻ جي درجي تي پهچايو ويو. ذڪر جي سلسلي جي ڳائڻن کي ذاڪر سڏيو ويو ۽ سنڌ جا ذاڪر ملڪان ملڪ مشهور ٿيا.
ڇيڙ: ڇيڙ معنيٰ تنبوري کي رڳو ڇيڙڻ ۽ بنا ڪنهن تار وڄائڻ جي رڳو سُر ڏيڻ. ڇيڙ تي راڳ تار جي حد بنديءَ کان آزاد ٿي آلاپن تي هلندو آهي، مگر سر ۾ هوندو آهي. هن وقت ڀٽ شاهه تي جيئن راڳ هلي ٿو ته سواءِ چئن سرن جي ٻين سڀني سرن ۾ ڪي نه ڪي وايون ڇيڙ تي ڳائجن ٿيون. فقط سامونڊي، آبري، حسيني ۽ کاهوڙي سُرن جي ڇيڙ تي نه ٿيون ڳائجن. انهن سُرن جون وايون ڇيڙ بدران تار (ڏيڍيءَ يا دوتالي) تي ڳائجن ٿيون.


لفظ دنبوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو