
دنبورو
دنبورو: دنبورو هڪ قسم جو ساز آهي، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڪن تبديلين سان پنھنجي راڳ جي نظام ۾ شامل ڪيو هو. دنبوري کي سنڌيءَ ۾ تنبورو، بلوچستان ۾ دنبيره سڏيو وڃي ٿو. دنبورو قديم دور کان وٺي موسيقيءَ جو هڪ مڃيل ساز هو ۽ اوائلي اسلامي دور کان وٺي عرب- ايراني موسيقيءَ جو هڪ عام مقبول ساز بنجي ويو. تنبوري جي وڄت جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
جهڙ وڄائڻ: دنبوري جي تند وڄائڻ کانپوءِ، اڳواڻ جهَڙ وڄائيندو آهي. جهڙ جي وڄت پنجن قسمن جي ٿيندي آهي. ڀٽائيءَ جي اڳوڻي گادي نشين پير ميان غلام شاھہ چواڻي جهڙ يعقوب شھيد ايجاد ڪئي هئي تہ جيئن تند وڄائڻ کانپوءِ ڪجهہ وقفي تائين جهڙ وڄائجي، جيئن راڳائي فقيرن کي ساهي کڻڻ جو موقعو ملي ۽ اڳئين ڳايل سُر جو خيال سندن ذهن مان نڪري وڃي.
تند وڄائڻ: هر سر جي شروع ۾ ڳائڻ کان اڳ تند وڄائي انهيءَ سر جو راڳ نروار ڪيو ويندو آهي. تند کي ’زبان‘ چئبو آهي. مثال طور: سر ڪلياڻ جي بيتن ۽ واين ڳائڻ کان اڳ، اڳواڻ فقير تند وڄائيندو آهي يعني تہ تنبوري جي زبان ذريعي راڳ ڪلياڻ کي نروار ڪندو آهي.
روتالي: هن تار ۾ چار ڌڪ لڳندا آهن. هيءَ تار ايراني راڳ جي قديم تار آهي ۽ آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ رائج آهي. ڀٽائي صاحب انهيءَ روايت جي سلسلي کي قائم رکڻ لاءِ هن تار کي منتخب ڪيو. انهن ٽن تارن کانسواءِ تنبوري جون ٻہ ٻيون وڄتون آهن: تند وڄائڻ ۽ جهڙ وڄائڻ. هي ٻئي وڄتون ٽالپرن جي دور ۾ شروع ٿيون، جڏهن شاھہ جو راڳ پنھنجي مقبوليت جي لحاظ سان اوج تي پهتل هو.
ڏيڍي: هن تار ۾ ٽي ڌڪ لڳندا آهن. هيءَ خاص طور ’ذڪر‘ جي ’تار‘ آهي، تنهنڪري هيءَ تار سنڌ ۾ سماع جي سلسلي جي آڳاٽي تار آهي. ابتدا کان وٺي سماع ۾ ’ذڪر‘ هلندو هو، جنهن کي پوءِ ڳائڻ جي درجي تي پھچايو ويو. ذڪر جي سلسلي جي ڳائڻن کي ذاڪر سڏيو ويو ۽ سنڌ جا ذاڪر ملڪان ملڪ مشھور ٿيا.
ڇيڙ: ڇيڙ معنيٰ تنبوري کي رڳو ڇيڙڻ ۽ بنا ڪنهن تار وڄائڻ جي رڳو سُر ڏيڻ. ڇيڙ تي راڳ تار جي حد بنديءَ کان آزاد ٿي آلاپن تي هلندو آهي، مگر سر ۾ هوندو آهي. هن وقت ڀٽ شاھہ تي جيئن راڳ هلي ٿو تہ سواءِ چئن سرن جي ٻين سڀني سرن ۾ ڪي نہ ڪي وايون ڇيڙ تي ڳائجن ٿيون. فقط سامونڊي، آبري، حسيني ۽ کاهوڙي سُرن جي ڇيڙ تي نہ ٿيون ڳائجن. انهن سُرن جون وايون ڇيڙ بدران تار (ڏيڍيءَ يا دوتالي) تي ڳائجن ٿيون.