دنب ولي محمد

دنب ولي محمد: هيءُ ماڳ بلوچستان جي اشڪولي ماٿري- قلات کان 5 ميل اوڀر ۾ آهي. هتان مٿاڇري تان مليل شيون انجيرا 3 الف ۽ انجيرا 3 ب سان ڀيٽڻ جهڙيون آهن. هتان اسلامي دؤر جي رهتن جا نشان ملن ٿا. ان کانسواءِ توگو (Tague) ماڳ جي چئن دورن وارو ٺڪر عام جام ملي ٿو. هيءُ سنڌو تھذيب جو سهيوڳي ماڳ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو