
دنيا جا عجوبا
دنيا جا عجوبا (ڪتاب): ’دنيا جا عجوبا‘ ڪتاب جو مـرتـب ۽ محـقـق خـيـر محـمـد لـغـاري آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي مشھور عجوبن جو احوال تصويرن سميت شامل ڪيو ويو آهي، جن جي پنھنجي اهميت آهي، انهن ۾ ڪعبته ﷲ کان پوءِ ستن قديم عجوبن کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ مصر جا اهرام وغيرہ شامل آهن. جڏهن تہ باقي ڇھہ عجوبا پنهنجو وجود وڃائي ويٺا آهن، ان ڪري انهن جون تصويرون خيالي ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب ۾ عجوبن جي ترتيب کنڊن مطابق ڏيکاري وئي آهي. هي ڊبل ڪرائون ڪتاب 137 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جو مُلھہ 150 روپيا آهي.