دنيا جون درسگاهون- ڀاڱو پهريون

دنيا جون درسگاهون- ڀاڱو پهريون

دنيا جون درسگاهون ڀاڱو پهريون

دنيا جون درسگاهون- ڀاڱو پهريون (ڪتاب): هي پروفيسر مختيار جي مضمونن جو مجموعو آهي.ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون ڪاوش مڊويڪ ۾ ڇپيل آهن.. هن ڪتاب ۾ يورپ جي 44 يونيورسٽين جو تعارف ڏنو آهي. هن ڪتاب کي ٻن بابن ۾ ورهايو آهي. پهرئين باب ۾ صرف برطانيا جي 22 يونيورسٽين جو تعارف ڏنل آهي ۽ ٻئي باب ۾ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ موجود 22 يونيورسٽين جو تعارف ڏنل آهي.
ڪتاب جي ارپنا انهن شاگردن کي ڪيل آهي، جيڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سچائي سان جستجو ۽ جاکوڙ ڪري رهيا آهن.
ڊيمي سائيز، پڪي بائينڊنگ ڊسٽ ڪور سان 208 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ناليج سينٽر لاڙڪاڻو طرفان 2017ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو