
دنيا رنگ رنگيلي
دنيا رنگ رنگيلي (ڪتاب): هي هند ۾ رهندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار هرڪشن سامتاڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ۾ ليکڪ جون 9 ڪهاڻيون: ڀنور، انڌو موڙ، ڪلجڳ آ ڪلجڳ، وويڪ، وڏي، بس ڳالھہ بہ ايتري، آواز پرواز جو،آخر جوالا مُکي ڦاٽو ۽ ڪچي مٽيءَ جو دلو، شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ برک ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته، ”سندس سموريون ڪهاڻيون سنڌي سماج سان واڳيل آهن ۽ تاڄي پيٽو اهڙو تہ ڦهڪيل آهي، جو ڪا بہ تند هن ڪئنواس ۾ نہ اٽڪيل آهي، نہ لٽڪيل آهي.“ ڪهاڻين ۾ لوڀي سماج جو نقاب لاٿل آهي. اڄوڪن ٻرندڙ مسئلن تي عمديون ۽ اثر وار ڪهاڻيون آهن. ڊيمي سائيز جي 126 صفحن جو هي ڪتاب نوبل پرنٽرس پوني (انڊيا) طرفان ڇپيل آهي. مئي 2000ع ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.