دهر (سورة): قرآن مجيد جي سورة دهر کي عربي ٻوليءَ ۾ ’اَلدَهر‘ ڪري لکيو وڃي ٿو، جنهن جي تلاوت جو عدد 76 ۽ نازل ٿيڻ جو عدد 98 آهي. هن سورة کي ’سورة الانسان‘، ’الابرار‘، ’الامشاج‘ ۽ ’سورة هل اَتيٰ جي نالن سان بہ سڏيو وڃي ٿو. (روح المعاني 29: 15، فتح البيان 10: 163، الاتقان ص 11).
هيءَ سورت ٻن رڪوعن ۽ 31 آيتن تي مشتمل آهي. اسلامي محققن جي راءِ مطابق هيءَ سورة مدني يعني مديني ۾ نازل ٿي، پر ڪن محققن جي چوڻ مطابق هي سورة مڪي آهي. هن سورة ۾ ﷲ تعاليٰ خوشين ۽ تاحيات نعمتن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي آخرت ۾ ايمان رکندڙن ۽ نيڪ بندن کي حاصل ٿينديون. (تفسير المعاغي 29: 159، روح المعاني 29: 15). هن سورة جي شروعات ۾ ’حڪمت بالله‘ جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن انسان کي وجود بخشيو ۽ ان کي نيڪ ۽ خراب کي پرکڻ جي صلاحيت عطا ڪئي، ان کان پوءِ رسول اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جي صبر، استقامت ۽ تھجد گذاريءَ جو ذڪر ٿيل آهي. ان کان سواءِ هن سورة جي ڪجهہ آيتن ۾ ڪافرن، نافرمانن ۽ دنيا جي پويان هلندڙن کي بہ تنبيھہ ڪئي وئي آهي تہ هيءَ دنيا گهڻو وقت نہ رهڻ واري آهي ۽ قيامت جو هيبتناڪ ڏينهن ضرور اچڻو آهي. هن سورة جي آخري آيتن ۾ ﷲ تعاليٰ بيان ڪري ٿو تہ: رحمت، مصيبت، نجات، عذاب ۽ سڀ شيون مون (ﷲ جي) تابع آهن. (تفسير المداني 29: 177)
حديث جي علم مطابق حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم هڪ دفعو سورة العصر جي تلاوت ڪرڻ کان پوءِ اصحابه ڪرام کي فرمايو تہ: جيڪو ڪجهہ آءُ ڏسان ٿو، سو توهان نہ ٿا ڏسي سگهو يا جيڪو ڪجهہ آءٌ ٻڌان ٿو، سو توهان نہ ٿا ٻڌي سگهو؛ آسمان جو آواز برحق آهي ۽ چئن آڱرين جيتري بہ جاءِ نہ آهي، جتي فرشتن سجدو نہ ڪيو هجي. ﷲ جو قسم! جيڪو ڪجهہ آءٌ ڄاڻان ٿو، جيڪڏهن توهان کي معلوم ٿي وڃي تہ توهان کلڻ جي بدران گهڻو روئو ۽ دنيا جون سموريون لذتون ڇڏي ﷲ جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ ڊوڙو. (فتح البيان 10: 164) هڪ ٻئي هنڌ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو: جيڪو هن سورة جي تلاوت ڪندو، ﷲ تعاليٰ ان کي جنت جون نعمتون عطا ڪندو. (الڪشاف 4: 477، تفسير البيضاوي 2: 377)