دهر

دهر (سورة): قرآن مجيد جي سورة دهر کي عربي ٻوليءَ ۾ ’اَلدَهر‘ ڪري لکيو وڃي ٿو، جنهن جي تلاوت جو عدد 76 ۽ نازل ٿيڻ جو عدد 98 آهي. هن سورة کي ’سورة الانسان‘، ’الابرار‘، ’الامشاج‘ ۽ ’سورة هل اَتيٰ جي نالن سان بہ سڏيو وڃي ٿو. (روح المعاني 29: 15، فتح البيان 10: 163، الاتقان ص 11).
هيءَ سورت ٻن رڪوعن ۽ 31 آيتن تي مشتمل آهي. اسلامي محققن جي راءِ مطابق هيءَ سورة مدني يعني مديني ۾ نازل ٿي، پر ڪن محققن جي چوڻ مطابق هي سورة مڪي آهي. هن سورة ۾ تعاليٰ خوشين ۽ تاحيات نعمتن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي آخرت ۾ ايمان رکندڙن ۽ نيڪ بندن کي حاصل ٿينديون. (تفسير المعاغي 29: 159، روح المعاني 29: 15). هن سورة جي شروعات ۾ ’حڪمت بالله‘ جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن انسان کي وجود بخشيو ۽ ان کي نيڪ ۽ خراب کي پرکڻ جي صلاحيت عطا ڪئي، ان کان پوءِ رسول اڪرم صلي عليہ وسلم جي صبر، استقامت ۽ تھجد گذاريءَ جو ذڪر ٿيل آهي. ان کان سواءِ هن سورة جي ڪجهہ آيتن ۾ ڪافرن، نافرمانن ۽ دنيا جي پويان هلندڙن کي بہ تنبيھہ ڪئي وئي آهي تہ هيءَ دنيا گهڻو وقت نہ رهڻ واري آهي ۽ قيامت جو هيبتناڪ ڏينهن ضرور اچڻو آهي. هن سورة جي آخري آيتن ۾ تعاليٰ بيان ڪري ٿو تہ: رحمت، مصيبت، نجات، عذاب ۽ سڀ شيون مون ( جي) تابع آهن. (تفسير المداني 29: 177)
حديث جي علم مطابق حضور اڪرم صلي عليہ وسلم هڪ دفعو سورة العصر جي تلاوت ڪرڻ کان پوءِ اصحابه ڪرام کي فرمايو تہ: جيڪو ڪجهہ آءُ ڏسان ٿو، سو توهان نہ ٿا ڏسي سگهو يا جيڪو ڪجهہ آءٌ ٻڌان ٿو، سو توهان نہ ٿا ٻڌي سگهو؛ آسمان جو آواز برحق آهي ۽ چئن آڱرين جيتري بہ جاءِ نہ آهي، جتي فرشتن سجدو نہ ڪيو هجي. جو قسم! جيڪو ڪجهہ آءٌ ڄاڻان ٿو، جيڪڏهن توهان کي معلوم ٿي وڃي تہ توهان کلڻ جي بدران گهڻو روئو ۽ دنيا جون سموريون لذتون ڇڏي جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ ڊوڙو. (فتح البيان 10: 164) هڪ ٻئي هنڌ نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن فرمايو: جيڪو هن سورة جي تلاوت ڪندو، تعاليٰ ان کي جنت جون نعمتون عطا ڪندو. (الڪشاف 4: 477، تفسير البيضاوي 2: 377)


لفظ دهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو