دهريت: اهو نقطہ نظر، جيڪو خدا جي وجود ۽ تصور جو انڪار ڪندو آهي. هن جو استعمال انهن سڀني فلسفين ۽ مفڪرن لاءِ ڪيو وڃي ٿو، جيڪي ڪائنات جي تجرباتي شعوري دليل تي پنھنجي نقطہ نظر سان مادي دنيا کي سڀ ڪجهہ تسليم ڪندا آهن ۽ ڪنهن لامحدود، لامڪان ۽ ڪنهن پيدا ڪندڙ ذات تي يقين نہ رکندا آهن. هيءُ گروھہ دنيا کي ماضي ۽ حال ٻنهي کي قديم ۽ دائمي سمجهندو آهي ۽ انهيءَ عقيدي جي حساب سان قيامت ۽ آخرت جي زندگي کان انڪاري هوندو آهي. هن فلسفي جا مڃيندڙ رب، خلق، ثواب، عذاب، دين اسلام ۽ ٻين مذهبن کي ڪا بہ حقيقت يا آخري شيءِ نٿا سمجهن ۽ زندگيءَ جي مڙني اصولن جو انحصار پنھنجي دماغي روش تي آڌاريل قرار ڏين ٿا. هنن جي خيال ۾ عالم جي ابتدا جوهري ذرن جي اتفاقي تصادم سان ٿي، جيڪي ان کان پهرين فضا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهندا هئا. هنن کي ’دهريا‘، ’ماديت پرست‘ يا ’لادين‘ بہ چيو ويندو آهي.