دهشتگرد

دهشتگرد

دهشتگرد

دهشتگرد: لفظ دهشت جو مطلب آهي ’ڏهڪاءُ، ڊپ، خوف، ڊڄ‘ وغيرہ. عام ماڻهن ۾ هٿيارن وسيلي جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جو خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ وارن کي دهشتگرد سڏيو وڃي ٿو. نفسياتي طرح دهشتگردي، اخلاقي نفسيات جو هڪ مرض آهي. دهشتگرد ڪڏهن ڪنهن کي ماري، ختم ڪري يا نقصان پهچائي، پڇتاءُ ۽ ڏک محسوس نہ ڪندو آهي. کيس پنھنجي بُري فعل تي ڪا بہ ندامت نہ ٿيندي آهي. دهشتگرد ڪنهن مالي يا جسماني تڪليف مان ڪو بہ سبق نہ پرائيندو آهي. دهشتگرد جيڪڏهن جيل ۾ وڃي ۽ کيس سخت پورهئي سان سزا ملي، تہ بہ سندس سڌرڻ محال آهي. دهشتگرد جي اها بہ نشاني آهي تہ سندس ذهن ۾ جيڪي ڪجهہ آيو، اهو ڪم ترت ڪندو ۽ سوچيندو سمجهندو ڪونهي تہ انهيءَ جا نقصان يا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. هو پنھنجي جذبن تي قابو رکي نہ سگهندو آهي ۽ ڪاوڙ ۾ مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. دهشتگرد وٽ پيار، محبت ۽ احساس نالي ڪو جذبو نہ هوندو آهي. دهشتگرد ٿي پوڻ هڪ اخلاقي ڏيوالپڻو آهي. ماڻهن ۾ دهشتگرديءَ جون خاميون معاشري مان ئي پيدا ٿين ٿيون.
نفسيات جي ڪتابن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ ڪنهن دهشتگرد جي ماضيءَ وارين حالتن جو جائزو وٺڻ سان ڪنهن خانداني سبب کان پوءِ سندس ننڍپڻ واري پالنا جو زمانو اچي ٿو. ننڍپڻ ۾ والدين جي بي ڌياني، تعليم کان عدم دلچسپي، لالچ، بري صحبت، ننڍا وڏا ڏوھہ، ويڙهاڪ ۽ چيڙاڪ مزاج کان سواءِ خانداني پسمنظر بہ سبب بڻجي ٿو. جيڪڏهن والدين ۾ دهشتگرديءَ جون ڪجهہ نشانيون موجود آهن تہ پوءِ اولاد جي دهشتگرد ٿيڻ جو امڪان وڌي وڃي ٿو. معاشري ۾ ٻار جيڪي ڪجهہ ڏسندو، ٻڌندو، اهو ئي سکندو آهي. ننڍي ٻار کي جيڪا سکيا، گهر، اسڪول ۽ معاشرو ڏيندو، اهو ئي ڪجهہ هو پرائيندو. دهشتگرد ٿيڻ جو ٻيو سبب ذهني دٻاءَ، نفسياتي ناپختگي ۽ زندگيءَ ۾ پهتل نفسياتي زخم آهن. مسلسل بي انصافيون ۽ معاشري جون ناهمواريون بہ دهشتگرد پيدا ڪرڻ ۾ حصيدار آهن. سياستدانن جو غلط رويو ۽ غلط تشريحون بہ دهشتگرد پيدا ڪرڻ جو ذميوار آهن. دهشتگرد جي ان دهشتگرديءَ واري بري عمل سان معاشري تي تمام گهڻو برو اثر پوي ٿو. مثلاً: هڪ گهر جو ڀاتي بيگناھہ دڳ ويندي مارجي وڃي ٿو تہ انهيءَ گهر ۽ گهر جي ڀاتين تي نفسياتي طور برو اثر پوي ٿو ۽ اهي مختلف نفسياتي بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿا، جھڙوڪ: اداسي (ڊپريشن) ۽ چريائپ وغيرہ. ڪنهن ماڻهوءَ کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ ڀُنگ وٺڻ لاءِ کيس ذهني ۽ نفسياتي اذيت پهچائي وڃي ٿي، ان سان سندس مائٽن ۽ دوستن کي بہ اذيت پهچي ٿي. جنهنڪري اهي نفسياتي مريض ٿي سگهن ٿا. دهشتگرد جي پڇاڙي بہ چڱي نہ ٿيندي آهي. سندس موت گهڻو ڪري غير فطري ٿئي ٿو. يعني قتل يا آپگهات وغيرہ. دهشتگردن کي سڌارڻ لاءِ يورپي ملڪن ۾ مختلف طريقن سان چڪاسي معلوم ڪيو ويو آهي تہ 57 سيڪڙو دهشتگردن جي دماغ ۾ ناپختگيءَ واريون نشانيون موجود آهن. اتي دهشتگردن کي هڪ وڏي ورڪشاپ نما جيل ۾ رکيو ويندو آهي. کين سماجي، اخلاقي ۽ اصلاحي سبق پڙهايا ويندا آهن. کين غيرت ۽ عزت جو احساس ڏياريو ويندو آهي، پر يورپ جي انهن خاص ڪوششن جو بہ ڪو خاطر خواه نتيجو نہ نڪتو آهي. نفسيات جي ماهرن، انهن علاجن کان سواءِ ڪجهہ دوائون ۽ نفسياتي علاج ڳولي ڪڍيا آهن، پر انهن جو بہ فائدو محدود آهي. صرف عمر ۽ وقت گذرڻ سان ئي دهشتگرد ڪجهہ سڌري سگهي ٿو. يعني 40 سالن کان پوءِ سندس ڏوهن ۾ ٺاپر اڇي سگهي ٿو. هڪ نفسياتي جائزي موجب ڏوهي ماڻهو گهڻي کان گهڻا ڏوھہ 16 کان 40 سالن جي عمر ۾ ڪندا آهن.


لفظ دهشتگردھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو