دهشلا راڻي: سنڌ تي ڪيترائي سال حڪمراني ڪندڙ راڻي دهشلا، ڪورؤ، نامور حڪمران راجا دريوڌن جي ڀيڻ ۽ راجا جئدرٿ جي راڻي هئي. هيءَ ڪافي بھادر ۽ هوشيار عورت هئي. جنهنڪري سندس ڀاءُ راجا دريوڌن کيس پنهنجو نائب مقرر ڪري سنڌ موڪليو. هن راڻيءَ سنڌ ۾ پنهنجو تختگاھہ اُچ ۽ ملتان جي وچ تي هڪ شھر مقرر ڪيو، جيڪو بعد ۾ ’اسڪلنده‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. هن عظيم شھر جا کنڊرات ڳوٺ ٺٽ گهلوان، تعلقي شجاع آباد ۾ ملن ٿا، جيڪي پري پري تائين پکڙيل آهن. راڻي دهشلا ڪورؤ سنڌ ۾ اچڻ بعد سنڌ ملڪ کي خوشحال بنائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي. راڻيءَ جڏهن محسوس ڪيو تہ سنڌ اندر تعليم جي کوٽ آهي تہ هن پنھنجي ڀاءُ کي خط لکي مال ۽ اسباب سميت ٽيھہ هزار برهمڻ گهرايا، جنهن کان پوءِ سنڌ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم جو ڏيئو روشن ٿيو ۽ ملڪ ۾ پڙهڻ، پڙهائڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سڪندراعظم جڏهن سنڌ تي ڪاھہ ڪري ڦرلٽ جو سلسلو جاري ڪيو تہ راڻي دهشلا ڀاءُ راجا دريوڌن جي معرفت 30 هزار برهمڻ حفاظت ۽ مقابلي لاءِ گهرايا. جن برهمڻن سڪندر سان مقابلو ڪري پاڻ ملهايو. ميدن ۽ جتن جي جهڳڙي وقت بہ راڻي دهشتلا بھترين ڪردار ادا ڪري سنڌ ۾ امن امان کي برقرار رکيو. راڻي دهشلا سنڌ تي اٽڪل ويهن سالن تائين حڪومت ڪئي.