دهلوي شاھہ غلام محمد

دهلوي، شاھہ غلام محمد: شاھہ غلام محمد دهلوي، صوفي شاھہ عنايت جو همعصر صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. هن لکنوءَ جي ڳوٺ سرينڊه ۾ جنم ورتو. علم جي حاصلات لاءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو ۽ شيخ عنايت ٺٽويءَ کان علم پرايائين. هيءُ شيخ عبدالملڪ دکنيءَ جي خدمت ۾ بہ رهيو ۽ کانئس طريقت جو علم پرائي واپس دهليءَ ويو. صوفي شاھہ عنايت (شھيد) سان بہ سندس تعلق هو. صوفي شاھہ عنايت بہ سيد عبدالملڪ وٽان تصوف جون سخت رياضتون ڪيون هيون. ’صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ڪتاب جي مصنف موجب سيد عبدالملڪ، شاھہ غلام محمد کي صوفي شاھہ عنايت جي تعليم لاءِ موڪليو. هن صوفي شاھہ عنايت کي ظاهري تعليم ڏني ۽ شاھہ عنايت جو روحاني مرتبو ڏسي شاھہ غلام محمد سندس استاد هئڻ باوجود سندس مريد ٿيو. شاھہ غلام محمد سنڌ ۾ رهي هتي جي اصل باشندن وانگر سنڌ جو خيرخواه ٿيو. کيس سياسي ۽ حڪومتي ڪاروهنوار جي گهڻي ڄاڻ هئي. جڏهن صوفي شاھہ عنايت (شھيد) هندستان مان واپس سنڌ آيو تہ هيءُ بہ ان سان گڏ هتي آيو ۽ تصوف توڙي مذهبي رواداريءَ جي سماجي برابريءَ جي فلسفي جي تشهير ڪيائين. هيءُ نهايت اعليٰ درجي جو صوفي ۽ پنھنجي وقت جو جيد عالم هو. جهوڪ واري معرڪي دوران بہ هيءُ صوفين جي بغاوت ۾ شامل هو. صوفي شاھہ عنايت جي شهادت بعد واپس دهليءَ (هندستان) ۾ وڃي رهيو ۽ تصوف جي پرچار جاري رکيائين. سنڌ مان مخدوم عربي هالن واري جي ڀاءُ پير آسات جي اولاد مان، ميان حسين جو پٽ احمد دهلي وڃي سندس خدمت ۾ رهيو. سندس جيئري اوتاري تي ننگر هلندو هو.
هن 12 رجب 1152ھہ بمطابق 04 آڪٽوبر 1739ع تي وفات ڪئي. سندس مزار شاھجھان آباد، دهلي (هندستان) ۾ آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1739.10.04  عيسوي

هن 12 رجب 1152هه بمطابق 04 آڪٽوبر 1739ع تي وفات ڪئي. سندس مزار شاهجهان آباد، دهلي (هندستان) ۾ آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حال ﷲ ڪلهوڙو اول
حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري
دين محمد بُٺوي
لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻي
خانبهادر ولي محمد آفندي
شيري رحمان
سر وليم فرمليئن
شيخ مبارڪ ريلي سيوستاني
ارجن ڪرشن
عبدالله جروار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون