دهلي

دهلي

دهلي

دهلي: جمنا دريا جي الهندي ڪناري تي واقع هندستاني جي راڄڌانيءَ دهلي 608ھہ/1211ع کان 1858ع تائين اتر هندستان جي شاهي خاندانن جو تختگاھہ رهيو آهي. مختلف وقتن دوران هندستان تي حڪومت ڪندڙ ڪن گهراڻن جي حڪمرانن ڪجهہ وقت لاءِ دولت آباد، آگري ۽ لاهور کي پنهنجو تخت گاھہ بڻايو، مغلن، خلجين ۽ ٻين گهراڻن جي دؤر حڪومت ۾ هي شھر دارالسلطنت رهيو. تاريخي طور هن شھر کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. دهلي 1911ع ۾ برطانوي حڪومت جو دارالسلطنت ٿيو ۽ آگسٽ 1947ع کان ڀارت جو دارالحڪومت آهي.
پراڻي زماني ۾ هندوستان جي فرمانروائن جو دارالسلطنت هستاپور هو، جيڪو شھر جمنا درياھہ جي ڪناري تي آباد آهي، ۽ اڄڪلھہ دهلي سڏجي ٿو.
سلطان غياث الدين بلبن هتي قلعو تعمير ڪرايو، جلال الدين خلجي ۽ علاؤالدين خلجيءَ ڪوشڪ سيري واھہ کوٽائي هن شھر کي آباد ڪري پنھنجي دارالحڪومت قرار ڏنو. فيروز شاھہ تغلق 755ھہ ۾ فيروز آباد جو بنياد رکيو.
جيتوڻيڪ هنن حڪمرانن الڳ الڳ بستيون آباد ڪري انهن کي تختگاھہ جو درجو ڏنو، پر ٻاهرين ملڪن ۾ دهليءَ کي هندوستان جو دارالسلطنت سمجهيو ويندو هو. شاھجھان 1048ھہ دهليءَ جي ويجهو شاھجھان آباد جي نالي سان شھر آباد ڪيو. هن شھر جي آبادي ايتري تہ وڌي وئي. جو سڀ پراڻا شھر ان ۾ شامل ٿي ويا. شاھجھان 9 محرم 1049ھہ/ 1739ع تي هڪ نئين قلعي جو بنياد رکيو، جنهن کي ’لال قلعو‘ سڏيو وڃي ٿو.
1958ع ۾ مغل خاندان جي خاتمي سان ئي انگريزن آزاديءَ جي جنگ دوران يادگار عمارتن کي تمام گهڻو نقصان رسايو ۽ دارالحڪومت ڪلڪتي منتقل ڪئي. 1911ع ۾ برطانوي هندستان جو دارالحڪومت دهليءَ منتقل ٿيو ۽ نئين شھر جي تعمير شروع ٿي. جنهن کي ابتدا ۾ ’رائي سينا‘ ۽ بعد ۾’ نئين دهليچوڻ لڳا. دهليءَ جون يادگار عمارتون هيٺيون آهن:
جامع مسجد، موتي مسجد، ڪلان مسجد، کڙکي ڪي مسجد، ڪوئا ڪي مسجد، مسجد قطب الدين ايبڪ، لال قلعو، قطب مينار، مقبرو ڪبيرالدين اولياء، مقبرو نظام الدين اولياء، مقبرو امير خسرو دهلوي، مقبرو نصير الدين چراغ دهلي، مقبرو قطب الدين بختيار ڪاڪي رحه، مقبره التمش، مقبرو ناصر الدين محمود، مقبرو علاؤالدين خلجي، مقبرو غياث خلجي، مقبرو فيرزو اڌم خان، مقبرو عبدالرحيم خان خانان ۽ همايون جو مقبرو، اڪشرڌام، ڪنڊم آف ڊريمس، مهاتما گانڌيءَ جي سماڌي، مهاتما گانڌيءَ جو ميوزيم، جواهر لعل نهرو ميوزيم، اندرا گانڌي ميوزيم، نئشنل ميوزيم، لوٽس ٽيمپل، اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ وغيرہ.


لفظ دهليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو