دوا
دوا: دوا جي لغوي معنيٰ سُتي، ڦڪي، دارون درمل ۽ علاج آهي. بيماريءَ، ڦٽ ۽ روڳ جي علاج لاءِ يوناني يا ديسي طب توڙي ڪيميائي مرڪبن سان ٺهيل، گورين ۽ شربت کي اصطلاح جي معنيٰ ۾ ’دوا‘ چئبو آهي. بيماريءَ جي علامتن موجب ان جو علاج دوا سان ڪبو آهي. بيماريءَ جي تشخيص کان پوءِ دوا واپرائڻ سان جسم کي متاثر ڪندڙ جيوڙي کي مارڻ جو ڪم ڏيندي آهي. جسم جي مٿان هڻڻ وارين دوائن ۾ ملم، ڪريم، لوشن، جِيل، پائوڊر وغيره اچن ٿا. عام طور دوائن کي ٽن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي: 1. انگريزي دوائون (Allopathic Medicine)، 2. يوناني دوائون (Herbal)، 3. هوميوپيٿڪ دوائون (Homeopathic). انگريزي دوائن جي هيٺينءَ ريت اسم بندي ڪئي وئي آهي. انگريزي دوا جا ٽي نالا ٿين ٿا: (i) ڪيميائي نالو: دوا جو ڪيميائي نالو دوا جي ڪيميائي بناوٽ تي مشتمل هوندو آهي، (ii) جينياتي نالو: دوا جو هيءُ جنسي نالو با ضابطه طور هوندو آهي، جيڪو دوائن جي ڪتاب ۾ ڏنل هوندو آهي، (iii) مالڪي نالو: هيءُ نالو دوا ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ طرفان دوا تي رکيو ويندو آهي. سُور جي مشهور دوا ڊسپرين جو ڪيميائي نالو ’ايسي ٽائيل سپلي سائلڪ ائسڊ‘ آهي، جڏهن ته جينياتي نالو ائسپرين ۽ مالڪي نالو ڊسپرين آهي. مختلف ڪمپنين طرفان دوائن جا مختلف نالا هوندا آهن ۽ مارڪيٽ ۾ هڪ دوا ڪيترين ئي دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين طرفان وڪرو ٿيندي آهي. دواسازي (Pharmacy): طب ۽ ڪيميائي علم جي مدد سان مختلف مرڪبن سان ٺاهيل دوائن ۽ انهن جي محفوظ ۽ موثر استعمال کي دواسازي (Pharmacy) سڏجي ٿو. Pharmacy لفظ يوناني ٻوليءَ جي لفظ Pharmakon مان اخذ ٿيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي دوا/ دوائون. ان کي فارسيءَ ۾ دواسازي ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ Apotheke چئبو آهي، جيڪو انگريزي لفظ Apothecary مان نڪتل آهي. هندستان ۾ هن علم کي ’ويدڪ‘ ۽ مغربي ملڪن ۾ عام طور فارميسي (Pharmacy)، فارميسيوٽڪس (Pharmaceutics) يا ڊسپينسنگ (Dispensing) چوندا آهن. دواسازيءَ (Pharmacy) جو اصطلاح پهريون ڀيرو 15 کان 17 عيسويءَ ڌاري متعارف ٿيو. دواساز (Pharmist) هڪ عام ڊاڪٽر وانگر طبي مشورا ڏين ٿا. ان کان سواءِ اهي مختلف جڙي ٻوٽين ۽ ڪيميائي جزن کي ملائي ڪيتريون ڪارآمد دوائون ٺاهين ٿا، جيڪي جديد طبي گهرجون پوريون ڪن ٿيون. عالمي صحت جي اداري (WHO) جي هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ 2.6 ملين دواساز ڪم ڪري رهيا آهن. ملڪي سطح کان عالمي سطح تائين ڪيتريون دواساز جماعتون هن شعبي کي فعال بنائڻ ۾ مصروف آهن. انهن ۾ عالمي فارماسيوٽيڪل فيڊريشن، برطانيا جي رائل فارماسيوٽيڪل سوسائٽي، فارميسي گلڊ آف آسٽريليا، آمريڪن فارماسيوٽيڪل ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان فارميٽڪس سوسائٽي وغيره شامل آهن. دواسازيءَ (Pharmacy) جي شعبي کي جديد ٽيڪنالاجيءَ وڏي ترقي ڏياري آهي، جنهن ذريعي دواسازيءَ جي ڪيترين ئي پيچيدگين کي آسان بڻائي لاعلاج بيمارين جو علاج ممڪن بڻايو ويو آهي. عملي طور دواسازي جن شعبن ۽ بيمارين جي علم سان وابسته آهي، تن ۾ اسپتالون، ڪلينڪون، نرسنگ هوم، چرين جون اسپتالون ته اچن ٿيون، پر مختلف بيمارين جا علم به اچن ٿا، جهڙوڪ: هڏن جي بيمارين جو علم (Onocology)، ٻارن جي بيمارين (Pediatics)، رت جي بيمارين (Hemotology) ۽ ٻين ڪيترن اهم وبائي بيمارين متعلق ڄاڻ ۽ علاج جا شعبا وغيره. دواسازيءَ جي اهم قسمن ۾ ڪميونٽي دواسازي (Community Pharmacy)، اسپتالن سان لاڳاپيل دواسازي (Hospital Pharmacy) ڪلينڪل فارميسي (Clinical Pharmacy)، ڪمپائونڊنگ فارميسي (Compouding Pharmacy)، ڪـنسـلٽـنـٽ فـارميـسـي (Consultant Pharmacy)، انٽـرنـيـٽ فارميسي (Internet Pharmacy)، وٽرنري فارميسي (Veterinary Pharmacy)، نـيــوڪـلـيــئـر فـارميـسـي (Neuclear Pharmacy) ۽ مـلـٽـري فـارمـيـسـي (Military Pharmacy) وغيره شامل آهن. ڪميونٽي دواسازي (Community Pharmacy): هن فارميسيءَ جي طريقن ۾ دواساز پنهنجي پيشي کان سواءِ هڪ ڊسپينسري / طبي دواخانو به هلائي ٿو، اتي مختلف قسم جون دوائون ملنديون آهن. هن قسم جو پهريون دواخانو 750ع ڌاري مسلمان دواسازن بغداد ۾ کوليو هو. اسپتالن سان لاڳاپيل دواسازي (Hospital Pharmacy): اسپتالن ۾ دواسازيءَ ۽ ڪميونٽي دواسازيءَ ۾ ڪجهه فرق آهي، اسپتالن سان وابسته دواساز اڪثر دواسازيءَ جي خاص شعبن ۾ مهارت رکندا آهن. هنن جي پنهنجي شعبي ۾ هڪ خاص قسم جي تعليم ۽ تربيت ورتل هوندي آهي، جڏهن ته ڪميونٽيءَ دواساز گهڻي ڀاڱي دوائن جي خريد فروخت ۽ گراهڪن جي مسئلن سان لاڳاپيل هوندا آهن. ڪلينڪل فارميسي (Clinical Pharmacy): ڪلينڪل فارميسيءَ سان وابسته دواساز، مريضن جو سڌوسنئون علاج (Direct Treatment) ڪن ٿا. اهي صحت کي بهتر بنائڻ، بيمارين کي روڪڻ لاءِ خاص دوائون تجويز ڪن ٿا. هي دواساز به اسپتالن ۽ ڪلينڪن ۾ وڏن ڊاڪٽرن سان گڏجي ڪم ڪن ٿا. ڪمپائونڊنگ فارميسي (Compounding Pharmacy): هن دواسازيءَ جي طريقي موجب هڪ دوا کي هڪ صورت مان ٻيءَ شڪل ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو، مثال طور: جيڪڏهن هڪ دواساز هڪ گوري ٺاهي ٿو، جيڪا گهڻا مريض ڳهڻ ۾ تڪليف محسوس ڪن ٿا ته ان کي مٿئين عمل ذريعي اهڙو آسان بڻايو ويندو آهي، جو اها گوري مريض ڳهڻ بجاءِ چوسي سگهي. انٽرنيٽ فارميسي (Internet Pharmacy): هر سال سڄي دنيا ۾ ٻه هزار نون دواسازن جو اضافو ٿيندو رهي ٿو. هيءُ دواسازيءَ جو طريقو به ڪميونٽي دواسازيءَ واري طريقي سان گهڻي مشابهت رکي ٿو، فرق اهو آهي ته ڪميونٽي دواسازيءَ واري طريقي ۾ دواخاني تي وڃي دوا وٺڻي پوندي آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ فارميسي ذريعي گهر ويٺي دوا گهرائي سگهجي ٿي. جديد دور ۾ ماڻهو ان آسان ۽ وقت بچائڻ ڪري پسند ڪن ٿا. ڪئناڊا اهڙن سوَن لائيسنن مليل دواسازن جو ملڪ آهي. وٽرنري فارميسي (Veterinary Pharmacy): هن دواسازيءَ جي طريقي سان جانورن جي بيمارين جي تشخيص ۽ مرضن جو علاج ڪيو وڃي ٿو. وٽرنري دواسازيءَ کي عام دواسازيءَ کان الڳ رکيو وڃي ٿو. يوڪليئر فارميسي (Nuclear Pharmacy): هن طريقي هيٺ Radioactive Rays ذريعي مريض جي تشخيص ڪري علاج ڪيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ دواسازيءَ جي حوالي سان وڏا وڏا ادارا قائم ٿيل آهن، جن ۾ عالمي دواسازيءَ جي گڏيل ملڪن جو انتظام (فيڊريشن) به شامل آهي. دواسازيءَ بابت جرمني، برطانيه، چين، سينگاپور، ملائيشيا، آمريڪا، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪارخانا به موجود آهن. دنيا جي اڪثر ملڪن جي يونيورسٽين جيان سنڌ ۾ به سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، لطيف يونيورسٽيءَ ۾ به فارميسيءَ جو علم پڙهايو وڃي ٿو.