
دوارڪا شهر

دوارڪا مندر
دوارڪا: دوارڪا، ڀارت جي هڪ شھر ۽ تيرٿ جو نالو آهي، جتي ساڌو ۽ زائرين ياترا لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍي ويندا آهن. دوارڪا جو ذڪر ويدن ۾ ’دوارورتي‘ طور ملي ٿو. دوارورتي يا دوارڪا لفظ ’دوار‘ تان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ در، دروازو يا لنگهہ آهي. دوارڪا شھر ۽ مندر سان منسوب دوارڪا ٻيٽ، ڪڇ واري نار کان هندستاني سرحد ۾ گجرات رياست ۾ آهي، جيڪو هن وقت ’ڄام نگر‘ ضلعي ۾ شامل آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُر رامڪليءَ ۾ ذڪر هيٺ آيل ماڳن مڪانن ۾ هن قديم ماڳ دوارڪا/ دُئارڪا جو ذڪر بہ آهي: نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجا هلي، ديکي جن دوارڪا، مهيسن ملهي، آڳھ جن علي، آءٌ نہ جيئندي اُن ريءَ. (حوالو: شاهواڻي، غلام محمد، شاھہ جو رسالو، سُر رام ڪلي، بيت نمبر: 27، ص: 1031) هن وقت دوارڪا هڪ آباد ۽ جديد شھر آهي، جيڪو سنڌ جي ڪڇ واري نار کان گجرات رياست جو هڪ ننڍڙو ٻيٽ تصور ڪيو وڃي ٿو. هتي هندو ڌرم جي پوڄارين ۽ عقيدتمندن لاءِ مقدس ماڳ جو رتبو رکي ٿو. دوارڪا ٻيٽ جو ذڪر ويدن ۾ بہ آهي ۽ اُن وڏي مندر جي حوالي سان مشھور آهي، جنهن ۾ دوارڪاناٿ يعني شري ڪرشنا جو بُت رکيل آهي. تمام آڳاٽي وقت کان دوارڪا جو ٻيٽ انهيءَ مندر جي حوالي سان ئي ڄاتو ويندو هو، ڇو تہ سڄي ننڍي کنڊ جا هندو ياتري هتي درشن لاءِ ايندا هئا. لطيف سائين بہ جوڳين سان گڏجي مشاهدو ماڻڻ لاءِ هن ٻيٽ ۽ تيرٿ آسٿان تي ويو. شاھہ سائين ڀُڄ کان مانڊوي، ڪڇ وارو نار اُڪري، دوارڪا پهتو هو. ڀٽائيءَ پنھنجي رسالي ۾ هالاري ڪپڙي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو رنگ چِٽو ٿئي ۽ ڪڏهن بہ نہ ڦٽندو آهي، سو بہ ڪڇ ۽ دوارڪا ۾ ٺهندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تہ هالار پرڳڻو ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جو حصو هو. قـديم شـهـر دوارڪــا بـابـت هــڪـ راءِ اهــا بہ آهـي تہ هـيءُ شـهـر رام ڪرشن جوڙايو هو. هن زندگيءَ جا 78 سال تياڳ وٺي هتي تمام گهڻن ماڻهن کي ڌرم جي ڄاڻ ڏني هئي هيءُ بہ عين ممڪن آهي تہ ان جي عقيدتمندن هن ٻيٽ کي آباد ڪري، هتي مندر جوڙايو هجي، ڇاڪاڻ تہ هن وقت جتي مندر جڙيل آهي، اهو ان هنڌ آهي، جتي هڪ شڪاريءَ رام ڪرشن کي تير هنيو هو. ان ماڳ کي مول دوارڪا بہ چوندا آهن، ڇو تہ مهاڀارت واري دور ۾ اصلوڪي دوارڪا شھر کي سمنڊ پائي ويو هو، جيـڪو ويـراوال مـندر کان اوڀر طرف ٽيهارو ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هو. هن وقت بہ اتي رنڇوڙ جيءَ جو مندر آهي، جتي هر سال درشن لاءِ هزارين ياتري اچن ٿا. هن وقت دوارڪا جو جيڪو شھر ۽ مندر موجود آهي، سو سورهين صدي عيسويءَ ۾ ستون ڀيرو ٻڌو ويو هو. سامونڊي طوفانن ۽ آفتن سبب دوارڪا جو ٻيٽ ڇھہ ڀيرا لپيٽ ۾ آيو ۽ تباھہ ٿيو. دوارڪا مندر ۾ اڄ بہ ڪاري رنگ جي پٿر جو شري ڪرشن جو پتلو رکيل آهي، جيڪو هڪ گهوٽ جي روپ ۾ بيهاريل ڏسجي ٿو ۽ گهڻن زيورن سان سينگاريل آهي. هن مندر جي عمارت پنج ماڙ آهي ۽ سموري عمارت کي سَتن ٿنڀن تي بيهاريو ويو آهي. هيءَ تاريخي ۽ مذهبي عمارت ڏسڻ وٽان آهي. دوارڪاناٿ مندر کي ٻہ لنگهہ يا دروازا آهن، جن ۾ داخل ٿيڻ واري دروازي ’سورگيه دوار‘ (جنت جو در) ۽ ٻاهر نڪرڻ واري دروازي کي ’موڪش دوار‘ (آزاديءَ يا مڪتيءَ جو در) ڪوٺيو وڃي ٿو. مندر جي چوٽيءَ تان گومتي نديءَ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ وارو نظارو ڏسي سگهجي ٿو. هيءُ مندر بنھہ اوچو ٺهيل آهي ۽ قديم تعميراتي فن جو شاهڪار لڳي ٿو. مندر واريءَ ۽ لائيم اسٽون سان جوڙيو ويو آهي. دوارڪا ڀرسان گومتي دوارڪا بہ آهي. گومتي دوارڪا ۽ مول دوارڪا وچ ۾ هڪ گوپيءَ جو تلاءُ آهي. (گوپيون اهي خدمت گذار عورتون هيون، جيڪي شري ڪرشن سان ننڍي هوندي پريم ليلائون ڪنديون هيون.) هن گوپيءَ واري تلاءُ کي بہ هندو ياتري ۽ پوڄاري وڏي عقيدت جي نگاھہ سان ڏسن ٿا. ان کان سواءِ هن وقت دوارڪا ۾ ڀوليناٿ جو مجسمو بہ رکيل آهي، جيڪو دوارڪا ايندڙ ياترين جي ڄڻ آجيان ڪري ٿو. شري ڪرشن جي راڻي رڪمڻي ديويءَ جو مندر بہ دوارڪا جي آسپاس آهي، جتي ٻيڙين تي وڃڻو پوي ٿي. هي اهم مندر پڻ فن تعمير جو هڪ نادر نمونو آهي. ان کان سواءِ واسديو مندر، ديوڪي مندر، بلرام مندر، سڀادرا ديوي، ستيا ڀما ديوي ۽ ٻيا مندر بہ هتي موجود آهن. دوارڪا هن وقت هندستان ۾ هندو مذهب جو ستون نمبر وڏو تيرٿ آسٿان آهي. دوارڪا ٻيٽ/ شھر هن وقت هندستان جو وسندڙ ۽ آباد شھر آهي. جتان جي آبادي هزارن ۾ آهي. ياترين جي سهولت لاءِ ريلوي رستا پڻ موجود آهن.