دواڻ

دواڻ (مڇي): دواڻ، سمنڊ جي مڇي آهي، جنهن جي پٺيءَ تي ڇلر نہ ٿيندا آهن. هن جو منهن نڪتل، پڇ سهڻو، وات جي ڄاڙيءَ مٿان اکيون، اڇا ۽ ڪارا چمڪندڙ پٽا ۽ پٺيءَ تي هڪ اڀو ڪنڊو ٿيندو آهي. هن جو بت گولائون ٿئي ۽ ان کي ٻہ ڪنڊا هڪ ڪنهڙ کان هيٺ ۽ ٻيو پٺيءَ واري اُڀي ڪنڊي جي سڌائيءَ ۾ ٿئي. هن کي ڪنهڙ سان گڏ ٻہ پنک بہ ٿين. هن جو رنگ ڪارو ٿئي ٿو. هن جي ڊيگهہ 9 فوٽن کان مٿي ۽ وزن اٺ نوَ ڪلو ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو