
دوباغي واري ڪليڪٽر رهائشگاهه
دوباغي واري ڪليڪٽر رهائشگاھہ: هيءَ تعميراتي يادگار خيرپور رياست جي زماني جو يادگار آهي. هي عمارت پهرين مسافر خاني طور تعمير ٿي، جنهن کي پوءِ ڪليڪٽر جي عارضي رهائشگاھہ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. هيءُ عمارت تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ ڳوٺ نور بوزدار جي ويجهو واقع آهي. عمارت بالڪل زبون حاليءَ جو شڪار آهي. دوباغي جو ڪليڪٽر روزاني علائقي جي سنڀال تي ايندو هو ۽ هتي قيام ڪندو هو ۽ ايريگيشن کاتي جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪندو هو. عمارت جي سنڀال نہ ٿيڻ سبب هي تعميراتي يادگار گهڻي عرصي کان پنھنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. عمارت رٿ ۾ پڪسرائين آهي، مهاڙي ۾ ونگن وارا ٽي لنگهہ اٿس، اندر ورانڊو ۽ ٻہ ڪمرا ٺاهيا ويا هئا. پاسي کان ڇت تي وڃڻ لاءِ چاڙهي پڻ ٺاهي وئي هئي، جيڪا هن وقت مڪمل طور ڊهي وئي آهي. عمارت کي پيلي رنگ سان چوني جو ليپو ڏنل آهي. ڇت تي ٻيڙ ٻنو ۽ ان ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارا آهن. عمارت هن وقت پنهنجو پراڻو اوج مڪمل طور وڃائي چڪي آهي. اندر توڙي چوڌاري ڊڀ وغيرہ ڦٽي آيا اٿس. مقامي ماڻهن پاران زمين قبضي ۾ ڪري پوک ڪئي وئي آهي. عمارت ڪنهن بہ قسم جي سرڪاري سنڀال هيٺ ناهي.