دودائڪو دڙو

دودائڪو دڙو: سنڌو تھذيب واري دؤر سان تعلق رکندڙ هيءُ دڙو ضلعي لاڙڪاڻي جي قلي ڳوٺ کان ارٿر شاخ جي اولهندي پاسي رشيد وڳڻ ويجهو نصير آباد روڊ سان واقع آهي. ماضيءَ ۾ هي دڙو گهڻي ايراضيءَ تي پکڙيل هو، پر هن وقت فقط 5 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. ماڻهن هن دڙي جي زمين تي قبضا ڪري هن تاريخي دڙي کي وڏو نقصان رسايو آهي. هتان مليل ٺڪراٺو سنڌو تھذيب مان مليل وٿن سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. هن دڙي لاءِ ماهرن جي راءِ آهي تہ هيءُ دڙو موهن جي دڙي جو سهيوڳي هوندو. هيءُ دڙو زميني سطح کان 25 کان 30 فوٽ اوچو آهي. هتي ٻہ کوٽيل کڏا مليا آهن، جن اندر سڙيل مٽيءَ جا ٻہ تھہ ملن ٿا. دڙي جي اتر واري پاسي ۾ ويهن فوٽن جون ڊگهيون قبرون بہ مليون آهن. انهن قبرن لاءِ روايت آهي تہ اهي اجتماعي قبرون آهن، جيڪي ڪنهن معرڪي ۾ شھيد ٿيلن جون ٿي سگهن ٿيون. دڙي جي ڀر ۾ ارٿر شاخ کان هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي قبرستان بہ آهي، جيڪو 70 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن قبرستان ۾ سمن، سومرن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر جون قبرون ملن ٿيون، جيڪي بہ تحقيق طلب آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو