دوداڻي (ذات): دوداڻي سنڌ ۾ هندو توڙي مسلمانن جي هڪ ذات آهي. هندن جي ذات وارا ’هرجپال‘ نک سان واسطو رکن ٿا. سندن مکيہ آبادي لاڙڪاڻي، قنبر، وارھہ، نصير آباد ۽ حيدرآباد ۾ رهندي هئي. مشھور تاريخدان ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جي لکت موجب دوداڻي اصل پنجاب کان آيا هئا، سندن وڏو ڏاڏو دودا سنگهہ ’سردار دودا سنگهہ‘ سڏبو هو ۽ پنجاب جي مهاراجا رڻجيت سنگهہ جو ويجهو عزيز هو. ٻنهي عزيزن جي وچ ۾ اڻبڻت کان پوءِ سردار دودا سنگهہ پنجاب ڇڏي، پنهنجن چئن پٽن سميت لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ اچي رهيو. سنڌ ۾ اچڻ بعد دودا سنگهہ جي پٽن وچ ۾ اهو سوال پيدا ٿيو تہ خالصو ٿي رهجي يا مونو ٿي؟ انهيءَ ڳالھہ تان ڀائرن جو پاڻ ۾ ايترو تضاد ٿيو، جو هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا! هڪڙو ڀاءُ لاڙڪاڻي ۾ وڃي رهيو. ٻيو قنبر طرف عيسى جي ڳوٺ ۾ گهر ڪري وڃي ويٺو، ٽيون تعلقي نصيرآباد لڏي آيو ۽ چوٿون حيدرآباد هليو ويو. انهن سڀني هنڌن تي سندن اولاد رهندو هو ۽ سڀ ’دوداڻي‘ سڏبا هئا. مشھور اديب نرنجن دوداڻي آمريڪا ۾ رهي ٿو. سنڌي مسلمانن ۾ بہ دوداڻي نک يا پاڙو آهي.