دودو

دودو- I (1092ع- 1068ع/ 485 هه- 461 هه): دودو نج سنڌي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ: پهلوان، سگهارو، صحتمند، سهڻو ۽ ڳڀرو جوان آهي ۽ ڪن تاريخدانن دودي لفظ جي معنيٰ ’راج ٻل‘ يعني ’ملڪ جي سگهه ۽ زور‘ ڄاڻائي آهي. دودو، ڀونگر سومري ي وفات کان پوءِ سنڌ جي تخت تي ويٺو، جيڪو به پنهنجي پيءَ وانگر تخت نشينيءَ وقت ننڍيءَ عمر جو هو، جنهن جي جوان ٿيڻ تائين ساڳين وفادار اميرن ۽ وزيرن جي انتظامي ڪائونسل حڪومت هلائيندي رهي، جيڪا سندس والد جي دور ۾ قائم ٿي هئي. جڏهن دودو وڏو ٿيو ته پاڻ حڪومت جون واڳون سنڀاليائين. هيءُ سنڌ جو جري ۽ بهادر حاڪم ثابت ٿيو. هن پنهنجي حڪومت جون سرحدون ملتان سميت هيٺينءَ سنڌ جي اوڀر ۾ نصرپور تائين وڌايون. رياستي حدن ۾ وسعت آڻڻ انهيءَ حقيقت جو کليل ثبوت آهي ته ملڪي معاشرو اقتصادي ۽ سماجي طور تي اڳتي وڌي رهيو هو، جنهن ڪري دودي ثقافتي بنياد تي پنهنجي رياست جي سرحدن ۾ واڌارو ڪيو. هن چوويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ ڌيءُ زينب عرف تارا ٻائي ۽ هڪ پٽ سنگهار نالي ڇڏي وفات ڪئي. دودي پهرئين 485 هه/ 1092ع ۾ وفات ڪئي، سندس پٽ سنگهار ننڍو هو، انهيءَ ڪري حڪومتي انتظام سندس ڌيءُ تارا ٻائيءَ سنڀاليو ۽ 7 سال دليريءَ سان حڪومت ڪرڻ کان پوءِ 491 هه/ 1098ع ۾ حڪومت پنهنجي ڀاءُ سنگهار جي حوالي ڪئي.


لفظ دودوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو